همراه جذباتي ٿيو ويٺو آهي، ڄڻ سڀين سان ناتو ٽٽل هجيس، نه ڪنهن سان ڳالهائي نه ٻولائي. گھڻِي خاموشيءَ کان پوءِ استاد همراه جي خاموشيءَ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ”ادا ڇا حال آهي؟ ميان ايڏي خاموشي، ايڏي چپ، اکين ۾ گونگا سوال سي به وڄن سان ڀريل، اڇل کڻي ٻاهر، اندر رکندين ته بار ڪري وجھندءِ. ڇڏ ايڏي ماٺ کي، ڪجھ ٻول، ڪجھ ٻُڌُ، ڪجھ ٻڌاءِ“ استاد جي سٻاجھڙي انداز ۽ دل ڌتاريندڙ رويي هن کان ڪجھ ڳالهرايو ۽ هن ڪجھ سخت، ڪجھ نهٺائيءَ سان ڳالهايو.” استاد سائين مزو ئي نه ٿو اچي، خون ٽهڪي رهيو آهي“ استاد پڇيو ”اهڙي ڪيفيت جو ڪو ڪارڻ؟ همراه جذبن جي شدت کي گھٽيندي چيو ته ”سائين ڏسو، سنڌي ماڻهوءَ جو ڏوه ڪهڙو آهي، گذريل مهيني کان ڌارين جي آبادڪاري ۽ ٻين مسئلن تي سنڌي عوام جي جدوجهد جي نتيجي ۾ ڇهه قومي ڪارڪن بي دردي سان شهيد ڪيا ويا.“ استاد پچيو ته اها ڳالهه ته صحيح هوندي پر توکي ٻُڌايو ڪنهن ته گذريل مهيني کان ڌارين جي آبادڪاري ۽ ٻين مسئلن تي سنڌي عوام جي جدوجهد جي نتيجي ۾ ڇهه قومي ڪارڪن بي دردي سان شهيد ڪيا ويا؟“ انهيءَ سوال جي جواب ۾ همراه ٻڌايو ته ”سائين بيريسٽر ضمير گھمري صاحب پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي“. ٺيڪ آهي، جيڪڏهن بيريسٽر ضمير گھمري صاحب پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي ته درست ئي لکيو هوندو ڇوته اعتبار لائق سنڌين مان هڪ اعتبار وارو ماڻهو آهي، پر تون ۾ ڇو ايتري شدت ۽ سختي آهي، تنهنجو انهن ڳالهين سان ڇا وڃي!“ اهو ٻڌي همراه ايئين ٿي ويو ڄڻ کيس اُڳرا لفظ مليا هجنيس سو ڏاڍو تپي ويو، چيائين”استاد سائين! اتي ڪو ٻيو هجي ها ته ٻڌائي ڇڏيانس ها، پر توهان جو ادب ماري ٿو، مان سنڌ بچائڻ جو جذبو رکان ٿو ۽ سنڌ بچايو تحريڪ جو هڪ سرگرم ڪارڪن آهيان“ اهڙي ردعمل تي همراه سان استاد ٿڌائيءَ سان ڳالهايو” ادا، ادب ڪرڻ جي مهرباني هڪ پنهنجي فرض نڀائڻ جوهڪ اعلـى عزم ڪيو اٿئي! هر ڌرتيءَ ڄائي تي اهو فرض هوندو آهي ته هو پنهنجي ڌرتيءَ جي بقا لاءِ ڪوشش ڪري، پر يار! ڪجھ منهنجي به ته ٻُڌُ!“
همراه جڏهن استاد کان اهڙا خيال ٻڌا تڏهن هن کي ايئين لڳو ڄڻ استاد سندس هم خيال هجيس تنهنڪري پوري ڌيان سان استاد کي ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو. استاد چيو ته ” ادا! تنهنجي ڳالهه ڀَلي، پر يار ڪنهن ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪا تياري ته ڪبي آهي ني! ڪا سوچ سانڍڻي پوندي آهي، ڪا صلاح مصلحت ڪرڻي پوندي آهي، نفعو، نقصان ڏسڻو پوندو آهي. يا ايئين ئي شروعات ڪري ڇڏبي آهي!. ڏسو ڪنهن به شاديءَ جي دعوت ڏيڻ کان اڳ ۾ موسم، مهيني، ڏينهن، تاريخ، خرچ، پکي ۽ هلندڙ وقت جي حالتن کي آڏو رکي شاديءَ جي ٿِــتِ ٻڌي ويندي آهي ني! يا سج اڀرندي سان بس اٿي ڪري وڃي ماڻهن کي چئبو آهي ته ٻُڌو! سڀاڻي اسان شاديءَ جي دعوت جي صلاح ڪئي آهي سو توهان کي ان دعوت جي سُڌُ ڏِجي، پو سڀاڻي ايئين نه چئجو توهان کي ٻڌايو نه ويو هو! ڀلا جڏهن اسان ڪا عمارت اوساريندا آهيون، ته سڀ کان پهريائين اسان ان عمارت جو نقشو سوچيندا آهيون، ٻه، چار سمجھو ماڻهو ان تي پنهنجي، پنهنجي راءِ ڏيندا آهن. ان کان پوءِ اهو نقشو ردوبدل جي مرحلن مان گذري، جڏهن آخري صلاح تي پڄندو آهي تڏهن ان نقشي موجب ايــرِيـــو ڪڍيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان ايــرِيـــي تي اوساري ڪرڻ شروع ڪندا آهيون، ڳالهه سمجھ ۾ اچي ٿا يا نه؟ “ همراه وراڻيو ” ايئين ته آهي، توهان صحيح ٿا چئو!“ استاد پنهنجي ڳالهه جي مڃتا ٻڌڻ کان پوءِ اڳتي ڳالهايو جيڪو بياني گھٽ پر سواليه وڌيڪ هيو. استاد چيو ” توهان سوير چيو ته، توهان سنڌ بچايو تحريڪ جا ڪارڪن آهيو. توهان انهيءَ سلسلي ۾ اهو ٻڌائيندو ته توهان ايڏو وڏو ڪم جو هٿ ۾ کنيو آهي، ان لاءِ توهان ڪهڙي تياري آهي؟ڏسو منهنجي ڳالهه جي اُبتي معنـى نه ڪڍجو، ننڍي کان ننڍي ڪم جي به هڪڙي منصوبه بندي هوندي آهي. توهان ته تمام وڏي جي ڪم جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، اسان حال ڀائي هجڻ جي ناتي اتوهان کان اهو معلوم ڪرڻ ٿا چاهيون ته توهان ايڏي وڏي ڪم لاءِ ڪهڙي تياري آهي؟ جيڪڏهن ڳالهه جلسن، جلوسن ۽ ويڙهه جي آهي، ته ادڙا! اها ڪا تياري ڪانهي، ڇوته اهي سڀ نسخا فيل ٿي چڪا آهن. اسان سالن کان اهي ڪم ڪندا آيا آهيون، انهن جلسن، جلوسن ۾ ڇا ٿيندو آيو آهي؟ تقريرون (تقريرن ۾ لفظ)، نعرا ( نعرن ۾ ڇسا عزم، ۽ گندا لفظ) ان کان پوءِ راڳ رهاڻ جي محفل جنهن ۾ ٺلها ۽ بي عمل لفظ، جذباتي ڪندڙ ڏوهيڙا، بَيت وغيره.“ همراه کي ڄڻ ڳالهه نه وڻي استاد کان آڏي پڇا جي انداز ۾ پڇيائين” باقي ڇا ڪرڻ گھرجي، ڪيئن سنڌ کي بچايون؟“ استاد ساڳي بردباريءَ واري انداز ۾ ڳالهه کيڀ لاڳيتو رکيو”ها هاڻي آئين نِي اصل ڳالهه تي، اصل ڳالهه تي ڳالهايون ٿا پر ٿورو ٿڌائيءَ سان، تڪڙ ۽ جذباتيت سان نه! مان ٻٽي ڳالهيون ڪرڻ ٿو چاهيان، انهن ڳالهين جو ظاهري روپ شايد سنڌ بچايو تحريڪ جي منشور سان نه ملي، پر اهي توکي ٻڌڻيون پونديون، ڇا تو وٽ ايترو وقت آهي؟ ڌيان سان انهن ڳالهين کي ٻڌي سگھندين؟“ همراه هائوڪار ڪندي چيو”سائين!توهان وقت جي ڳالهه نه ڪيو، مون وٽ توهان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تمام گھڻووقت آهي، توهان ڳالهه ڪيو“ استاد شڪريو چوندي ڳالهه ڪئي.
