ـ3 سالن کان پاڻي نه ٿو پهچي . انهن لاءِ نيون سپليمينٽريون نڪرنديو تڏهن وڃي پاڻي پهچندو، باقي مان سڀاڻي پاڻ ٿو علي بحر واهه جي چورن کي وڃي ٿو ڏسان ٻن ڏينهن ۾ جي پاڻي نه پهچي ته پوءِ ميار ڏجو . جڏهن کانئس پڇيو ويو ته علي بحر واهه تي اوهان تعلقي ناظم کي پل ٻڌڻ جي اجازت ڪئين ڏني ؟ چيائين ته مون کي خبر ناهي، انجنئير ٻڌايس ته تعلقي ناظم ٻڌائي ويو هو . جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا چيف انجنئير جي اجازت کانسوءِ به پل ٻڌي سگهجي ٿو يا اوهان جي انجنئيرن جي سروي کانسواءِ ڪم ٿي سگهي ٿو ؟ پوءِ کين ڪيئن صحيح ڪري ڏني ؟ پوءِ به چوندو رهيو ته مونکي خبر ناهي، جڏهن صحافين پڇيس ته سکر پريس ڪلب اوهان جي آفيس کان گهڻون پري آهي جو 9 2 ڏينهن کان پوءِ آيا آهيو ۽ اوهان اهو بيان ڪيئن ڏنو هيو ته مونکي مون کي بکهڙتالين جي خبر ئي ناهي، جڏهن ته ڌرڻا اوهان جي آفيس جي اڳيان لڳندا رهيا آهن ۽ چيف جو جواب مطئمن ڪندڙ ڪين هو چيف چيو اڪثر ٻاهر رهندو آهيان مون وٽ 5 ضلعا آهن .جيڪو چيف ڪوڙ هنيو پاڻ مهيني جي 0 3 ئي ڏينهن سکر رهندو آهي جڏهن کائنس پڇيو ويو ته اوهان جي واهن ڪينالن شاخن تان ڪل ڪيترا وڻ وڍجي ويا آهن ؟ چيائين مونکي صحيح خبر ناهي کانئس پڇيو ويو ته باقي وڻ ڪيترا بچيا آهن ؟ چيائين ته هن وقت انگ اکر موجود نه آهن جڏهن سوال ٿيس ته ڪل ڪيترا هئا ؟ ته به جواب ڪون ڏئي سگهيو بتال ٿي صحافي کي چيائين ته اوهان وڏا صحافي آهيو ٻڌايو ته سکر ۾ ڪيترا دڪان آهن ؟ ان چيس ته دڪان ڳڻڻ منهنجو ڪم ناهي باقي وڻن جي رکوالي ۽ ڪٽجڻ جي صورت ۾ فريادو ڪٽرائي شيون برآمد ڪرائڻ تنهنجي رکوالي ۾ شامل آهي مان سمجهان ٿو سنڌ جي ڪنهن به اخبار ٽي وي چئنلن وارن وٽ انگ اکر ناهن ته سنڌ ۾ ڪل ڪيترا وڻ شاخن سان هيا هاڻي ڪيترا بچيا آهن ۽ چوري ڪٽيلن جي ملڪيت ڪيتري ٿيندي جي پوءِ انهن جو احتساب ئي ڪونه ٿيندو چيف انجنيئر ان ڳالهه جو به انڪارڪيو ته ڊرينيج ڊويزن ايريگيشن جو ڪو وجو د به آهي يا انهي پاران ڪي ٽيوب ويل به لڳل آهن يا انهن جا ڪي آپريٽر چوڪيدار ۽ اوور سيئر به مقرر ٿيل آهن مون کيس ٻڌايو ته پ پ اڳواڻ آبادگارن جي ضلعي صدر اڳوڻي ايم پي اي قادر بخش مري جي اها دعوا آهي ته رياست خيرپور جي مهاعدي موجب روهڙي ڪينال جي ڪري پيدا ٿيندڙ سم جي خاتمي جي لاءِ ڊرنيج ڊويزن ايريگيشن خاتو جوابدار رهندو ۽ سم پاڻي جي نيڪال لاءِ ٽيوب ويل هلرائي پاڻي واپس روهڙي ڪينال ۾ وجهرائيندو اوهان ئي ان جا چيئرمين به آهيو 0 3 سالن گزرڻ باوجود آبپاشي عملدارن ڪوبه تدارڪ ناهي ورتو ڇو ؟ چيف انجنيئر مسلسل انڪار ڪندو رهيو ته اها ڊرينيج ڊويزن وجود نه ٿي رکي نه ان لاءِ ڪا بجيٽ آهي.
