
مائي ڀاڳي
مائي ڀاڳي: جنهن جا گيت اڄ به چوڏس گونجن ٿا!
سنڌ ڌرتي جي وارياسي علائقي ٿر جي ڀلاري ڀونءِ تي جنم وٺندڙ مائي ڀاڳي اڄ کان 23 سال اڳ اسان کان ظاهري طور ته جدا ٿي وئي، پر سندس ڳايل گيت اڄ به چوڏس سنڌ ۾ گونجن ٿا. مائي ڀاڳي ڳائڻ جي شروعات پنهنجي اباڻي ڳوٺ کان ڪئي، جنهن بعد هوءَ ٿر ۾ شادين توڙي ٻين خوشين جي موقعن تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لڳي ۽ پوءِ جڏهن سندس مڌر آواز ريڊيو حيدرآباد تان آن ايئر ٿيو ته کيس پوري سنڌ ۾ تمام گھڻي مڃتا ملي. سندس مشهور گيتن ”کڙي نيم ڪي نيچي هون تو هيڪلي“، ”سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي“ ۽ ڪافي ”لهرن مان لڙهندي اچي، تارن مان ترندي اچي“ سميت ٻين ڪيترين ئي واين، ڪافين، ڪلامن تمام گهڻي مشهوري ماڻي. مائي ڀاڳي دنيا جي اها نرالي فنڪاره هئي، جنهن پنهنجون وايون، ڪافيون ۽ چرميون پاڻ ڪمپوز ڪيون ۽ ڳايون، ان کانسواءِ لوڪ گيتن کي پنهنجي منفرد انداز ۾ ڳايو. مٺي کان لڏي نئوڪوٽ ۾ اجها اڏيندڙ مائي ڀاڳي آخر ۾ ته پاڪستان ٽيليويزن تان به پاڻ ملهايو ۽ دنيا مان کيس تمام گھڻو داد مليو، جنهن بعد حڪومتي حلقن به کيس مڃتا طور ايوارڊ ڏيڻ شروع ڪيا ۽ کيس مڃتا طور شهباز ايوارڊ، مارئي ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ، صدارتي ايوارڊ ۽ ٻيا انعامي ايوارڊ به مليا. ملڪ جي هن پوئتي پيل ريگستاني علائقي جي من موهيندڙ فنڪاره مائي ڀاڳي لوڪ گيتن جا انيڪ رنگ اسان کي ارپي وئي، پر اسان توڙي اسان جي جمهوري حڪومت تي به اهو فرض ٿئي ٿو ته هن املهه گيتن، واين ۽ ڪافين جي خالق مائي ڀاڳي جي ياد لاءِ سندس ئي نالي سان فن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ادارو ٺاهيو وڃي، جيڪو لوڪ گيتن، ڪافين توڙي واين کي گڏ ڪرڻ سان گڏو گڏ مائي ڀاڳي جي ڳايل سموري مواد کي سنڀالي گڏ ڪري، ته جيئن ايندڙ نئون نسل هن ٿر جي ڪوئل جو دل کي ڇهندڙ ۽ خيالن ۾ گم ڪندڙ مڌر آواز ٻڌي سگهي. ان کانسواءِ ثقافت کاتي کي گهرجي ته مائي ڀاڳي جي پونئرن جي مالي سهائتا لاءِ اپاءَ وٺي، ته جيئن مائي ڀاڳي جو مسڪين ۽ غريب اولاد سکي زندگي گذاري سگهي.
ڀورو ريٻاري/جهڏو
بجلي جو بحران ۽ چوري!!
هڪ ڊگھي عرصي کان ملڪ ۾ بجلي جو بحران هلي رهيو آهي، پر هن وقت تائين ڪا به حڪومت اهو بحران ختم نه ڪري سگهي آهي. ڏٺو وڃي ته اسان جي ملڪ ۾ بجلي جي چوري عام ٿي چڪي آهي، سري عام بجلي جي پولن تي ڪنڊيون لڳل آهن، ڪيترائي ماڻهو ته اهڙا به آهن، جيڪي بغير بل ادا ڪرڻ جي بجلي استعمال ڪن ٿا، جن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي. بجلي جي چوري جي ڪري لوڊشيڊنگ جو آزار به وڌي ٿو، ڪنڊين جي ڪري لوڊ وڌي وڃڻ جي صورت ۾ ٽرانسفارمر سڙي وڃن ٿا ۽ ڪيترائي ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي. ضلعو شهيد بينظير آباد، جيڪو ملڪ جي صدر جو اباڻو ضلعو آهي، اتي هن وقت ڪيترائي ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، جنهن سبب اسڪولي شاگرد توڙي اسپتالن ۾ داخل مريضن کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، پر ڪوبه ان مسئلي جو نوٽيس نٿو وٺي. اسان صدر پاڪستان کي اپيل ٿا ڪريون ته بجلي چوري خلاف ڪي سخت اپاءَ ورتا وڃن ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ته جيئن بجلي جو بحران ختم ٿي سگهي ۽ عوام سک جو ساهه کڻي سگهي.
