موسمون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن. هڪڙي موسم ته هوندي آهي سياسي، جنهن جو ڪو به پتو نه پوندو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪڏهن ڇا ٿيڻو آهي. جيڪي ڪجهه ٿيندو آهي، اهو اوچتو ئي اوچتو ٿي ويندو آهي، تنهن ڪري سياسي موسم جي باري ۾ ڪجهه چئي ڇڏڻ هوا ۾ ڦوڪون ڏيڻ جي برابر آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن ملڪ ۾ ڪو سسٽم نه هوندو آهي، اتي اتفاقات ئي جنم وٺندا رهندا آهن. سو ڀڄ پري انهيءَ موسم کان، اچ اصلي موسم تي يعني وسڪاري جي هن موسم تي ته اُڀ ڇا ٿو چوي، هوائن جا رخ ڪيڏانهن آهن، درياءَ شاهه بادشاهه جو ڪهڙو حڪم آهي ۽ سمنڊ ڪهڙي رنگ ۾ آهي، اڳ ڇا ٿيو ۽ هاڻي ڇا ٿيندو. پاڻ جو جنهاڻ ڳوٺ وارو مائٽاڻو گهر به ٿر ۽ گرين بيلٽ جي ڪس تي آهي ۽ ڄامشوري ۾ هاڻوڪو گهر به ڪوهستان ۽ گرين بيلٽ جي ڪس تي آهي، تنهن ڪري ذر ذر اڀ ڏانهن نهارڻو ٿو پوي. ڳوٺ ۾ به ماڙيءَ تي چڙهي ٿر ڏانهن ويندڙ ڌراڙن ۽ مال کي ڏسڻو پوندو هو ۽ هتي به جبل ڏانهن ويندڙ ڌراڙن ۽ مال کي ڏسڻو ٿو پوي. اڃا ته ڪا اهڙي چرپر ڏسڻ ۾ نٿي اچي. ڏسڻ ۾ اچي به ڪيئن جو اڃا تائين اڀ جون اکيون خالي آهن. اڀ روئندو ۽ لڙڪ ڳاڙيندو (مينهن جي صورت ۾) تڏهين وڃي ڪا خبر پوندي ته هائو ٻيلي ملڪ ملير (سائو) ٿي پيو آهي. باقي موسميات کاتي جي ڦوڪن تي ڪو نه لڳبو. پراڻيون ۽ بيڪار مشينون رکيو ويٺا آهن، سو جيڪا ڳالهه ڪن سا اونڌي. مثال سامهون آهي، هفتو ڏيڍ اڳ هام هڻي ويٺا ته ڏکڻ سنڌ ۾ زوردار هوائن سان ڪا وڏي ٻوڏ ٻوڏان ٿيڻ واري آهي ۽ سمنڊ ۾ وڏو ڪو طوفان اچڻ وارو آهي، پر اڃا ته ست خير لڳا پيا آهن. ڇا جو مينهن، ڇا جو طوفان، هروڀرو کڻي سرڪاري ڪارندن کي به مصيبت ۾ وڌن ۽ تو مون پارن کي ڪوڙا آسرا ڏنن. جيڪو به انهن همراهن جي ڳالهين تي لڳو، تنهن جا ٻئي جهان چٽ هوندا.
ڳالهيون ته ڳچ آهن، پر جي ڇتو واهوندو (ڏکڻ اولهه کان ايندڙ تيز هوا) لڳو ۽ ڳئون واري چٽڻ شروع ڪئي ته سمجهو ته ڪارو ڏڪار آهي، پر جي ڳئون اڀ ڏانهن نهاري هوا کي سنگهڻ لڳي ۽ سپر هاءِ وي تي ڳوهون ڊوڙ ڊوڙان لائي ڏين ته سمجهو ته مينهن جي وٺ وٺان هوندي، پر جيڪو ماحوليات ۾ خرابو پيدا ٿي ويوآهي، انهيءَ خرابي ڳئون کي به منجهائي وڌو آهي ۽ ڳوهون به وائڙيون ٿي ويون آهن. تنهن ڪري جيئن سياسي موسم جي اڳڪٿي ڪري نٿي سگهجي، ائين ئي مينهن جي باري ۾ به ڪا پڪي پختي ڳالهه ڪري نٿي سگهجي. سو وري به ڳالهه جي تان وڃي ٽٽندي اتفاقات تي. تنهن ڪري موسم جي باري ۾، درياءَ جي باري ۾، سمنڊ جي باري ۾ ”سمجهوته“ (Suppose) کان ئي ڪم وٺڻو پوندو، سو سمجهوته جي هن موسم ۾ گهڻو مينهن وسندو ته ڇا ٿيندو؟ ٿيندو اهو ته هڪڙي پاسي ٿر ۽ جبل جا ماڻهو خوش ٿيندا ته ٻئي پاسي حليم بروهيءَ جي لفظن ۾ ”وڏو گند“ ٿيندو.