چيف انجنيئر سلوسن بند ڪرائڻ بابت چيو اهو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي مان ڪجهه نه ٿو ڪري سگهان مون کيس ٻڌايو سپريم ڪورٽ ۾ ڪچي جا وڏيرا 6 سلوسن مان ٻن جا فريادي بڻيا هئا جنهن لاءِ توهان سيڪيٽري ايريگيشن منسٽر ايريگيشن جا بار بار واعدا ڪيل آهن ته اسين سلوس بند ڪرايون ٿا چيف صاحب اوهان خود 0 2 ڏينهن اڳ مون کي فون تي ٻڌايو پئي ته مان 2 سلوس بند ڪرائي آيو آهيان باقي 2 بند ڪرائڻ لاءِ سڀاڻي پوليس وٺي وڃي بند ڪرائيندس ڇا ڪاڻ ته بغير پوليس جي ڪچي جا زميندار مارڻ ٿا اچن ليڪن بئي ڏينهن خبر پئي ته چيف صاحب ڪو به سلوس بند ڪرائڻ ڪونه ويو هو نه ئي ٻئي ڏينهن پوليس کي وٺي ويو بلڪه جن صحافين کي اوهان ٽائيم ڏنو اهي سڄو ڏينهن اوهان جو انتظار ڪندا رهيا هاڻي اوهان پاڻ ئي ٻڌايو ته ڪنهن جي ڳالهه تي اعتبار ڪجي اوهان اسان سان ڪڏهن رابطو ڪيو هو ؟ چيائين ته ڪانڊيري سهتي سان رابطو ڪيو هئيم ان به ترديد ڪندي روبرو چيس مونسان ڪنهن به رابطو نه ڪيو آهي.
7 هزار ايڪڙن کي برباد ته ڪن ئي ڪن ٿا پر کانئس اجازت وٺڻ کانسواءِ ساريال واٽرن جي اجازت پاڻ ئي ڏيو ويٺا آهن!! ان سان گڏوگڏ سوين جهٽا، چوسر پمپ، ڪٽ، ونجهيون هڻي داروغا، سرويئر پنهنجي بالاعملدارن جو مٿو ڪوڙيو ويٺا آهن، ان جو ثبوت هي آهي ته جڏهن چيف انجنيئر مختلف شاخن تي رينجرز وارا گهرايا ته انهن هڪ ڏينهن اندر هڪ ئي ويهو واهه تي 1 2 ڊگڊگا پمپ پڪڙي کڻي آيا هئا. معنيٰ ته منسٽر جي اجازت کان بغير واٽر منظور ڪيون ويٺا هئا! ليڪن انهن جي خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ويندي آهي، اهڙي جٺ هي هر شاخ سان ڪندا رهندا آهن. جڏهن چيف انجنيئر کان پڇيو ويو ته علي بحر واهه جون ڪل آرڊيون ڪيتريون آهن ۽ ڪهڙي آر ڊي تائين پاڻي پهتل آهي؟ ان لاءِ اي سي کان پڇڻ لڳو. ۽ ان چيو 0 9 تائين پهتل آهي، بک هڙتالي مير محمد سومري چيس ته ان ار ڊي تائين ته اسان قرآن کڻي آيا هئاسين ته به پاڻي ڪونه پهچايو هيو، 2 8 آر ڊي تي منهنجو واٽر آهي، جتي اڄ پاڻي ڪونه آهي، هاڻي ڪٿان پهتو؟ جڏهن چيف انجنيئر کان پڇيو ويو ته علي بحر واهه تي ڪوٻري شاخ کان سواءِ ڪنهن به شاخ کي دروازو ڇو نه لڳل آهي؟ ان جو جواب وٽس ڪونه هيو! اهڙي طرح ڪنهن به شاخ کي گهربل گيج يعني منظور شدهه پاڻي ڪونه ٿو ڏنو وڃي ڇو؟. هر شاخ تي اڌ کان هيٺ پاڻي نٿو پهچي ڇو؟ ان جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا يا توهان مجبور آهيو، ايم اين اي ۽ ايم پي اي پاڻي زوري کڻن ٿا ۽ اوهان انهن جي خلاف قدم نٿا کڻي سگهو؟ يا اوهان جو سڄو اسٽاف پاڻي وڪڻي ٿو ته ڪجهه به ڪڇي نه سگهيو؟ ان تي سندس وفد جي ايس ڊي او سخت احتجاج ڪيو اوهان اسان کي چور ٿا سمجهو ۽ ڪرپٽ ٿا سڏيو؟ تنهن تي بک هڙتالي ڪامريڊ ڪانڊيري سهتي کيس سخت ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان جا خرچ شاهاڻا ڪٿان ايندا آهن؟ اوهان جي پگهار ڪل 0 2 کان 5 2 هزار آهي پر اوهان وٽ 0 5 هزار جي موبائيل فون آهي، اوهان جا بنگلا ڪروڙن جا آهن، اهي پاڻي وڪڻي نه ٺاهيا اٿوَ ته ڪٿان ٺاهيا اٿوَ؟ چيف کي چيائين ته تنهنجو اسٽاف آبادگارن جو قاتل آهي، انهن کي پاڻي وڪڻڻ جي اها اجازت ڪنهن ڏني آهي؟ جي تون شريڪ نه آهين ته پوءِ پاڻي پڇڙي وارن آبادگارن کي ڇو نه ٿو پهچي؟ ڪانڊيري چيس ته ان لاءِ راضي ٿيندوَ ته محترم ادريس راجپوت کان انڪوائري ڪرايون ته پاڻي وڪامي ٿو يا قدرتي کوٽ سبب پڇڙي وارن کي نه ٿو پهچي؟ انهي ايس ڊي او جي خبر پئجي ويندي ته هو ڪيترو ايماندار آهي؟ جو تنهنجي سامهون اسان جي بک هڙتالي ڪيمپ تي ايماندار هجڻ جي لاڦ ٿو هڻي. پوءِ چيف پنهنجي ايس ڊي او کي خاموش ڪرايو پر ڪانڊيري کي خاموش ڪير ڪرائي؟ جنهن جو انگ انگ سڙيل آهي، پاڻي لاءِ جدوجهد جا 0 2 سال گذاري چڪو آهي، ان کي ايس ڊيئڙو پيو پنهنجي ايمانداري جو سبق سيکاري! چيف انجنيئر صاحب بار بار ان تي زور ڏيندو رهيو ڪي علائقا اهڙا آهن جتي سالن کان پاڻي نه پهتو آهي، مان زور ڪري في الحال پهچائي ته ويندس پر اهو مستقل حل ناهي، مان انهي لاءِ ٻن سپليمينٽري شاخن جون ”پي سي ون“ ٺاهيون آهن هڪ پير منڱيو وٽان ٻي محبت واهه ۽ سنڙي واهه لاءِ ۽ اهڙيون ڪوٽ لالو جي پڇڙي جي واهن لاءِ پڻ ٺاهڻيون پونديون. جڏهن ته مون کانئس پڇيو ته پير منڱيو ۽ محبت واهه جي سپليمينٽري لاءِ ٻن سالن کان ٻڌندا اچون ٿا، جي واقعي پي سي ون ٺاهيون اٿئو ته ان لاءِ ڪيترا ڪروڙ رکيا اٿئو؟ چيف انجنيئر صاحب چيو ته هن مهل ياد ڪونه آهي، اسان سندس انجنيئرن کان پڇيو ته اهي به اها رقم ٻڌائي ڪونه سگهيا!! ان جي معنيٰ اهي به اڃا ٺاهيون ڪونه اٿن! مان انهي مان اهو ئي سمجهان ٿو ته نئين سپليمينٽري لاءِ زور ان لاءِ ڏئي رهيو هيو ته هڪ ته سندن پاڻي وڪڻڻ وارو ڪاروبار به جاري ساري رهي ۽ ٻيو سپليمينٽري لاءِ پاس ٿيل رقمن مان ڪروڙين روپيا کائي سگهن، جيئن گڏيجي سپليمينٽري لاءِ رکيل چار ڪروڙ 2 6 لکن مان مشڪل سان هڪ ڪروڙ جو ڪم ڪرايائون باقي رقم ونڊ ورڇ ڪئي ويئي. جڏهن ڪامريڊ ڪانڊيري کيس چيو ته اوهان جو انجنيئر 0 5 لک ڪيئن ڪڍرائي حج تي ويو، تون ان کي پئسا ڪيئن ڪڍڻ ڏنا؟ جڏهن ته ان پنهنجي نون مهينن ۾ ڪوبه ڪم نه ڪرايو هو!؟ چيائين مان ان ۾ ملوث نه آهيان. ڪانڊيري چيس ته ان ۾ صحيح ته تو ئي ڪئي هئي؟
هاڻي اچون ٿا چيف انجنيئر جي اعلانن تي جيڪي ميڊيا سان هو ڪري ويو هو، پهريون ڏينهن جڏهن ڊي سي او خيرپور کي وٺي شاخن جي سروي تي نڪتا ته ڪنهن به اخبار واري کي يا چينل واري کي پاڻ سان گڏ وٺي ڪونه ويا، يعني واعدو پورو نه ڪيائون. ٻيو ڪنهن به شاخ جي منڍ کان سروي ڪرڻ مناسب نه سمجهندي روڊن سان ويا. پوءِ کين ڪيئن معلوم ٿئي ته منڍ ۾ پاڻي چور ڪهڙيون وارداتون ڪيو ويٺا آهن. ٽيون ڪنهن به شاخ جي گيج چيڪ نه ڪيائون ته منظور ڪيتري آهي، ۽ هن مهل ڪيتري وهي رهي آهي ۽ ڪنهن به شاخ جي پڇڙيءَ تائين ڪين ويا؟ البته ايترو چين ته جتي بيٺا آهيون اتي ئي پاڻي ڪونه آهي ته پوءِ پڇڙي تي ته يقينن پاڻي ڪونه هوندو، جڏهن ته ان سان خود ڊي سي او صاحب کي خبر پوي ها ته هيٺ ڪيترا ڪلو ميٽر شاخ آهي، ان جا ڪيترا واٽر بند آهن، پنجون ٻن ٽن شاخن گرڪڻو، علي بحر واهه، جهاجهه شاخ جي پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ سندن داروغن سرويرن، ايس ڊي او هڪ سئو واٽرن ۽ ٽن شاخن جا پاڻي بند ڪرايا هيا، ته جيئن چيف صاحب آبادگارن کي پنهنجي ڪرشماتي طاقت کان آگاهه ڪري سگهي ۽ پڇڙي وارن کي مطمئن ڪري سگهي، ليڪن ايڏي وڏي وٺ پڪڙ باوجود پاڻي پهچائڻ ۾ ناڪام ٿيا، پوءِ آبادگارن کي اهو چئي مطمئن ڪندا رهيا ته هاڻي اسان اي سي ۽ ڊي ڊي اوز ۽ رينجرز