استاد چيو ته ” مثال طور رستي تي بيٺل ڪنهن وڻ جي ڏار تي وڏي مک واري ماکي ويٺي هجي، ان ماکي کي ڪو حرڪتي ماڻهو کڙو هڻي ڀڄي ويوهجي ۽ مٿان اچي تون گذرين ۽ پوءِ اها چڙيل ماکي توکي چنبڙي وڃي. ته پو!!!؟ حالانڪه ڏٺو وڃي ته ماکيءَ کي تڪليف ڪنهن ٻي ڏني آهي، ڇو ڏني آهي ان جي نه ماکيءَ جي مکين کي خبر آهي نه توکي خبر آهي، پر ماکيءَ جا مکا توتي حملو ڪري توکي ڏاڍو ڏنگين ٿا. جڏهن ته تو انهن کي ڪابه تڪليف ڪانه ڏني آهي، جيڪا ماکيءَ جي مکن جي طرفان توسان سراسر زيادتي آهي، ته پو تو انهي ڏاڍائيءَ جو فيصلو ڪنهن وٽ کڻي ويندي! تنهنجي خيال ۾ ته هو سمورو ڏوه ماکيءَ جي مکن جو ان ۾ تنهنجو ذري برابر به قصور ڪونهي. ماکيءَ جي مکن جو جواب اهو جو توتي حملو ڪيائون!
مثال طور توهان ڪنهن سواريءَ تي وڃي رهيا آهيو اها سواري ڪنهن اڏي تي بيٺي آهي، اتي ڦيري ڪرڻ وارا ماڻهو پنهنجن ٿالهن تي رکيل شيون وڪڻي رهيا آهن. جنهن ڦيري ڪرڻ واري جي ٿالهه تي پاڪوڙا پيل آهن اهو پاڪوڙا وٺو، پاڪوڙا وٺو جو هوڪو ٿو ڏيندو وتي، ۽ جنهن ڦيري ڪرڻ واري جي ٿالهه تي پيڙا پيل آهن اهو پيڙا وٺو، پيڙا وٺو جو هوڪو ٿو ڏيندو وتي،۽ جنهن ڦيري ڪرڻ واري جي ٿالهه تي ڀُڳڙا پيل آهن اهو ڀُڳڙا وٺو، ڀُڳڙا وٺو جو هوڪو ٿو ڏيندو وتي، ڇا توهان کي انهن ڦيري ڪرڻ وارن جي هوڪي تي ڪو اعتراض آهي؟ توهان پاڪوڙن جي هوڪي ڏيڻ واري تي ناراض ٿي وڃو ته تون پاڪوڙا ڇو ٿو چوين، پيڙا ڇونه ٿو چوين. توهان پيڙن جي هوڪي ڏيڻ واري جي هوڪي تي احتجاج ڪيو ته تون پيڙا ڇو ٿو چوين! پاڪوڙا ڇونه ٿو چوين يا ڀڳڙن واري تي دهمان ڪرڻ شروع ڪري ڏيو ته گھڙي، گھڙي ڀُڳڙا وٺو ڇو ٿو چوين اسان ڪي انڌا هون ڇا! جو تون ٿو ٻڌائيندو وتين! انهن ڦيري ڪرڻ وارن ماڻهن جي هوڪن تي اسان کي اعتراض ان ڪري نه هجڻ گھرجي جو انهنجي ٿالهه تي شيون اهي رکيل آهن.