اسان ايڏا ته سياست زده ٿي ويا آهيون جو هر ڳالهه کي سياسي اينگل کان ڏسندا آهيون. جي ڪو ڳائڻو يا فنڪار آفيمون کائي، چرس ڦوڪي ۽ ڪچو ٺرو پيئي وڃي کٽ جهلي ته به مٺي وقت جي سرڪار. جي ڪو پنهنجن ارڪانن جي ڪري گهڻي مينهن ۾ پنهنجو گهر ٻوڙائي ويھي رهي ته به نه وڃي وقت جي سرڪار. جي سمنڊ ڌوڙهيا ڪري اٿي ته به سڄو بار وقت جي سرڪار تي. سو رڳو سياسي يا غير سياسي سياستدانن ڏانهن ڪو نه ڏسبو. ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي سماجي تاڃي پيٽي ڏانهن به ڏسبو. سرڪار کان پنڻ تي زور ڪو نه ٻڌبو، ڪجهه پنهنجي به گهوٽڻي پوندي.
اڳي پاڻ جا وڏا اجتماعي شعور کان ڪم وٺندا هئا، هاڻي سڀ جا سڀ سيڪنڊ هئنڊ معلومات جي پويان لڳل آهيون، تڏهين ٿو ڪم خراب ٿيئي. سو به خاص ڪري وسڪاري جي هن موسم ۾. جيئن هينئر ماڻهو اخبارن ۾ ۽ ٽي ويءَ ۾ منهن وجھيو ويٺا هوندا آهن، ائين ئي اڳي ماڻهو اڀ ۾، زمين تي، وڻڪار ڏانهن هوائن کي نظر ۾ رکيو ويٺا هوندا هئا. تڏهين اهي سڀ ئي ڏيک چٽا نظر ايندا هئا. کين اڳواٽ خبر پوندي هئي ته ڪڏهين ۽ ڪيترو مينهن پوڻ وارو آهي ۽ مينهن جي پاڻيءَ جا ڪهڙا ڪهڙا لنگهه آهن ۽ اهو پاڻي ڪٿي وڃي ٿو ڪري. خلقت کي خبر هئي ته مٿانهين جڳهين تان ايندڙ نيون هڪڙو ته سمنڊ ۾ وڃيو ٿيون ڪرن، ٻيون سنڌو درياءَ جي حوالي ٿيون ٿين ۽ پاڻيءَ جا ٽيا لنگهه وري گم ٿي ويل هاڪڙي درياءَ جي ڀيٽ تائين وڃي ٿا پهچن. پاڻيءَ جا ڪي وهڪرا وري ڍنڍن، ڍورن، ڍورين، ترائين ۽ ڏرڙن ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. انهيءَ ڪري ماڻهو پاڻ پاڻيءَ جي انهن لنگهن کان پاسي تي گهر اڏيندا هئا ته جيئن سندن گهر ٻڏي نه وڃن ۽ حياتين توڙي گهرن جو نقصان نه ٿئي. مال به رهڙي کان بچي وڃي. هونئن به تڏهين اها چوڻي مشهور هئي ته ”ڪڏهين به باهه ۽ پاڻيءَ سان کس نه ڪجي“. پر وقت گذرڻ سان گڏ ماحولياتي خرابو به وڌندو ويو، انساني آبادي به وڌندي ويئي ۽ ماڻهن نيچر تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏنو ته اجتماعي شعور کان به محروم ٿيڻ لڳا. کين اها سرت ئي نه رهي ڪٿي گهر ٺاهڻ گهرجن ۽ ڪهڙا ٺاهڻ گهرجن. ائين ڏينهون ڏينهن اهو سلسلو وڌندو ويو. جيڪي پاڻيءَ جا لنگهه