عوامي سگهه ۽ روڊن تي احتجاج جي نتيجي ۾ ٻيهر چيف جسٽس بڻيل جسٽس افتخار محمد چوڌري ججن کي چوي پيو ته کين ضمير مطابق فيصلا ڪرڻ گهرجن. سنڌ جي مختلف شهرن جي دوري دوران خطاب ڪندي مُلڪ جي سگهاري چيف جسٽس اِهو به چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به آزاديءَ سان عوام کي ڪم ڪري ڪونه ڏنو ويو آهي. سندس اِهو به چوڻ هو ته عدليه جي بدناميءَ جو ڪارڻ بڻجندڙ ججن کي عدالتن کان ڌار ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس هڪ هنڌ وڪلين لاءِ بهچيو ته تاريخ هاڻي وڪيلن تي به وڏي ذميواري وڌي آهي، اُهي به ضمير مطابق عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ عدليه جو ساٿ ڏين.
چيف جسٽس جا هي اکر ٻُڌڻ لاءِ ان ڪري ملي رهيا آهن جو شايد پاڪستان تي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عوام سڌي ريت ججن مان انصاف جي اُميد رکي پيو. اهي به رپورٽون آيون آهن ته دادو ۽ سيوهڻ ۾ ظلم جا ستايل ماڻهو سڌي ريت چيف جسٽس وٽ درخواستون کڻي آيا. ظاهر آهي ته چيف جسٽس ڪو عوامي نمائندو ته ناهي جو عوام کان درخواستون وٺي ۽ لاڳايپل آفيسرن کي فوري حُڪم ڪري پر عوام جو رويو ٻُڌائي پيو ته ماڻهو هاڻي مُلڪ جي چيف جسٽس کي به وزيراعظم يا صدر جيتري اهميت ڏين پيا ڇو ته پهريون ڀيرو مُلڪ ۾ چيف جسٽس ۽ عوامي سطح تائين جدوجهد کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي روسٽر تي ويٺو آهي، ڇو جو خود چيف جسٽس اِهو چوندو رهيو ته مُلڪ جي عوام کي هاڻي عدالتون انصاف ڏيئي سگهن ٿيون. چيف جسٽس جي بحاليءَ واري جدوجهد دوران به اِهو ئي نعرو گونجيو هو ته چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سپريم ڪورٽ ۾ پهچي عوام جا مسئلا حل ڪندو. جنهن سبب تاريخي طور چيف جسٽس تي زبردست عوامي دٻاءُ به هوندو. هي شايد ان حساب سان به مُلڪ جو پهريون چيف جسٽس آهي جنهن تي عوامي دٻاءُ به آهي. شايد ان دٻاءَ جي نتيجي ۾ چيف جسٽس کي ڪجهه فيصلن ۾ سرڪار جي خلاف بيهڻو پيو پوي ته ڪجهه فيصلن ۾ سرڪار چيف جسٽس جي خلاف بيٺل نظر اچي رهي آهي. جيتوڻيڪ پارليامينٽ ۽ عدليه جا پنهنجا پنهنجا اختيار آهن. آئين ۾ ٻنهي کي الڳ الڳ رستا مليل آهن پر سپريم ڪورٽ کي ظاهر آهي ته هر ان ڪم ۾ مداخلت ڪرڻي پئجي پئي جيڪو بظاهر عوام جي خلاف آهي.