مير محمد عمراڻي/قائد عوام يونيورسٽي (نوابشاهه)
لاکيڻو لطيف، تاڙي جي تنوار ۽ سنڌي اردو ڊڪشنريون
پهرين جولاءِ واري ڪاوش ۾ نواز ڪنڀر جو مضمون، ”برسات جو اهڃاڻ تاڙو پکي“ نظر مان گذريو، جنهن ۾ موصوف تاڙي، ڪوئل ۽ ٻاٻيهي تي معلومات ڏيئي، ضمن ۾ ٻين پکين جو به احوال آندو آهي. لاکيڻي لطيف سُر سارنگ ۽ مارئي ۾ تاڙي جي تنوار، سر معذوري ۽ ڪارايل ۾ ڪوئل جي ڪوڪ ۽ سر حُسيني ۾ ٻاٻيهي، (لڳي مرَ لُوهه، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران) جو ذڪر ڪيو آهي. شاهه جي رسالي کي اردو ۾ آڻيندڙ آغا سليم صاحب ٻاٻيهي لاءِ ”تهل کي پپيهي کي صورت، مجهي لُو لگي مار جائون“ جا لفظ ڏنا آهن ۽ تاڙي لاءِ ساڳيو لفظ ”پهر اتر کي اور سکهي ري، تاڙي کي چهکار“ استعمال ڪيو آهي. محققن جي بقول تاڙو ۽ ٻاٻيهو هڪ ئي پکي آهي، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، گربخشاڻي صاحب جي حوالي سان لکي ٿو؛ تاڙو هڪ قسم جو پکي آهي، جنهن کي سانگ، چاتڪ، ٻاٻيهو ۽ مينهڻ به ڪري سڏيندا آهن، سنسڪرت ادب ۾ هن پکيءَ جو وڏو وستار ڪيل آهي، سنڌي ٻاٻيهو يا تاڙو ۽ هندي پپيهو ساڳيو پکي آهي، باقي تاڙي بابت سنڌي ڊڪشنرين جي خاموشي نٿي چئي سگهجي، جو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ نئين جامع سنڌي لغات ۾ لکي ٿو: تاڙو، پکيءَ جو قسم، هيءَ پکي مينهوڳيءَ جي موسم ۾ ڏسبو آهي، ڪال ڪڻڇيءَ کان سوايو ۽ پڇ به انهيءَ کان ڊگهو، رنگ ڪاريڙو پر پاسن ۽ پڇ وارا ڪي کنڀ ڪٻر وانگر اڇا، مينهن جي سڄي مند ۾ تنواريندو رهندو آهي. باقي اردو جي ڊڪشنرين ۾ اڃا ڪوئل جو لفظ موجود آهي، جنهن جو تفصيل اردو انسائيڪلوپيڊيا اردو ان ٽو انگلش ڊڪشنري ۽ اردو جي سڀ کان وڏي ۽ مقبول لغت فيروز اللغات ۾ ڏسي سگهجي ٿو!
حافظ محمد يوسف ڀنڀرو/قاسم آباد
ڀڳا ڏار، ڳيرا اڏاڻا، هليا ويا!