هئا، اتي کيڙيون ڪري ٻنيون پوکيون ويون، گهر ۽ اوطاقتون ٺاهيون ويون، نتيجي ۾ اهي لنگهه بند ٿي چڪا آهن. هاڻي جي هن مند ۾ چار يا پنج انچ به مينهن ٿو وسي ته ٻوڙ ٻوڙان شروع ٿيو وڃي ۽ ماڻهو توڙي مال ڪڏهين لڙهيو وڃن ته ڪٿي وري گهر لڙهيو وڃن. جيڪي بچن اهي وري بي گهر به ٿين ۽ بيمارين جو شڪار به ٿيو وڃن. ڪن پاڻ، پوءِ ڦاسي اچي وقت جي سرڪار. پاڻيءَ سان کس ڪن پاڻ ڏوهه وري ٻين جو. حقيقت ته اها آهي ته اڳي جيڪڏهن رڪارڊ 90 انچ مينهن به پوندو هو ته به ماڻهن ۽ مال جو بچاءُ ٿي ويندو هو، هاڻي 5 انچن ۾ ملڪ چٽڻي. ٻه ٽي سال اڳ به ائين ٿيو هو، سو جيڪڏھن هن ڀيري به مينهن گهاٽو ٿو پوي ته پوءِ ته رڙيو رڙ هوندي، سو اهو خيال خود خلقت کي رکڻ گهرجي. جتي 90 انچ مينهن به پيو آهي، اتي جيڪڏھن هاڻي پنجن انچن جي بدران ڏهاڪو انچ مينهن پيو ته ماري وجهندو. سو ٻيلي، ڪجهه نيچر ڏانهن به ڌيان ڌريو. اڀ جو ڪو ڀروسو ناهي. پاڻ جو ڪم آهي ڪن کڻائڻ.
اچو سائين درياءَ تي. 1991ع جو سال هجي، سرڪار ته نواز شريف جي هئي، پر زمانو ڄام صادق عليءَ جو هو. سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي ڦڏو ٿي پيو. نتيجي ۾ بلوچستان ۽ سرحد جي چيف منسٽرن سان گڏوگڏ سنڌ جو چيف منسٽر ڄام صادق علي ۽ پنجاب جو چيف منسٽر مسٽر وائين جي گڏجاڻي ٿي. جنهن کي اردوءَ ۾ ”جام وائين“ به چئي سگهجي ٿو. ظاهر آهي ته ٻنهين جي ذهني ليول ۾ وڏو فرق هو. انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ شطرنج جي راند ته ڄام صادق علي جي هٿ ۾ هئي ۽ سڀ ساريون سنڌ جي حق ۾ ويون. ائين 1991ع واري پاڻيءَ جي معاهدي جنم ورتو. هاڻي سنڌ جي هر ماڻهوءَ جي هڪ پيئي پوي ته سنڌو درياءَ جو پاڻي انهيءَ معاهدي تي عمل ڪندي سنڌو درياءَ جو پاڻي ورهايو وڃي. بهرحال جڏهين 1991ع ۾ اهو معاهدو ٿيو ته سنڌ جي حق ۾ آواز اٿاريندڙ لاهور جي ليکڪ ”منو ڀائيءَ“ کي اهو اچي فڪر لڳو ته ڪٿي انهيءَ معاهدي مان سنڌ کي ڪو نقصان ته نه رسندو. منو ڀائيءَ سان گڏوگڏ بين الاقوامي سطح جون ڊاڪيومينٽريون ٺاهيندڙ ماحوليات پسند شيرين پاشا کي وري اها لار لڳي ته ڪٿي سنڌو درياءَ جي ڇوڙ وٽ شديد قسم جو ماحولياتي خرابو ته پيدا نه ٿيندو، (جنهن