مثال طور توهان شهر مان ڪيسٽن جي دڪان تان هڪڙي ڪيسٽ وٺو ٿا ان ڪري ته توها گھر وڃي پنهنجي ٽيپ تي اها ٻُڌندوَ توهان ڪيسٽ وٺي ويو، ڪيسٽ ۾ ڪهڙي ڪلاڪار جو آواز آهي؟ ڪنهنجو به هجي! بهرحال توهان ڪيسٽ وٺي گھر پهتوءَ، ڪيسٽ ڪڍي ٽيپ جي پيتي ۾ وڌَوَ ڪيسٽ وجھي ٽيپ هلڻ جي بٽڻ هڻڻ کان اڳ ۾ توهان ٽيپ کي ڪجھ سخن ۽ قول ٿا ڏيو ته ٽيپ ڳالهه ٻڌ! مون هيءَ ڪيسٽ تنهنجي پيتيءَ ۾ وڌي آهي، مان نه ڄاڻا ته هن ڪيسٽ ۾ ڪنهنجو آواز ڀريل آهي، پر مان جڏهن تنهنجو هلائڻ جو بٽڻ هڻا ته تون مونکي استاد محمد يوسف جي آواز ۾ ڪلام ٻڌرائجانءِ! ڇا ٽيپ سخن ۽ قول تي عمل ڪندي، استاد محمد يوسف جي آواز ۾ ڪلام ٻڌائيندي يا جيڪو ڪيسٽ تي ڇاپيل هوندو اهو ٻڌرائيندي!؟ ظاهر آهي ٽيپ اهو ڪجھ ٻڌائيندي، جيڪو ڪيسٽ تي ڇاپيل هوندو هاڻي جيڪڏهن اهو آواز استاد محمد يوسف جو ڪونهي ته پو ڇا ڪجي؟ لئي جي لٺ کڻي ٽيپ کي ڪٽجي، ڀڃجي، يا ان کي مار ڏجي! ڇا ڪجي؟ جيڪڏهن اسان اها ٽيپ جي غلطي سمجھي سي ته پو اسان جي سمجھ کي ڇا چئجي؟
مثالطور توهان بيمار ٿي پيا آهيو، توهان کي ليبارٽريءَ جي رپورٽ ۾ وڏو بخار ٻڌايو ويو آهي. چون ٿا ته جسم جڏهن ڪنهن ٻاهرين مداخلت سان سهمت نه ٿيندو آهي ته جسم جي اندروني قوت ۽ ٻاهرين دخل اندازي ڪندڙ قوت جي وچ ۾ جھيڙو ٿيندو آهي ۽ ان جھيڙي جي نتيجي ۾ ماڻهو بيمار سڏبو آهي، هو دوا لاءِ ڪنهن ويڄ جي در ويندو آهي. ٻاهرين قوتن ۾ ڪي هاٿي يا شينهن ڪونه هوندا آهن پر نه نظر ايندڙ ننڍڙا جسم هوندا آهن جن کي بيڪٽريا يا وائرس چئبو آهي. ڇا ڪوبه انهن ننڍڙن جسمن کان اهو پڇي سگھندو آهي ته توهان ڪنهنجي اجازت سان منهنجي جسم ۾ داخل ٿي ويا آهيو؟ ڇا ڪنهن ڪورٽ، ڪچهريءَ ۾ انهن جراثيمن جي خلاف فيصلو ڇڪائي سگھو ٿا؟“
استاد ايتري ڳالهائڻ کان پوءِ همراه کان پڇيو ته منهنجين انهن ڳالهين جو سنڌ بچايو تحريڪ جي ڪنهن هڪ به شق بظاهر ڪوبه واسطو ڪونه ٿو نظري، ايئين آهي ني؟“ همراه هائوڪار ۾ وراڻيو ”آهي ته ايئين ئي، پر انهن ڳالهين جو ٻيو مقصد به سمجھ ۾ نه ٿو اچي“
استاد ڪجھ ويرم جي چُپ کان پو وري سواليه ٻوليءِ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”ڇا توهان ڪڏهن پاڻ سان ڳالهايو آهي؟ ڇا توهان پاڻ کان پنهنجي باري ۾ ڪا پڇا ڪئي آهي؟ ڇا ڪڏهن توهان پاڻ کان آڏي پڇا ڪئي آهي؟ ڀلا توهان کي توهانجين خامين، خوبين جي سموري خبر آهي؟ توهان ٻين کي نصيحتون ڪندا آهيو يا توهان ٻين کي هدايتون ڏيندا آهيون؟ ڇا توهان پاڻ کي ان قابل سمجھو ٿا ته جو ٻئي کي هدايت ڏئي يا نصيحت ڪري سگھو ٿا؟ ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن ٻئي سان صلاح ڪئي آهي؟ جي صلاح ڪئي آهي ته ڇا واقعي اها صلاح هوندي آهي؟ يا صلاح ۾ شريڪ ماڻهو پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ تي زور ڏيندا رهندا آهن؟ ڇا توهان کي خبر آهي ته توهان ڪيڏي وڏي ڪم جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو؟ جڏهن ڪوبه فرد پاڻ کي اهڙن سوالن مان گذاريندو آهي ته پو ان مضر اثرات نڪري ويندا آهن، ماڻهو سڄو سلامتي ٿي پوندو آهي ۽ اهڙي خاصيت ئي ڪنهن فرد کي وڏي ڪم ڪرڻ جي لائقبڻائيندي آهي. جيڪڏهن توکي به واقعي ئي ڪو وڏو ڪم ڪرڻو آهي ته پو توکي پهريائين انهن سوالن جي ڳاه مان پاڻ گذاري بُــههُ ٿيڻو پوندو “
سوير جيڪي مثال سلياسي اهي ڇاکي ٿا ظاهر ڪن؟ شايد، مختلف روين، عملن، ردعملن، اصولن، ۽ فطري دستورن کي ٿا ظاهر ڪن.انهن مثالن ۾ ڪهڙا ڪهڙا رويا، عمل، رد عمل، اصول، ۽ دستور هٺ ڌرمي، هوڏ، ضد، جبر، حق تلفيءَ تي مبني محسوس ٿين ٿا. پر جي اهي سڀ منفي رويا، عمل، رد عمل، اصول، ۽ دستور مون ۾ هجن ته پو؟ ته پو منهنجي ڳالهه ۾ اثر ڪيترو هوندو، ڪيترا ماڻهو منهجا قائل ٿيندا؟
اسان جو ڪم ڪهڙو آهي؟ اسان جي ماڻهوءَ جو اصل مسئلو ڪهڙو آهي؟ ماڻهن کي سندن سکن جي سڌن ڏيڻ اصل ڪم آهي يا ماڻهن کي پنهنجي تڪليف کان آگاه ڪرڻ آهي؟ ڇوته اسان جي ماڻهوءَ کي پنهنجي ئي تڪليف جو پتو ڪونهي. هي سڀ حشر، نشر بي خبري جي ڪري آهي يا هي سڀ اهنج باخبر هجڻ جي ڪري آهن. ڪڏهن، ڪڏهن پنهنجي پاڻ ۾ هڪ وڏو پرديس هوندو آهي. شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هيءَ مصرع انهيءَ مفهوم جي لاءِ هڪ وڏو مددي دليل آهي.
”پَنڌُ مَ ڪَرِ پهاڙَ ڏي، وُجود ئي وڻڪار“
ٻئي تائين ڄاڻ پهچائڻ دنيا ۾ ڪٺن کان ڪٺن ڪم هوندو آهي. اهو ڪم تڏهن پورو ٿيندو آهي جڏهن اڳلو ماڻهو غور سان ٻڌي، سمجھي ۽ پنهنجي طرفان ڪجھ اظهار به ڪري ايتري ڳالهه هوندي آهي ۽ عمريون لڳي وينديون آهن. ڪيترين تڪليفون، اذيتون سهڻيون پونديون آهن. پوءِ به پوري جا پورا ماڻهو پيغام نه سمجھندا آهن. ڪي سمجھڻ جي باوجود پراڻن دستورن چنبڙيل هوندا آهن.
ته ڇا پنهنجي ذات ۾ ايتري تياري ٿي وئي آهي؟ ڇا اسان پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ قول ۽ فعل کي برابر رکي هڪڻ جهڙا ٿي ويا آهيون. هاڻي اسان پنهنجن ماڻهن سان جھيڙو ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي؟ اسان پنهنجن جا لفظ، طنز، طعنا سهنداسي پر انهن کي پاڻ کان پري نه ڪنداسي، اسان پنهنجن جا پٿر سهنداسي، پر پنهنجن کي اصل درد کان آگاهي ضرور ڏينداسين. اسان جاڳرتا جي لاءِ سواءِ ويڙه، جھيڙي، فساد، فتني، نفرت، ڪيني، دشمنيءَ جي باقي سڀ حيلا هلائينداسي؟ اها ڳالهه وڏي آهي باقي پو ڪنداسي.
amirhamzomirani@gmail.com
Filed under: امير حمزو ميراڻي،اي ميل ڪيل | Leave a comment »