کي مقرر ڪيو آهي، اهي سائيٽن تي ڪيمپ هڻي ويهندا، جيسين پڇڙين تي پاڻي پهچي، ليڪن ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود ڪا به ڪيمپ نظر نه آئي، نه ڪي انهن ڪنهن به شاخ تي لڳل غير قانوني ڊگڊگا چوسر پمپ ئي پٽيا آهن!! جيئن پهرين ڏينهن رينجرز وارا ويهو واهه تان 1 2 پمپ پٽي کڻي آيا هئا. هاڻي سوال آهي ته جيڪي سالن جا سال پاڻي وڪڻن واري ڪروڙين جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن ڇا انهن ئي آفيسرن مان اها اميد ڪجي ته اهي ئي مسئلي جو حل به ڪڍي ڏيندا. چيف صاحب جي ايڪشن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو آبادگارن کي پاڻي پهچائڻ ۾ ڪيترو سنجينده آهي؟ ڪالهوڪي اخبارن ۾ خيرپور انفارميشن آفيسر جو هينڊ آئوٽ ڇپيو آهي، جنهن ۾ چيف هڪ داروغي کي معطل ڪيو آهي، ڇا چيف صاحب کي 0 7 هزار ايڪڙ پاڻي نه پهچڻ ۾ جوابدار فقط هڪ داروغو ئي نظر آيو؟!؟ چيف صاحب جي اهڙي چابڪ دستي تان قربان وڃجي، ڇا ته سنجيدگي جو مظاهرو ڪري ڏيکاريو اٿائين! ان بعد اسان سندس ڪارڪردگي تي عدم اعتمادي جو بيان جاري ڪڍندي چيو ته جيڪي عملدار خود آبادگارن جي تباهي ۽ بربادي جو بنيادي سبب آهن، اهي ڪيئن آبادگارن جا مسئلا حل ڪندا. لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت خود سنجيده به ڪونهي. اسان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ٿا ڪريون ته سوئوموٽو ايڪشن کڻي خيرپور جي آبادگارن جو تدارڪ ڪري ۽ بک هڙتالي آبادگارن جون حياتيون بچائڻ لاءِ پهلڪاري ڪري.
چئن ڏينهن کانپوءِ ميڊم نفيسه شاهه رابطو ڪيو پر شام تائين ڪانه پهتي، سڄي ضلعي جا آبادگار موٽي ويا وري صبح جو رابطو ٿيو ته اسين اچئون پيا، اسان جا ساٿي نذر لاڙڪ، مير منور ٽالپر، استاد مسرور حسين جمون ۽ نياز حسين خاصخيلي پهچي ويا هيا. ڊي سي او خيرپور محمد عباس، چيف انجنيئر هارون ميمڻ سان چاليهن ماڻهن جي جٿي سان اچي لٿا، ميڊم ڏسڻ سان چيو ته هنن جا چهرا ٻڌائين ٿا ته هنن جي بک هڙتال حقيقي آهي، چهرا ئي روڙجي ويا اٿن. مون کي پنهنجن ساٿين تي فخر ٿيڻ لڳو، ممڪن هيو ته مان خوشي وچان روئي پوان، ان ڪري منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيم، نفيسه شاهه چيو ته اوهان جي مطالبن تحت ضلعي ۾ چيف ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان تي عمل ٿي رهيو آهي، مون چيس اهي سڀ آفيسرن جون رپورٽون غلط آهن، تڏهن ته اسين اڃا بک هڙتال تي آهيون، سڀ کان پهريون مون نفيسه شاهه کان پڇيو ته اوهان جو 5 3 ڏينهن کانپوءِ بک هڙتالين سان ملڻ آيا آهيو، ڇا اسان جي مطالبن کي جائز تسليم ڪيو ٿا؟ يا پنهنجن آفيسرن جي رپورٽنگ کي؟ چيائين اوهان جي شڪايتن کي جائز سمجهان ٿي. مون پڇيس ته اوهان ڪا حڪمت عملي تيار ڪري آيا هوندو؟ ٻڌايو ته آبادگارن جا مسئلا حل ڪيئن ڪرائيندو؟ پڇڙي وارن کي پاڻي ڪيئن پهچرائيندو؟ چيائين ته هنن کي اوهان وٽ وٺي آئي آهيان، اوهان ۽ اسان گڏجي هنن کي مجبور ڪنداسين ته پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي پهچائين. مون کيس ٻڌائڻ شروع ڪيو ته ايريگيشن وارن اسان بک هڙتالين سان 6 0 0 2 ع ۾ معاهدو ڪيو هو اهي ڪچي وارن جا سلوس بند ڪندا، مٿان هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو هيو، اوهان به پنهنجي دور ۾ اهي سلوس بند ڪرايا هئا، آخر اڄ تائين اهي سلوس بند ڇو نٿا ٿين؟ چيف کان پڇيائين، ان چيو ڪچي وارا سپريم ڪورٽ ۾ ويا آهن، اسين مجبور آهيون، مون چيو سپريم ڪورٽ ۾ ٻن سلوسن وارا ويا آهن، باقي چار سلوس هنن پاڻ بند نه ڪيا آهن. ميڊم پڇيس ته سپريم ڪورٽ جو اسٽي آرڊر ڪيترن جو اٿو؟ چيف چيو ته چئن جو. مون پڇيس ته ڏيکاريو!؟ چيائين ته هن وقت موجود نه آهي، مون ميڊم نفيسه شاهه کي ٻڌايو ته ڪچي وارن سپريم ڪورٽ جي رٽ ۾ لکيو آهي ته اسان کي رياست جي دور ۾ 8 هزار 9 سئو ايڪڙن جي آبادي لاءِ اجازت مليل هئي، اها بحال ڪئي وڃي. جڏهن ته اهو ساڳيو موقف ايريگيشن جا بالا عملدار ۽ هاءِ ڪورٽ رد ڪري چڪي آهي ته رياست پاران هنن کي ڪا به اهڙي لکت ڪانه ڏني وئي هئي. سندن ڪاغذات جڙتو آهن، پر جيئن ته ڪچي وارا سپريم ڪورٽ کان پاڻي گهرن ئي 8 هزار 9 سئو ايڪڙن لاءِ ٿا. پوءِ هي ڪچي وارن کي 0 4 ، 0 5 هزار ايڪڙن جو پاڻي ڇا ا· جي نالي تي ڏيندا آهن؟ يا پئسن تي وڪڻندا آهن؟ ميڊم نفيسه شاهه چيو ته پنهنجا سپريم ڪورٽ جي اسٽي آرڊر جا ڪاغذ کڻي اچو، ان لاءِ تاريخ ٿا مقرر ڪيون، ڊي سي او کي گڏجاڻي ارينج ڪرڻ لاءِ چيائين، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويندو. مون نفيسه شاهه کي وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته حڪومت خلاف پاڻيءَ کوٽ جا جيڪي روز مظاهرا ٿين ٿا، ان جو اهم سبب ايريگيشن وارن جو پاڻي وڪڻڻ آهي. خيرپور ضلعي ۾ سارين جي پوک تي 4 4 1 قلم لاڳو هجڻ باوجود هڪ لک ايڪڙ ساريون پوکيل آهن. جڏهن ته ساريال واٽر منظور ڪرائڻ جي اجازت ايريگيشن منسٽر ڏيندو آهي يا چيف منسٽر ڏيندو آهي. ليڪن هنن 0 0 4 سئو واٽر پنهنجي داروغن، ڪينالن، اوور سيئرن ۽ ايس ڊي اوز جي معرفت ڏئي ڇڏيا آهن!!. هڪ ته منسٽر کي بيوقوف بڻائي ويا ٻيو ڏهه ڪروڙ روپيا سيزنل رشوت به کائين ويٺا، ٽيون آبادگارن کي اربن جو نقصان ڏيارين پيا، چوٿون اوهان جي حڪومت کي بدنام ايترو ڪيو اٿن، جو اوهان جي خلاف اوهان جا پ پ جا ڪارڪن مون سان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويهي ويا آهن. چيف انجنيئر جواب ڏيندي چيو ته اسان سارين کي ختم ڪرڻ لاءِ اسپري ڪرايا آهن. جنهن سان سندن فصل سڙي ويا آهن. رهيل به اسپري ڪرايون ٿا. ميڊم نفيسه شاهه چيس ته جڏهن ته 4 4 1 قلم لاڳو آهي ته سڀني کي اسپري ڇو نٿا ڪرائي ڇڏيو، مون ٻڌايس ته ان سان سڄي ضلعي ۾ بغاوت ٿي ويندوَ، مظاهرا ٿيندوَ، آفيسر اوهان کي وڏي مصيبت ۾ وجهڻ چاهين ٿا، ان ڪري فقط ان جي تحقيقات ڪرايو، هڪ لک ايڪڙن جي سارين جو پاڻي منظور ٿيل ئي ڪونه هو، پوءِ ايريگيشن وارن سارين لاءِ پاڻي ڪنهن جي اجازت سان ڏنو هو ۽ ان مان ڪيترا ڪروڙ روپيا وصولي ڪين، ان ۾ ڪير ڪير ڀائيوار آهي جي ملوث ثابت ٿين ته مٿن قانوني قدم کڻايو؟ نفيسه شاهه ڊي سي او صاحب کي چيو ته اها ڳالهه به ميٽنگ ۾ رکرائي وڃي ۽ چيف انجنيئر کي چيائين پنهنجي عملي کي ڪنٽرول ڪيو، جيڪو اسان جي حڪومت جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيو آهي. نه ته مان اوهان جي لکت ۾ شڪايت ڪنديس ۽ اسيمبلي ۾ به اوهان خلاف آواز اٿارينديس. وڌيڪ مون کيس ٻڌايو ته علي بحر واهه مان نڪرندڙ شاخن کي به پاڻي ڪونه ٿو پهچي، جڏهن ته چيف انجنيئر هتي دعويٰ ڪري ويو هو ته مان پاڻ وڃي پاڻي پهچائڻ جو بندوبست ڪيان ٿو. ليڪن پاڻي پوءِ به ڪونه پهتو. ساڳي وقت فيض گنج جي پندرهيو واهه، علي نواز واهه، ويهو واهه، جهاجهه شاخ، امن شاخ جا هڪ سئو کان وڌيڪ واٽر ڪورس بند آهن، محبت واهه ۽ سنڙي واهه جي پڇڙين جي 8 1 ، 8 1 واٽرن کي پاڻي نٿو پهچي. علي بحر واهه جا 5 2 واٽر ڪورس بند آهن، علي بحر مان نڪرندڙ ڪوٻري شاخ جا 8 1 واٽر ڪورس بند آهن، موجائي شاخ جا 7 واٽر ڪورس بند آهن. ڪولاب جيئنل شاخ جا اٺ واٽر بند آهن، سوڀو ديري تعلقي جي 8 شاخن سٺ واٽر بند آهن. چيف انجنيئر صاحب ٻه ڏينهن پنجاهه واٽر ڪورسن جا منهن بند ڪرايا ته مان پير وسڻ تي علي بحر واهه جو پاڻي پهچائي ڏيکاريان. ليڪن پوءِ به پاڻي پهچي نه سگهيو، جڏهن ته پير وسڻ کان به هيٺ چار ڪلو ميٽر پڇڙي پوئتي آهي، جنهن کي چيف ۽ ڊي سي صاحب ڏسڻ ئي ڪين ويا هيا، نفيسه شاهه چيف انجنيئر کان پڇاڻو ڪيو ته ان ٻڌايس ته مون تمام گهڻيون ڪوششون ورتيون ليڪن سسٽم ۾ فالٽ آهي وغيره وغيره. اسان جي بک هڙتالي ساٿي مير محمد سومري چيو ته اسان اڳين دفعي جڏهن بک هڙتال ڪئي هئي سين ته اوهان اهو ساڳيو جواب ڏنو هيو. پوءِ اوهان کي ٻه ڪروڙ روپيا منظور ٿي مليا پوءِ به اسان کي پاڻي ڪونه مليو، معنيٰ اوهان جا آفيسر پئسا کائي ويا، اوهان رڳو اهڙا منصوبا ٿا ٺاهيندا وتو جنهن سان هر دفعي اوهان کي وڌيڪ نوان ڪروڙ ملندا رهن ۽ اوهان کائيندا رهو، تنهن تي چيف انجنيئر ٿورو چڙ ۾ اچي ٻڌائڻ شروع ڪيو ته اسان لوهه جا فريم ٺهرائي وڌاسين، هي ڪيو سين، هي ڪيو سين، تنهن تي ميڊم نفيسه شاهه ٽوڪيندي چيس ته پوءِ به پاڻي پڇڙين تائين پهچي ڇو نه سگهيو؟؟؟. چيف خاموش ٿي ويو. اسان جي ساٿي چيس ته سياسي ماڻهو پاڻي چوري ۽ زوري کڻن ٿا، هي اوهان کي ٻڌائي ڇو نٿو؟ پوءِ به چيف خاموش رهيو، مون ٻڌايس ته سياسي ماڻهو 0 2 سيڪڙو رعايت وٺندا آهن ته هي 0 8 سيڪڙو پاڻي وڪڻندا آهن، انهيءَ ڪري انهن 0 2 سيڪڙو طاقتور سياسي ماڻهن مٿان بيان نه ڏيندا، ڇو ته انهيءَ بهاني 0 8 سيڪڙو پاڻي وڪڻي سگهن ٿا، جي انهن مٿان بيان ڏين ته اهي به کين ڪين بخشيندا ۽ هنن جو ڌنڌو ٺپ ٿي ويندو. ميڊم نفيسه شاهه کين تنبيهه ڪندي چيو ته پنهنجو سسٽم درست ڪري ڏيکاريو، پڇڙين تائين پاڻي پهچايو نه ته مان اوهان جي خلاف شڪايت لکنديس ۽ اسيمبلي ۾ به آواز اٿارينديس. تنهن کانپوءِ مون کيس ٻڌايو ته اسڪارپ جي 0 5 5 بند پيل ٽيوب ويلن جا سبب آفيسرن جا ساليانا ٽي ڪروڙ رويپا هڙپ ڪرڻ آهي، جنهن جي پي ڊي اسڪارپ وضاحت ڪرڻ شروع ڪئي، مون سندس وضاحت ۽ لکيت ۾ ڏنل رپورٽ جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته 2 7 2 ٽيوب ويل هلي رهيا آهن کي به چيلينج ڪندي چيو ته اسين