تي اڳتي هلي ڊاڪيومينٽري به ٺاهيائين). شيرين پاشا به لاهور ۾ ئي رهندي آهي، اهو فڪر ڌاري ٻئي ڄڻا هن بندي وٽان اچي نڪتا. صلاح اها بيٺي ته رشوت جي هاڃي ۾ ورتل ڪنهن چڱي مڙس انجينئر کان پڇا ڪرڻ ۽ لئبريريون ڦلهورڻ جي بدران درياءَ شاهه بادشاهه جي نس نس کان واقف رهندڙ ۽ درياءَ جي اصلي وارث مهاڻن کان پڇائون ڪري معاهدي جي حقيقت ڪڍجي. اتفاق سان اسان ٽنهين ڄڻن کي اھو گرُ اچي ٿو ته لئنڊ ڪروزر مان لهي ڪنهن مسڪين مڙهي سان پوٺي تي ويهي کيس پنهنجو ڪري سندس اندر جو احوال ڪيئن ڪڍجي. سنڌ جو ويچارو هر هاري يا مسڪين مهاڻو وڏي گاڏي ڏسي پاسو ڪري لنگهندو آهي ۽ اها دعا به گهرندو آهي ته ”يار رب، حقئون به رک ناحقئون به رک“. سنڌ جو ستايل ماڻهو ائين نه ڪري ته ٻيو ڇا ڪري. سو اسان جا ڀاڳ ڀلا ٿيا جو ڄامشوري واري پراڻي پل جي ڀر ۾ سائينداد ملاح جي ڳوٺ هڪ جهور پوڙهو مهاڻو ملي ويو. پهرئين ته پاسو ڪيائين، پر پوءِ جڏهين ڏٺائين ته جيڪي ٻه مرد ۽ هڪڙي عورت گاڏيءَ مان لٿا آهن، اهي ماڻهن جهڙا ماڻهو آهن. ائين اسين چارئي ڄڻا هڪڙي دڪانڙي جي سامهون پٽ تي ويهي رهياسين. شيرين پاشا ته چُني لاهي ڪانڀ ٻڌي ويهي رهي، جو کيس سنڌ جي ڪلچر جي گهڻي ڄاڻ هئي. مون مترجم جو رول ادا ڪيو، ڳالهيون ڇڙي پيون. پوڙهو مڙس اهو حال ڏسي کلي پيو. چوڻ لڳو ته ”سٺ ستر سال اڳي پنجاب تائين اسان پلو مارڻ ويندا هئاسين. بابي منهنجي کي چوان ته جيڪا پلي جي آني هوندي آهي، انهيءَ هڪڙي آنيءَ ۾ ٽي چارڪروڙ آنا هوندا آهن، جن مان ٻچا ڦٽي نڪرندا آهن. پر پوءِ هڪڙيون ٺهيون پليون، مٿان وري اسان جي همراهن ڇا ڪيو جو اڳي جيڪو سُٽ جو رڇ استعمال ڪندا هئا، انهيءَ جي جاءِ تي کڻي نائلون جا رڇ ڪم ۾ آندائون. سُٽ جو ڌاڳو وڍ نه ڏيندو آهي ۽ پلي جا ننڍڙا ٻچا انهيءَ مان لنگهي ويندا آهن، پر هاڻي جيڪو ڌاڳو رڇ ۾ هنيل آهي، اهو ڌاڳو اهڙو آهي، جهڙو پاڪِي. جيڪو پلي جو ٻچو رڇ مان نڪرڻ جي ڪري ته وڍ اچيو وڃيس. وڍ جي ڪري زخمي ٿي مريو وڃي. هاڻي ته پلو کائڻ کان سِڪي ويا آهيون“.
پوڙهي ڳالهه پوري ڪئي ته اسان پنهنجي ڳالهه تي آياسين. ”چاچا، اها ڳالهه ته ٺيڪ پر تازو سنڌ جي ڄام ۽ پنجاب جي ڄام درياءَ جي پاڻيءَ جو سودو ڪيوآهي“.