سنڌ جي عوامي شاعر نثار بزمي (جنهن جو اصل نالو قلندر بخش هو) 13 جون 1924ع ڌاري ڳوٺ مرزاپور ضلعي شڪارپور جنم ورتو. مرحوم نثار بزمي 1938ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ڀرتي ٿيو ۽ 1954ع ۾ تپيداري جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ تپيدار ٿيو. پر اندر ۾ جيڪو شاعر لڪو ويٺو هوس، تنهن هٿان مجبور ٿي سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏنائين، نثار بزمي يارنهن سالن جي عمر ۾ شاعري جي شروعات ڳوٺ جي هڪ دوست ڀڳوانداس کان متاثر ٿي ڪئي، وري جو ان وقت جي سدا بهار راڳي ماسٽر چندر سان ملاقات ٿيس، جنهن ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڏنو، پهريون ڀيرو سندس شاعري ان وقت جي فلمي رسالي ”فلم نيوز“ ۾ شايع ٿي، ورهاڱي وقت سندس دوست ڀڳوانداس سنڌ مان لڏي وڃي هندوستان وسايو، تڏهن هن جي جدائي ۾ پاڻ اهو ڪلام چيائين ته، ”ڀڳا ڏار، ڳيرا اڏاڻا، هليا ويا“ جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو. نثار بزمي شاعري جي هر صنف تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي، سندس عوامي گيت گهڻو مشهور آهن. سنڌي فلم ”البيلي“ ۽ ”سنڌڙي تان صدقي“ لاءِ به گيت لکيائين، سندس ڪلام ريڊيو پاڪستان تان هاڻ به نشر ٿيندا رهن ٿا. مرحوم نثار بزمي شاعري سان گڏو گڏ ڊراما، افسانا ۽ مضمون به لکيا، سندس ٻه ڪتاب ”بيداري“ ۽ ”غريبن جي آهه“ ڇپيل آهن. عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ هي البيلو شاعر فالج جي حملي کانپوءِ 7 جولاءِ 2000ع ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
اعجاز علي سهتو/ڳوٺ سهتا (مديجي)
غريبن لاءِ خواب بڻيل مفت تعليم!
اسان جو ڳوٺ چونچا جيڪو تعلقي ننگر پارڪر جي يوسي ماڙهو ۾ واقع آهي، اتي تازو گورنمينٽ طرفان ٻارن لاءِ مفت ڪتاب فراهم ڪيا ويا هئا، اهي ڪتاب اسڪول انتظاميا سرندي وارن ماڻهن جي ٻارن کي وڪرو ڪري ڏنا، هاڻي غريبن جي ٻارن وٽ ايترا ڏوڪڙ نه آهن جو اهي ڪتاب خريد ڪري سگهن، اسڪول انتظاميا جي اهڙي عمل جو تعليم کاتي جي ڪنهن به ذميوار آفيسر نوٽيس نه ورتو. اسين گذارش ٿا ڪريون اعليٰ اختيارين کي ته هو اهڙن واقعن جو نوٽيس وٺي.
رضا محمد جوڻيجو/ڳوٺ چونچا (ننگر پارڪر)
ڇا عوام پيٽ تي پٿر ٻڌڻ جي تياري ڪري!؟
سڄي سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ انتهائي بحراني شڪل اختيار ڪري وئي آهي، اڪثر ضلعن ۾ ته پيئڻ لاءِ به پاڻي نه ٿو ملي، ان سان گڏ هر ضلعي ۾ پوڇڙ جا آبادگار پاڻي جي کوٽ خلاف رڙيون ڪري رهيا آهن، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته ان اهم مسئلي تي سنڌ سرڪار ڪو سخت رد عمل ناهي ڏيکاريو. هن وقت جڏهن سنڌ توڙي مرڪز ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، ان هوندي به سنڌ صوبي سان اهڙي قسم جون زيادتيون ٿين ته پوءِ هتان جا غريب ۽ اٻوجهه هاري ڪنهن در دانهين؟ اسان جا چونڊيل نمائندا اسيمبلين اندر سنڌ جي اهم مسئلن تي ڳالهائڻ بدران آرام ڪري واپس هليا ويندا آهن، بحرحال 80 سيڪڙو کان وڌيڪ سنڌين جو گذر سفر پاڻي سان لاڳاپيل آهي، اهڙي اهم معاملي تي خاموشي جو مطلب سنڌ جي زراعت کي هٿ سان تباهه ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه نه آهي، هن وقت جڏهن سارين جو ٻيجارو تيار آهي ۽ رونبن جي مند مٿان اچي بيٺي آهي ته ان وقت سنڌ جي واهن ۽ خاص طور پوڇڙ ۾ ڪئنالن ۾ رڳو واري پئي اڏامي ۽ ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ ته اڳ ۾ ئي هئي، پر هاڻي چانورن جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ سرڪار جو اهڙو سڀاءُ رهيو ته سنڌي ماڻهو ايندڙ سال پيٽ تي پٿر ٻڌڻ جي تياري ڪن.