تازو فيصلو پيٽروليم اگهن جو آهي. جسٽس راڻا ڀڳوان داس جي اڳواڻي ۾ تيل جي اگهن بابت جوڙيل ڪميشن تحت سپريم ڪورٽ تيل تي بجيٽ ۾ لڳا ڪاربن چارج ختم ڪرڻ ۽ تيل جا اگهه گهٽائڻ جو فيصلو ڏنو ته ٻئي ڏينهن سرڪار کي هڪ صدارتي آرڊيننس وسيلي تيل جي ليوي ڊولپمينٽ ٽئڪس لاڳو ڪرڻو پيو جنهن سبب هڪ ڏينهن جي ساهيءَ کانپوءِ تيل جا اگهه وري پراڻي پوزيشن تي هليا ويا. ٽرانسپورٽرز احتجاج ڪرڻ لاءِ نڪري پيا، مخالف ڌر جون پارٽيون احتجاج ڪرڻ ۾ لڳي ويون آهن. حڪومت جي اهم اتحادي نواز ليگ پڻ تيل جي اگهن تي حڪومت مخالفت لاءِ ميدان تي نڪرڻ پئي چاهي. مسلم ليگ (ق) جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مشاهد حسين سيد تنهن ڏينهن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فرمايو ته ”ليوي ٽئڪس وارو صدارتي آرڊيننس حڪومت ۽ عدليه ۾ ڦڏي جي شروعات آهي. سندس ٻي ڳالهه اِها هُئي ته ڄڪمران پارٽين (پي پي پي ۽ مسلم ليگ (ن)) وچ ۾ ٻئي رائونڊ جون تياريون آهن. مشاهد پڻ پئٽرول جي اگهن، عدليه ۽ سرڪاري پارٽين ۾ ٻئي رائونڊ کي هڪ ئي تناظر ۾ ڏٺو آهي. جيتوڻيڪ هِن ماحول ۾ سرڪار ۽ عدليه وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ ڪنهن به ريت ملُڪ لاءِ فائديمند نه هوندي پر جيڪڏهن ڪنهن به بهاني سان چيف جسٽس ۽ سرڪار وچ ۾ ڪو ڦڏو ٿيو ته مسلم ليگ (ن) ان بهاني هڪ دفعو وري پيپلز پارٽيءَ جي خلاف بيهي رهندي. جيئن چيف جسٽس جي بحاليءَ جي موقعي تي ٿيو هو. اڄڪلهه مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي قيادت جا جيڪي بيان اچي رهيا آهن. اُهي واقعي به ”سيڪنڊ رائونڊ“ (بقول مشاهد حسين) ڏانهن اشارو ڪن پيا. مثال طور ميان نواز شريف جا گذريل هفتي لنڊن ۾ ڏنل بيان ۽ هتي ڪجهه مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻن جا بيان ٻئي رائونڊ جو بهانو لڳي رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته نواز ليگ جي اهم اڳواڻن جا ٻاراڻا بيان اچن پيا. ڪجهه ڏينهن اڳ مسلم ليگ (ن) جو اهم اڳواڻ احسن اقبال فرمائي رهيو هو ته ”پيپلز پارٽي واري اسلام آباد شهر ۾ هرهنڌ جهنڊا هڻي اسلام آباد تي قبضو ڪيو آهي“. ڪيڏو نه عجيب بيان آهي، اُهي پارٽيون جيڪي پارليامينٽ ۾ گڏ هُجن. هي بلڪ اهڙو ئي سطحي مامرو لڳي ٿو جيئن ڪڏهن ڪڏهن ايم ڪيو ايم معمولي ڳالهين تي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڳالهه ڪندي آهي. سو ممڪن آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ ايم ڪيو ايم عدليه ۽ حڪومتوچ ۾ ڪنهن ڦڏي جي انتظار ۾ هُجن ۽ موٽ ۾ پنهنجي ئي حڪومت بدران عدليه جي ساٿ جو نعرو هڻن. ان ڪري هِن موڙ تي چيف جسٽس ۽ حڪومت وچ ۾ ڦڏي جهڙو ماحول پيدا ڪرڻ بدران ٻنهي کي ضمير مطابق عوام لاءِ سوچڻ گهرجي. حڪمرانن کي به ضمير ته هوندو آهي. انهن کي به فيصلن ۾ ضمير جو شيشو اڳيان رکڻ گهرجي ۽ چيف جسٽس ججن لاءِ پاڻ کي چئي چُڪو آهي ته ججن کي ضمير موجب فيصلا ڪرڻ گهرجن.