”نه ٻچا نه، ائين وري ڪيئن ٿيندو. بادشاهه ٿورئي درياءَ جو سودو ڪندا آهن. بادشاهه دريائن جو سودو نه ڪندا آهن، پر درياءَ بادشاهن جو سودو ڪري ڇڏيندا آهن. ڪئين آيا ۽ ويا، پر درياءَ ڪو نه مڙندو“.
”اهو وري ڪيئن؟“ پڇيو سونس.
”منهنجيءَ امان کي چوان“ جهونو شيرين پاشا سان مخاطب ٿيو”درياءُ شاهه بادشاهه آهي عاشق، سمونڊ آهي معشوق. معشوق جبلن مان اٿندڙ عاشقن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي، انهيءَ ڇڪ تي عاشق ڊوڙندو ڊوڙندو اچي معشوق کي ڀاڪر پائيندو آهي ۽ پاڻيءَ سان پاڻي ٿي ويندو آهي. جيڪڏھن ڀلا ڪو بادشاهه کيس ونگ وجهندو آهي ته عاشق پنهنجو رستو مٽائي، ٻئي پاسان ٽپ ڏيئي اڇلون کائيندو وڃي معشوق ڀيڙو ٿيندو آهي. بابا، درياءَ جي واٽ ڪير جهلي“. ائين اصل مام پڌري ٿي بيٺي. جيڪي به درياءَ جبلن مان اٿندا آهن، اهي ڪشش ثقل (Center of Gravity) جي سائنسي اصول موجب ڇڪ کائي سمنڊ تائين پهچندا آهن. اها هڪ عام فطري ڳالهه آهي. سنڌو درياءَ تي ڪجهه بند اڳ ۾ ئي جوڙيل آهن، انهن ۾ به سِلٽ ڀربي پيئي وڃي. بند مان سلٽ ڪڍڻ لاءِ بند تي ايندڙ خرچ کان 600 ڀيرا وڌيڪ خرچ ڪرڻو پوندو. ايترا پئسا هيءُ غريب ملڪ ڪٿان آڻيندو؟ تنهن کانپوءِ انهن بندن جي نتيجي ۾ چار پنج سال اڳ ضلعي رحيم يار خان وٽان سنڌو درياءَ کاٻي پاسي اٿل کاڌي هئي ۽ پڪي جا ڪجهه علائقا ٻوڙي وڌا هئائين. اها خبر ڪاوش ۾ شايع ٿي چڪي آهي. تازو سال ٻه اڳ وري گهوٽڪيءَ واري پاسي به سنڌو درياءَ ٻي اٿل کاٻي پاسي کاڌي هئي ۽ پڪي جو ڪجهه علائقو ٻوڙي وڌائين. اها خبر به ڪاوش توڙي KTN تان اچي چڪي آهي. مطلب ته پورالو سڏجندڙ سنڌو درياءَ ڪنهن به وقت کاٻي طرف وڏو ٽپ ڏيئي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته عاشق کي معشوق تائين ته پهچڻو ئي آهي. سو جيڪڏھن ڪالاباغ ڊيم ٺهيو ته پڪ سمجهو ته درياءَ شاهه بادشاهه ڪالاباغ واري علائقي کان به مٿي کاٻي طرف وڏو جمپ ڏيئي سگهي ٿو، نتيجي ۾ سنڌ ته ڇا، پر سنڌ سان گڏوگڏ خود پنجاب جو بئريج سسٽم تباهه ٿي سگهي ٿو. سو پنجاب وارن کي به عرض آهي ته ٻيلي ائين نه ڪريو. ائين نه ٿئي جو اسان جو به ٻيڙو ٻوڙيو ۽ پنهنجو به سر ڦٽائي ويھي رھو. هتي اسان کي ٻه ڳالهيون نظر ۾ رکڻ گهرجن. هڪ ته مدي خارج انجنيئرنگ جي فارمولن ۽ انگن اکرن کي ڇڏي بندن جي باري ۾ ڪيل نئين ريسرچ تي نظر رکڻي پوندي. هن وقت ماحوليات ۽ پاڻيءَ جي تعلق تي لکيل ڪيئي ڪتاب نظر مان ڪڍڻا پوندا. جيڪي ڪتابن جي