سترام داس ميگهواڙ/عمرڪوٽ
پنهنجي ثقافت کان منهن موڙيندڙ ماڻهو!
سنڌ جي قديم ثقافت کي ڏينهون ڏينهن پوئتي ڌڪڻ وارو سلسلو اڃا به ختم ناهي ٿيو، سنڌ دشمن عناصر ته ان ۾ ملوث آهن ئي، پر ڪجهه حد تائين سنڌ جي ثقافت کي پوئتي ڌڪڻ ۾ اسين سنڌي به برابر جا شريڪ آهيون. اڄلڪهه اڪثر سنڌي نوجوان پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ جهڙوڪ اجرڪ ۽ ٽوپي پهرڻ ۾ عيب محسوس ڪندا آهن، جيڪڏهن هر هڪ سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي پهري ته اسان جي ثقافت کي ڪير به پوئتي ڌڪڻ واري ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي نه سگھندو، ائين ڪرڻ سان هڪ ته اسان جي سنڌي ثقافت زندهه رهندي ۽ ٻيو ته مسڪين هنر مندن جي ڪاروبار ۾ پڻ اضافو ٿيندو، جيڪي هنرمند اجرڪ ۽ ٽوپي جو ڪاروبار ڪندا آهن، جيڪڏهن سنڌي حڪمران يا ڪنهن به شعبي سان واسطو رکندڙ آفيسر يا ملازم سڀئي اجرڪ ۽ ٽوپي کي پنهنجي لباس جو حصو سمجهن ته هر عام خاص ماڻهو به ان طرف ڌيان ڏيندو ۽ سنڌ جي ثقافت هميشه زندهه رهندي.
نظر حسين ڪليري/ڪراچي
نوجوانن سان ڪيسيتائين اپ سيٽ ٿيندا رهندا!؟
سنڌ حڪومت پاران پي ايس ٽيز جي ڀرتين خاطر عالمي بئنڪ جي تعاون ۽ سنڌ يونيورسٽي جي خدمتن سان ورتل لکت واري ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوار هڪ ڀيرو ٻيهر سخت ٻڏتر جو شڪار آهن، ڇاڪاڻ ته ڪاوش هڪ خبر ۾ ڄاڻايو آهي ته پيپر آئوٽ ٿيڻ ۽ نتيجن ۾ ڪيل هيرا ڦيري بعد عالمي بئنڪ پاران استادن جون ڀرتيون روڪڻ جو چيو ويو آهي، هاڻي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته سرڪار سالن کان پي ايس ٽي جون خالي پيل جايون ڀريندي يا سنڌ جا نوجوانن سان اڃا به ڪي نوان اپ سيٽ ٿيندا رهندا!
اصغر ملاح/پير جو ڳوٺ
مفت علاج واري سهولت به ختم!!
جمع 3 جولاءِ واري ڪاوش موجب صحت کاتي سنڌ پاران هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي، سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ”يوزر“ في لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن بعد مختلف بيمارين جي ٽيسٽ في ۾ تمام گھڻو اضافو ڪيو ويو آهي، ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ اڳي ئي غربت، بک ۽ بيروزگاري عام آهي، جنهن ڪري عوام مشڪلاتن جو شڪار آهي. پرائيويٽ اسپتالن جون ڳريون فيون هجڻ ڪري غريب ماڻهو سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائن ٿا، پر هاڻي سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ به فيون مقرر ٿي چڪيون آهن، هاڻي سنڌ صوبي جو غريب، پورهيت طبقو، جيڪو مزدوري ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي ٿو، جن کي 100 کان 150 رپيا ڏهاڙي مزدوري ملي ٿي، اهي بيماري وغيره دوران سرڪاري اسپتالن ڏانهن ڪهڙيون اميدون کڻي علاج ڪرائڻ ويندا؟ حڪومت تيل جي اگهن ۾ به اضافو ڪري عوام تي مهانگائي جو وڌيڪ بار وجهي ڇڏيو آهي، تيل جي اگهن جي اضافي کانپوءِ پاڻمرادو عام واهپي جي شين جا به اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن، هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته عوام کي ڪو رليف ڏيڻ بجاءِ ان کي ويتر عذابن ۾ مبتلا ڇو پيو ڪيو وڃي!؟