هن مُلڪ ۾ اسين سڀ مطلب اسانجا سڀ ادارا جيڪڏهن اسم، فعل، صفت بدران ضمير مطابق ڪم ڪرڻ لڳي وڃن ته سچ به انقلاب جي شروعات ٿي سگهي ٿي. جج، وڪيل، صحافي، سياستدان، وزير، ڪامورا، ڊاڪٽر، استاد، سماجي ماڻهو، سڄاڻ ڌريون، اديب، فنڪار، شاعر سڀ جو سڀ ضمير موجب سوچڻ شروع ڪن ۽ ضمير کي حاضر ناظر ڄاڻي ڪم ڪن ٿا، هن ملڪ ۾ سچ ته پنجاهه سيڪڙو مسئلا حل ٿين. اسان جا 50 سيڪڙو مسئلا اسانجي ضمير سان ئي سلهاڙيل آهن. ڀلا ڪنهن لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر پنهنجي ضمير کان پڇندو ته ڇا کيس ضمير اجازت ڏيندو ته اسانجي لاش تي رشوت وٺي مطلب جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ٺاهي. منهنجو خيال آهي ته ضمير بدران سندس آڏو مصلحتون، مجبوريون، گهٽ پگهار، گهر جا مامرا، ذاتي عياشيون ۽ ٻيو گهڻو سامهون اچي ٿو وڃي. ايڏي ٻوسٽ ۾ ويچارو ضمير ٻوساٽجي مري ٿو وڃي.اسان جو استاد جيڪڏهن ضمير کان پڇي ته شايد کيس اها اجازت بلڪل به نه ملندي ته ڪلاس روم ڇڏي، معصوم ٻارڙا ڇڏي، هو ذاتي ڪاروبار هلائيندو رهي، سياست ڪندو رهي، يا ليڊري ڪندو رهي، اصل ۾ استاد جو ضمير ڪلاس روم کان ٻاهر هوندو آهي، ڀٽڪندو آهي. اسانجو وزير، ايم پي اي، ايم اين اي يا ڪوبه چونڊيل نمائندو ووٽ وٺڻ وقت اِهو چوندو آهي ته اوهان پنهنجي ضمير موجب مونکي ووٽ ڏيو، سچ ته نه اسان ضمير موجب کيس ووٽ ڏيندا آهيون ۽ نه صاحب پوءِ ضمير جو خيال ڪندو آهي. اسميبلي، وزارت، سينيٽ، پارليامينٽ ۽ سيڪريٽريٽ جي دروازن تي سخت سيڪيورٽيءَ سبب اُهي سڀ صاحب ضمير کي گهر ڇڏي ويندا آهن. سڄو ڏينهن سمورا ڪم ڪري جڏهن رات جو دير سا پهچندا آهن ته کين احساس ٿيندو آهي ته وٽن ڪو ضمير به آهي، جيڪو شايد گهر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ يا سرونٽ ڪوارٽر ۾ ويڙهي سيڙهيل پيو هوندو- جنهن کي رات دير سان گهر جا نوڪر ٿُڏا هڻي جاڳائيندا آهن ته اُٿ ميان تنهنجو صاحب گهر اچي ويو. اکيون مهٽي ننڊ جا جهوٽا کائيندڙ مسڪين ضمير ٿڙندو ٿاٻڙندو هوندو يا ٻيهر سمهي رهندو. صاحب کي ضمير ياد نه هوندو. ممڪن آهي ته ڳوٺ ڪنهن جلسي، ڪارنر گڏجاڻي ڪنهن ترقياتي منصوبي جي افتتاح وقت صاحب کي سندس ضمير جي وڏي ضرورت محسوس ٿئي ۽ رڙيون ڪري صاحب پنهنجي تقرير ۾ چوندو هوندو منهنجو ضمير مون سان آهي.
ها واقعي اسان سڀني جو ضمير اسان سان آهي پر اسان ڪڏهن، ضمير کي اهميت ڪونه ٿا ڏيون. جڳ جهان جو آواز بڻجندڙ ميڊيا ڪڏهن به ضمير جو آواز نه ٿو بڻجي سگهي. ڇو ته ضمير جي آواز جي ميڊيا پاليسي ۾ گنجائش ڪانهي. وڪيل جو ضمير عدالت جي ڪٽهڙي تائين ساڻس گڏ نه ويندو آهي. هُو ضمير کي فائلن جي سلامتي ۽ چوڪيداريءَ لاءِ ڇڏي ويندو آهي. سرڪاري ڪامورو ضمير جو دشمن هوندو آهي. کيس سڀ کان وڏي چِڙ ضمير کان آهي، ڇو جو ويچارو ضمير کيس بار بار روڪي ٿو ته هربار هُو پنهنجي ڪانٽريڪٽ ۾ واڌارو ڇو ٿو ڪرائي. ڪامورو ضمير کي نڙيءَ کان جهلي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو آهي يا سندس نڙيءَ کي گهُٽي ماري ڇڏيندو آهي. صدر، وزيراعظم، آرمي چيف، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس، سمورا وڏا وزير، سڀ گورنر، سڀ جج، سمورا وڪيل، چوٽيءَ جا سمورا سياستدان، اسانجا رهبر ۽ عظيم اڳواڻ سڀ جو سڀ ضمير مطابق هلڻ لڳن، ضمير جو چيو وٽن ته شايد مُلڪ مان براين جو خاتمو اچي ويندو. ناانصافين جو جهان ڊهي چور ٿي ويندو، ڏاڍ جو انت اچي ويندو، ضمير جو آواز زور سان گونج بڻجي اسانجي سماج ۾ تبديليءَ جو سج اُڀاريندو. پر ضمير جو زنده رهڻ ضروري آهي.
ضمير، سوچ، جذبن ۽
احساس جي صدا
ضمير سچ حق۽
اناالحق جو آواز
جنهن جو ضمير زنده
سو ماڻهو
واقعي ماڻهو آ،
جنهن جو ويو،
ضمير مري
سو ماڻهو
ڪاڳر جهڙو
ماڻهپ کان وانجهيل
ضمير کان خالي
سو ماڻهو
ناهي ماڻهو. (عاجز)

Filed under: روزاني عبرت،عاجز جمالي | Leave a comment »