مارڪيٽ ۾ موجود آهن. ڪجهه پڙهڻ جي تڪليف به ڪرڻي پوندي. پري نه وڃو، رڳو ڊاڪٽر ڪانتي باجپائي جي ريسرچ اسان جي اڳيان موجود آهي، جيڪڏهن ڪو جهونو انجنيئر پنهنجي روايتي علم کي ڇڏي سندرو ٻڌي انهيءَ نئين ريسرچ تي ڌيان ڌريندو ته اها ڳالهه پڌري ٿي پوندي ۽ نوان ٽيڪنيڪي پهلو اسان جي سامهون اچي ويندا. ٻئي ڳالهه ته هيءُ ڪيس سياسي سطح تي وڙهي ڪا ناگواريت پيدا نه ڪبي، پر ٽيڪنيڪي سطح تي وڏي ڀاءُ کي اها ڳالهه سمجهائڻي پوندي تڏهين وڃي ڪم ٺهندو. پراڻي ٽيڪنيڪي سطح تي نه، پر نئين ريسرچ جي بنياد تي. باقي اسان جيڪڏهن رڳو سياسي سطح تي جهيڙو جوٽيو ويٺا هونداسين ته رڳو مندا مندي وڌندي ويندي ۽ ڪم ٺهڻ جي بدران بگڙجندو ويندو. ٽيڪنيڪي سطح تي پنجاب وارن همراهن کي سمجهائڻو پوندو ته اسان کان وڌيڪ کين ئي نقصان رسندو. ڇاڪاڻ ته پنجاب جو بئريج سسٽم وڌيڪ ڦهليل ۽ مضبوط آهي. پنجاب وارن کي اهو نه چئبو ته اسان جو پاڻي حق نه ماريو، پر اهو چئبو ته پنهنجي پير تي ڪهاڙو نه هڻو. اهو ڪيس جيڪڏهن انجينئرن بدران ماحوليات جا سرڪاري توڙي غير سرڪاري (NGO) ادارا ٺاهيندا ته اهو مضبوط به هوندو ۽ مڃائڻ جوڳو به هوندو. اچو هڪڙي ٻيءَ ڳالهه تي. نئين ريسرچ اهو به ٿي چوي ته زمين جي تهه کان ٿورو هيٺ ڀرو سنھو سنهو پاڻي چرپر (Move )ڪندو رهي ٿو. اهو پاڻي ڪچن واهن، شاخن ۽ واٽر ڪورسن مان لنگهي هليو ٿو وڃي، يا وري اڳ ۾ ئي موجود گهڻي پاڻيءَ سان ملي وڃي ٿو. پر جيڪڏھن واهه يا شاخ يا واٽر ڪورس پڪو هوندو، سيمينٽ سان ٻڌل هوندو ته چرپر ڪندڙ اهو پاڻي پڪن ڪنارن سان ٽڪرائجي موٽ کائيندو آهي. موٽ کائڻ کانپوءِ ٻئي ڪا واهه نه ڏسي مٿي چڙهندو آهي ۽ اچي ٻوٽن جي پاڙن سان ٽڪرائبو آهي. جڏهين ته ٻوٽن جون پاڙون لوڻياٺون هونديون آهن، اهو پاڻي اها لوڻياٺ کڻي مٿي چڙهندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اتان جي زمين ۾ سم سان گڏ ڪلر به پيد اٿيندو آهي. ائين سم ۽ ڪلر زمين کي بيڪار بڻائي ڇڏيندا آهن. تنهن ڪري جديد ريسرچ موجب واهن شاخن ۽ واٽر ڪورسن کي پڪو بڻائڻ سان پنهنجو پاڻ کي نقصان رسائڻو ئي آهي. سو اهو وڏو خرچ به ڳچي آجي ڪرائڻ يا پاڻي بچائڻ جي بدران مورڳو ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجهي ايندڙ نسل کي تباهه ڪرڻ برابر آهي. عارضي فائدو نه ڏسجي، پر مستقل فائدو ڏسجي ۽ واهن توڙي واٽر ڪورسن کي ڪچو ئي رهڻ ڏجي. فقير جو ڪم آهي رڙيون ڪرڻ، بادشاهن جو ڪم آهي ٻڌڻ. وڌيڪ وس وارا آهن.