اميد علي چانگ/بدين
لاڙڪاڻي جي اي ڊي او (لينڊ روينيو) جي بند پيل آفيس
روينيو ڊپارٽمينٽ هڪ اهم ڊپارٽمينٽ آهي، جتي روزانو جي بنيادن تي ڪيترائي معاملا اڪلايا وڃن ٿا، پر حيرت ان ڳالهه جي آهي ته گذريل سال ڏيڍ کان ضلعي لاڙڪاڻي جي روينيو ڊپارٽمينٽ جو ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر (لينڊ روينيو) جي جڳهه خالي پئي آهي، وچ ۾ ٻه ٽي مهينا هڪ آفيسر مقرر ڪيو ويو، پر هاڻي اهو به ڪونهي ۽ پوسٽ خالي هجڻ ڪري آفيس کي تالو لڳل آهي. اي ڊي او (لينڊ روينيو) نه هجڻ ڪري هزارين ماڻهن کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ۽ اهم ڳالهه اها به آهي ته پرمنٽ ريزيڊنس سرٽيفڪيٽ تي به هن ئي آفيسر جي صحيح ٿئي ٿي، تنهن ڪري بيروزگار نوجوان پي آر سي تي صحيح نه ٿيڻ سبب اهڙي سرٽيفڪيٽ کان پڻ محروم آهن، ان سان گڏ آفيسر نه هجڻ ڪري اتان جو عملو پڻ لاوارث ۽ پريشان آهي. اسان وزير اعليٰ سنڌ کي گذارش ٿا ڪريون ته جلد کان جلد هتي اي ڊي او (لينڊ روينيو) مقرر ڪري، هزارين ماڻهن جي پريشاني جو خاتمو آندو وڃي.
اڪبر آزاد هيسباڻي/باڊهه
انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ٿيندڙ بيقائدگيون!
شهيد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ سرڪار 35 ارب مان وڌائي 70 ارب رپيا بجيٽ رکي آهي، پر ان جي باوجود غريب خاندانن کي انهيءَ جو ڪوبه فائدو ڪونه ٿو ٿئي، ڇو ته هن پروگرام جا ڪارڊ من پسند ماڻهن کي ڏنا ويا آهن، اگر جيڪڏهن ڪنهن غريب خاندان کي ڪي ڪارڊ مليا به آهن ته انهيءَ جي رقم پوسٽ عملي پاران ڪٽوتي ٿيل ملي ٿي، ماهوار ٻه هزار رپين ۾ غريب خاندان جو گذارو مشڪل آهي، پر ان ۾ به پنج سئو رپيا ڪٽجن ته پوءِ غريب خاندانن جو گذر ڪيئن ٿي سگهندو؟ اسان شهيد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرمين فرزانه راجا کي اپيل ٿا ڪريون ته هن پروگرام کي شفاف بڻائي غريب خاندانن جي وڌ ۾ وڌ سهائتا ڪئي وڃي.
عبد الرزاق ڪنڀر/ڍورو نارو
نوجوانن جي اميدن مٿان پاڻي نه ڦيريو وڃي!
سنڌ يونيورسٽي طرفان ورتل پي ايس ٽي ٽيسٽ جي نتيجن تي عالمي بئنڪ طرفان تحفظات ظاهر ڪيا ويا آهن، جنهن بعد سنڌ حڪومت کي پاس ٿيندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي ۽ اهو به خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته استادن جي ٽيسٽ ۾ پاس ٿيندڙ اميدوارن جا نتيجا رد ڪيا ويندا! اسين هتي عالمي بينڪ ۽ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي وزير سامهون اهو عرض ڪنداسين ته استادن جي ٽيسٽ جي نتيجن تي ڪي شڪ شبها آهن ته پوءِ به صرف پاس ٿيندڙ اميدوارن کان اين ٽي ايس (نيشنل ٽيسٽنگ سروس) جهڙي سٺي ساک واري اداري کان وري ٽيسٽ ڪرايو، ان ۾ اميدوار به محدود هوندا ۽ ٽيسٽ دوران نظم و ضبط قائم رکڻ ۾ به ڏکيائي پيش نه ايندي، باقي سڀني اميدوارن جو نتيجو رد ڪرڻ دانشمندي نه هوندي، ڇو ته اميدوارن جي اڪثريت محنت ڪري پاس ٿي آهي، تنهنڪري پاس ٿيندڙ اميدوارن جي محنت تي پاڻي نه هاريو وڃي.