چاهيون ٿا ته ادريس راجپوت يا اي اين جي عباسي کان انڪوائري ڪرايو. اسڪارپ کي ملندڙ ساليانه ٽي ڪروڙ روپيا ڇا تي خرچ ٿي رهيا آهن. نفيسه شاهه ان کان لنوائيندي رهي، پوءِ مون چيس ته اوهان جي پ پ جا معتبر اڳواڻ قادر بخش مري ۽ غلام قاسم جسڪاڻي صاحب کي مقرر ڪيو، اهي توهان کي صحيح صورتحال جي رپورٽ ڏيندا، اوهان کي اصل صورتحال جي خبر پئجي ويندي، ان ڪاميٽي لاءِ اسان نذر لاڙڪ، مير منور، مير محمد سومرو، ڪانڊيرو سهتو پنهنجو نالو ڏنو جيڪا ڪاميٽي فيصلن تي عمل ڪرائيندي. تنهن لاءِ به نفيسه شاهه ڊي سي او صاحب کي متوجهه ڪيو ته ان جي رپورٽ به مون کي ملڻ گهرجي، اصل صورتحال ڇا آهي ۽ ان لاءِ به اوهان ٻنهي ڌرين جي ميٽنگ رکرائي ٽيوب ويل هلرائڻ لاءِ ڪوششون وٺو، جيڪي گهربل سفارشون ممڪن ٿي سگهن ٿيون اهي پڻ لکي ڏيندا ته مان ان کي منظور ڪرائڻ لاءِ چيف منسٽر سان ڳالهائينديس. مون نفيسه شاهه کي چيو ته اوهان لکت ۾ ضمانت ڏيو ته اوهان جي هنن مطالبن جي حل ڪرائڻ جي مان ضامن آهيان. انهي کان نفيسه شاهه لنوائيندي رهي ۽ چوندي رهي ته هي آفيسر ئي قانوني طور ان جا ضامن آهن، انهن کي ئي ان جو جوڳو بندوبست ڪرڻو آهي. تنهن تي مون چيس ته انهن جي آسري ۽ ڏٽي تي اسين بک هڙتال ختم ڪر ڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون، ڊيڊ لاڪ پيدا ٿي رهيو هو، پوءِ چيائين ته مان شين جي لڪ آفٽر ڪرڻ جي پاڻ ذميواري کڻان ٿي، جيسين اوهان جا مسئلا حل نه ٿيندا تيسين مان پاڻ ڳالهين جي نگهباني ڪندي رهنديس. مسئلن کي حل ڪرائڻ دوران جيڪي به دشواريون پيدا ٿينديون رهنديون انهن کي درست ڪرائيندي رهنديس. هر هفتي ڪم جي رفتار جي رپورٽ ميٽنگ ۾ ڪيل فيصلن ۽ انڪوائرين جون رپورٽون مٿي پهچائيندي رهنديس، جنهن تي بک هڙتالين به راضپو ڏيکاريو. آخر ۾ مون کيس چيو ته جيڪي پڇڙي جا آبادگار سوڪهڙي جي ڪري ۽ ٻيا سم جي ڪري زرعي بينڪ جا 8 3 2 ڪروڙن جا ڊفالٽر ٿي ويا آهن، اهي قرض معاف ڪيا وڃن. وڏي خيالن جي ڏي وٺ کانپوءِ ان تي متفق ٿياسين ته جيڪي به ڊفالٽر آبادگار آهن انهن جي بنيادي کنيل قرضن جي اصل رقم قسطن ۾ وصول ڪئي وڃي ۽ وياج معاف ڪيو وڃي. انهيءَ لاءِ وزيراعظم ۽ صدر کي لکي موڪليون ٿا ۽ اميد ته منظوري ملي ويندي، اسين به ساڻس متفق ٿياسين، باقي گڏيجي سپليمينٽري جي افتتاح لاءِ چيائين ته مان پاڻ افتتاح ڪنديس، تاريخ پهرين جولاءِ طئي ٿي، مون کيس چيو ته ان شاخ جو نالو شاهه عنايت رکيو وڃي، جو اوهان به چئو ٿا ۽ محترمه بينظير صاحبه به ناري ۾ ديهه تجل جي مثالي ڳوٺ ۾ زمين ورهائيندي اعلان ڪيو هو ته اسين شاهه عنايت جي پروگرام جو تسلسل آهيون. جي شاخ جو نالو ڪامريڊ رکوس ته وڏي مهرباني، جي پنهنجي پ پ ورڪر ۽ مسلسل بک هڙتالون ڪندڙ ڪانڊيري سهتي جو نالو رکوس ته به اسان کي خوشي ٿيندي، جي اڳوڻي وزير صدر الدين شاهه جو نالو رکوس جو ان ئي پوڻا پنج ڪروڙ روپيا منظور ڪرائي ڏنا هيا، ته به اسان کي ڪو اعتراض ناهي. ڪنهن پيپلي چيو ته شاخ جو نالو شهيد بينظير ڀٽو رکو، ان تي به اسان چيو ته بينظير صاحبه جي وڏي قرباني آهي، انهيءَ نالي تي به اسان کي ڪو اعتراض ناهي. اسان ته چاهيون ٿا ته اسان جي شاخ هلي ۽ ماڻهن تائين پاڻي پهچي. مون نفيسه شاهه کان پڇيو ته چيف منسٽر صاحب سم جي خاتمي لاءِ ڏهه ڪروڙ منظور ڪيا آهن، ڇا انهي سان سم ختم ٿي ويندي؟؟ ڪنڌ ڌوڻيندي انڪار ڪندي چيائين ته نه، مون پڇيس ته اوهان جي ضلعي ۾ هڪ سئو ٽيوب ويل صوبائي اسيمبلي جي ميمبر نعيم کرل کي مليا آهن، انهي تي حق پڇڙي جي آبادگارن جو آهي يا ڪچي وارن جو؟ چيائين ته نعيم کرل کي اڃا هڪ سئو ٽيوب ويل مليا ڪونهن، جي ملن ٿا ته پوءِ واقعي انهن تي حق پڇڙي وارن جو بڻجي ٿو. مون کيس تجويز ڏني ته جتي ايريگيشن عملدار مڪمل پاڻي پهچائڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا، اتي اتي چار چار يا پنج پنج ڪيوسڪ جا ڏهه ڏهه ٽيوب ويل هڻائي ڏنا وڃن، جيڪي ڇڙيي پاڻي سان گڏجي پوکن کي آباد ڪري سگهن، تنهن سان اوهان ڪروڙن روپين جي سپليمينٽرين جي خرچن کان به بچي ويندوَ ۽ آبادگار جي به شڪايت ڪانه رهندي. آخر ۾ اهو طئي ٿيو ته هڪ مهيني جي اندر پڇڙين تائين پاڻي پهچايو ويندو ۽ سڀني مسئلن جو حل ڪڍي، معنيٰ ان تي عمل ڪري ڏيکارڻو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت يعني قائم علي شاهه صاحب جنهن پنهنجي نياڻي بک هڙتال ختم ڪرائڻ لاءِ موڪلي ۽ اسان به سندس مان مٿانهون ڪيو ۽ شاهه صاحب خيرپور ۾ پنهنجي پسند جو ڊي سي او به رکرايو آهي، چيف انجنيئر ايريگيشن، چيف انجينئر اسڪارپ پنهنجا رکرايا اٿس ۽ ان سان گڏ سندس نياڻي به ڄڻ نگهباني لاءِ مقرر ٿي آهي، اهي سڀ سندس حڪومت جي عزت وڌرائڻ لاءِ ڪهڙو ٿا زور لڳرائين، ڪڏهن ٿا پنهنجي ضلعي جي پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي پهچرائي دعائون کٽن. آخر ۾ مون کي چيو ويو ته اوهان دعا گهرو. مون بلند آواز سان هي دعا گهري ته مالڪ پ پ کي ۽ سندس حڪومت کي پنهنجي پارٽي منشور تي ۽ اليڪشن ۾ ڪيل واعدن تي مڪمل عمل ڪرائڻ جي توفيق ڏي، پ پ جڏهن اقتدار کان ٻاهر هوندي آهي ته مسئلن تي ڪجهه نه ڪجهه احتجاج ڪري آڱر وڍرائي شهيدن ۾ شامل ٿيندي آهي. ليڪن اقتدار ملڻ بعد انهيءَ ساڳي پروگرام تي عمل ڪرائڻ کان لنوائڻ لڳندي آهي. انهيءَ پ پ جي اڳواڻن کي پنهنجن ڪيل واعدن تي عمل ڪرڻ جي توفيق ڏي، جي اهي عمل نه ڪري سگهن ته پوءِ اسان شاهه عنايت شهيد جي ساٿين کي ايتري سگهه ڏي جو پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ ٻيهر جدوجهد هلائي سگهون، سڀني چيو آمين. ميڊم سڀني کي جوس پياريا ۽ ميڊيا اڳيان اعلان ڪندي چيو ته هنن بک هڙتالين انهن مسئلن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي جيڪي اسان جا پنهنجا مسئلا آهن، اهي اسان کي پاڻ ئي حل ڪرڻ گهرجن ها، ليڪن مسئلا پراڻا آهن، ڪافي توجهه جي گهر ڪن ٿا، اميد ته هاڻي انهن کي درست ڪرائڻ لاءِ باقاعده مڪمل توجهه ڏئي حل ڪرائينديس، اميد ته آئينده شڪايت ڪانه ٿيندي. سندس اعلان کانپوءِ سڀني هڪٻئي کي مبارڪون پي ڏنيون مان ۽ منهنجا ساٿي حسب معمول هڪٻئي کي ڀاڪر پائي روئي رهيا هئاسين.
Filed under: ڪامريڊ غلام رسول سهتو،روزاني عوامي آواز | Leave a comment »