انهيءَ ۾ هاڻي ڪا به شڪ جي گنجائش نه رهي آهي ته ماحولياتي خرابي جي ڪري موسم جو توازن بگڙجي چڪو آهي. انهيءَ عدم توازن جي ڪري ائين به ٿي سگهي ٿو ته تمام گهٽ مينهن وسي، ته ائين به ٿي سگهي ٿو ته ٻوڏ جيترو مينهن وسي پوي. اهڙي ساڳئي طرح ائين به ٿي سگهي ٿو ته درياءَ ۾ پاڻي گهٽ هجي، پر ائين به ٿي سگهي ٿو ته درياءَ ايڏو چاڙهه کائي جو زمينون، ڳوٺ ۽ شهر به رهڙي ۾ اچي وڃن. خبر پوي ته حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جا ڳچ حصا رهڙي ۽ پٽي کڻي هليو وڃي. سو اهو خيال رکڻ به ضروري آهي. نيچر سان کس ته ڪري ويهي رهيا آهيون، سو نتيجو اگرو نڪري سگهي ٿو.
اچو سائين سمونڊ تي. ڪجهه سال اڳ سمنڊ ۾ زلزلي جي اچڻ جي نتيجي ۾ سونامي آيو ته هن بندي BBCريڊيو تان سونامي کان متاثر ٿيل ڪجهه ماڻهن جا انٽرويو به ٻڌا هئا. سريلنڪا جي هڪڙي همراهه چيو ته ”اڳي جڏهين سمنڊ جو پاڻي وڏي اٿل کائيندو هو ته اسان جي وڏن کي اڳواٽ خبر پئجي ويندي هوندي هئي، ۽ اسان سمنڊ کي ويجهو ئي نه ويندا هئاسين“. وڏن کي ڪيئن خبر پوندي هئي ۽ هاڻي ڇو نٿي خبر پوي؟ اها مام به سمجهڻ وٽان آهي. خاص ڪري هن موسم ۾ ئي سمنڊ بگڙي پوندو آهي. سو اهو مامرو به اسان جي اڳيان آهي. انهيءَجي تان به ماحوليات تي ٽٽي ٿي.
اڳي جڏهين اڃا ماحولياتي خرابو نه ٿيو هو ته ٻيڙا ڪاهي سمنڊ ۾ گهڙندڙ مهاڻن کي آسمان جون بدلجندڙ جهلڪيون، سمنڊ مٿان هلندڙ هوا جي انداز، سامونڊي لهرن جو موڊ، پاڻيءَ هيٺان ترندڙ مڇين جا رخ، رفتار ۽ بي چيني، سمنڊ جي ڪناري تي موجود پکين جي اڏام ۽ خود مهاڻن جو تجربو ۽ مضبوط حواس کين ڏسُ ڏيندا هئا ته سمنڊ چاڙهه کائڻ وارو آهي يا ماٺو رهڻو آهي، يا ڪو طوفان اچڻو آهي. جيڪڏھن ڪو طوفان اچڻو آهي ته اهو ڪيتريءَ حد تائين ايندو. ائين مهاڻا صحيح وقت تي صحيح فيصلو ڪري وٺندا هئا ته سمنڊ اندر لهڻو آهي يا نه لهڻو آهي. جي ڀلا سمنڊ اندر لهڻو آهي ته ڪيتري حد تائين وڃڻو آهي. هاڻي هڪڙو ته ماحولياتي خرابي جي ڪري سمنڊ جي اڀار چاڙهه ۽ موڊ جو پتو نٿو پوي. ٻيو وري مهاڻن ڇا ڪيو آهي جو پنهنجي ننڍن وڏن ٻيڙن ۾ ٽي وي سيٽ رکي ڇڏيا آهن، تنهن ڪري سندن نظرون سمنڊ ۽ اڀ جي بدران ٽي ويءَ تي کتل هونديون آهن. ڪن وري ڇا ڪيو آهي جو ٽيپ رڪارڊر يا وڏاوڏا ڊيڪ ٻيڙن تي رکي ڇڏيا آهن ۽ سندن ڪن سمنڊ جي گوڙ ۽ هوا جي آوازن جي بدران گانن ڪلامن ڏانهن هوندا آهن. سندن ڌيان يا ته رڳو مڇيون ڦاسائڻ تائين محدود