امام الدين گاڏهي/باڊهه
زرعي سڌارن بجاءِ زرعي ٽيڪس جي ڳالهه ڇو؟
گذريل ڇهن ڏهاڪن کان ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جي زراعت جي واڌ ويجهه لاءِ ڪي به سنجيده اپاءُ ناهن ورتا ويا، زراعت جي سڌاري لاءِ جيڪو به ادارو جڙي ٿو، اهو ڪرپشن جي ور چڙهيو وڃي! اڄ به حڪومت پاران آبادگارن کي زرعي مشينري اڌ قيمت تي ڏيڻ واري رٿا بابت چند وڏن زميندارن کانسواءِ عام آبادگار بي خبر آهن، اڄ به لکين پاس بوڪ ۽ زميني کاتا آبادگارن جي پڙ ڏاڏن جي نالن تي آهن، ان جو ڪارڻ رشوت آهي، اها به ايتري جيڪا عام آبادگار نه ٿو ڏئي سگهي، ان کاتن جي ڪري خانداني جهيڙا به روز جو معمول آهن. ٻئي پاسي صورتحال اها آهي ته زرعي ڀاڻ اڪثر سيزن ۾ ملي ئي نه ٿو، ملي ٿو ته به ٻه ٻه سئو سيڪڙو مهانگو! زرعي دوائون به نقلي، جن جو زراعت کاتو سيمپل وٺي به ٿو ته غيرقانوني ٽيڪس وٺڻ لاءِ آبادگارن جي ڀلي لاءِ نه! زرعي شعبي ۾ خاص اهميت رکندڙ شيءِ پاڻي، سو به مهينن جا مهينا عام آبادگار کي نه ٿو ملي، جي ملي ٿو ته به پسئن سان 62 سالن ۾ جي ڪجهه بدليو آهي ته اهو آهي پاڻي جو ريٽ! اڳ ڇهه ماهي پئسا آبادگار ڦوڙي جي صورت ۾ ڏيندو هو ۽ هاڻي هر هفتي يا مهيني ڏئي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ ماضي توڙي حال ۾ حڪومتن زراعت جي ترقي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو، نه سنڌ ۾ ٻوڏ کان بچڻ لاءِ ڪابه رٿابندي ٿيل آهي ۽ نه وري واهه ۽ شاخن ۾ پوندڙ گهارن کي روڪڻ لاءِ ڪو بندوبست آهي، جي ٻوڏ اچي ٿي ۽ واهن ۾گهارا پون ٿا ته ان پاڻي کي روڪڻ لاءِ اڃا تائين ڪابه اڳواٽ حڪمت عملي وجود ۾ ناهي اچي سگھي. آبادگارن کي ته جنسن جو نج ٻج به نٿو ملي، ڪابه جنس مارڪيٽ ۾ لهي ٿي ته اگهه گهٽجيو وڃن ۽ ان جو فائدو آبادگارن کي ٿيڻ بجاءِ واپاري کڻن ٿا، اڄ به ڦٽيون مارڪيٽ ۾ اچڻ باوجود حڪومت ڦٽي جو اگهه طئي ناهي ڪيو ۽ نه وري ٽي سي پي ڪا خريداري شروع ڪئي آهي، آبادگارن کي ڪابه سهولت نه هجڻ باوجود زراعت جي رهيل ٻيڙي ٻوڙڻ لاءِ زراعت تي ٽيڪس جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن حڪومت کي زراعت تي ٽيڪس لڳائڻو آهي ته ان لاءِ ننڍن ۽ وڏن آبادگارن جا مٿي بيان ڪيل مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻا پوندا، ان ۾ آبادگارن کي ٻج نج کپي، ڀاڻ وقت تي ۽ ڪنٽرول ريٽ تي کپي، پاڻي بنا پئسي ۽ وقت سر ملڻ گهرجي، زرعي قرض بنا رشوت جي ڏنا وُڃن ۽ غيرقانوني ٽيڪس ختم ڪيا وڃن ته آبادگار خوشحال ٿين ۽ سنڌ ترقي ڪري.
ممتاز بوزدار/کپرو
Advertisements
Filed under: هائيڊ پارڪ،روزاني ڪاوش |
جواب ڇڏيو