هوندو آهي يا وري ٽي وي ٽيپ رڪارڊر ڏانهن. سندن وڏا هلڪي رنگن جا ڪپڙا پائيندا هئا، جڏهين ته هاڻي اهي مهاڻا تيز رنگن جا ڪپڙا پائيندا آهن ۽ ٻيڙن جو سينگار به هلڪن رنگن سان ڪرڻ جي بدران تيز رنگن سان ڪيل هوندو آهي. هلڪو رنگ نيچر کي پرکڻ جو ڪم به ڏيندو آهي، پر تيز رنگ منجهائيندڙ هوندو آهي. ٽئين پاسي تمر جو جهنگ به ايترو نه رهيو آهي، جيترو اڳي هو. تمر جا هي ٻيلا سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي مٿي چڙهڻ نه ڏيندا هئا، پر هاڻي تمر جي جهنگن جي عدم موجودگيءَ ۾ سمنڊ اڳتي وڌندو زرعي اپت ڏيندڙ زمين کي تيزيءَ سان کائي رهيو آهي. اهي سڀ شيون گڏجي ڪري مهاڻن کي منجهائي چڪيون آهن، تنهن ڪري کين طوفان جي اچڻ يا وڃڻ جو ڏس پتو نٿيون ڏيڻ ڏين، ان ڪري ئي گهڻي تباهي اچي ٿي. تنهن کانپوءِ درياءَ شاهه بادشاهه جون ڇاڙون به گم ٿي چڪيون آهن، جيڪي ڪا روڪ ٽوڪ ڪن. انهيءَ ڪري پاڻ جو خيال اهو وڃي ٿو بيهي ته ڏڪار سڪار جي گهڻ کان بچاءُ ڳولڻ ناممڪن بڻجي چڪو آهي، پنهنجي وڍيءَ جو ڪم ويڄ طبيب نه رهيو آهي.
اڃا به وقت پيو آهي ته پاڻيءَ جي معاملي کي منهن ڏيڻ لاءِ مدي خارج انجنيئرنگ جي هوائي توائي انگن اکرن تي ڌيان ڏيڻ جي بدران نين حالتن کي اڳيان رکي ريسرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ وڏو حصو ماحوليات جي علم جو ٿو اچي. انهيءَ نئين ريسرچ جي بنياد تي ئي ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. مٿين علائقن کي به هٿ آڏا ڏيئي سگهجن ٿا، ته گڏوگڏ اسان جو پنهنجو Vision (فھم) به وڌي سگهي ٿو. پر وري به اهو سوال ڪر کنيو بيٺو آهي ته پنهنجن موسم ۽ پاڻيءَ سان لاڳاپيل انهن مامرن تي ڪير آهي، جيڪو ٽيڪنيڪي بنيادن تي ريسرچ ڪري؟ ڪير آهي، جيڪو ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌي. اصل معاملو ته اهو ئي آهي، باقي مون پارا پنا ڪارا ڪرڻ وارا کوڙ، سرڪاري خرچ تي ميٽنگون ڪرڻ ۽ مانيون کائڻ وارا کوڙ. ڪجهه ته پاڻ کي به ڳارڻو پوندو. بهرحال هيءَ موسم سوچڻ وٽان آهي، خيال رکڻ وٽان آهي ۽ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، ٻوڙي به سگهي ٿي، تاري به سگهي ٿي. هاڻي موسمن جو ڪهڙو ڀروسو، جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي اهو حضرت انسان کي پاڻ ڪرڻو آهي. ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي.
Filed under: روزاني ڪاوش،عبدالقادر جوڻيجو | Leave a comment »