(آئون توسان ڪيڏو ته پيار ڪريان ٿي) ليکڪ : الطاف شيخ

محترمه رشيده حجاب ٻڌايو ته هن زبيده ڪاليج مان B.SC ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان باٽني ۾ Ph.D ڪئي. پاڻ پهرين ڇوڪري هئي جنهن هن سبجيڪٽ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي ۽ گولڊ ميڊلسٽ رهي. ان بعد پاڻ سڄي عمر درس و تدريس جي شعبي ۾ رهي. پاڻ ڪيترن ئي ڪاليجن ۾ ٽيچنگ ڪيائين جهڙوڪ زبيده ڪاليج حيدرآٻاد ۾ ان بعد [...]

ماسي حاڪم زاديءَ جي ڌيءَ رشيده حجاب ليکڪ : الطاف شيخ

پاڻ گذريل ڪالم ۾ سسئي پليجو ۽ سندس ڳوٺ جنگشاهي جي ڳالهه ڪئي. هڪ ٻه ڳالهيون رهجي ويون اهي هتي لکان ٿو. رسول بخش پليجو سياسي طرح جيتوڻيڪ ”عوامي تحريڪ“ سان تعلق رکي ٿو پر سندس ڀاءُ غلام قادر ۽ ان جي ڌيءَ سسئي پيپلز پارٽي سان آهي. غلام قادر پليجو به ٻه دفعا صوبائي [...]

ماڊرن سسئي جي ڪهاڻي ليکڪ : الطاف شيخ

سنڌي ادبي سنگت جي سال 2009ع ايوارڊ فنڪشن ۾ سسئي پليجو پنهنجي تقرير ۾ اهو يقين ڏياريو ته هڪ وزير جي حيثيت ۾ هوءَ هر ممڪن ڪوشش ڪندي ته سنڌي ادبي سنگت خوشحال رهي ۽ هن اداري کي گهڻي کان گهڻيون سهولتون ملي سگهن. سسئي پليجو جيڪا هڪ ليکڪ جي حيثيت سان اُڀري ۽ هاڻي [...]

رڳو ڇوڪرين جون ڪهاڻيون ڏئي ٿو…. ليکڪ : الطاف شيخ

ڏٺو وڃي ته سنڌي ادبي سنگت جهڙيون ايسوسيئيشنون ۽ ادارا سِڌي طرح يا اڻ سِڌي طرح ڪافي حد تائين ڪارآمد ثابت ٿيا آهن. هڪ نئون لکندڙ جيڪو ڪچو ڦِڪو لکي ٿو ته هو چاهي ٿو ته هن جي همت افزائي ٿئي. اسان وٽ اڄ ڪلهه سنڌي اخبارن جو تعداد چڱو خاصو آهي پر ايترو به [...]

اسانجو ’نان- پيٽارين‘ زرداري ليکڪ : الطاف شيخ

(حصو ٻيو ۽ آخري)
بهرحال هڪ دفعو آئون وري پڙهندڙن کي هي ڪتاب ”ڪيم روح رهاڻ“ پڙهڻ لاءِ چوندس جو هن ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون پڙهندڙن لاءِ سبق آموز ۽ رهنمائي ڪري سگهن ٿيون. هي ڪتاب حيدرآباد مان انٽيل ڪميونيڪيشن وارن ڇپيو آهي جن جو فون نمبر 2721172 آهي يا ليکڪ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري [...]

اسانجو ’نان- پيٽارين‘ زرداري ليکڪ : الطاف شيخ

سنڌي ادبي سنگت جي ايوارڊ فنڪشن ۾ ٻارن جي ادب، شاعري، افسانا، آتم ڪٿا، ناول ۽ تحقيق جي بهترين ڪتابن جي ليکڪن کي به ايوارڊ ڏنا ويا. ايوارڊ يافته اديبن مان هڪ، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري کي شيلڊ ڏيڻ لاءِ، مون کي عزت بخشي وئي.
ڊاڪٽر زرداري جو 400 کن صفحن جو ڪتاب ”ڪيم روح رهاڻ“ [...]

سفرنامو…. ميسور کان ڪنيا ڪماري ليکڪ : الطاف شيخ

ميسور -3730 ڪلوميٽر
هندستان جي آزادي تائين ميسور شهر جي مهاراجن جي تخت جي جاءِ هئي. هي نوابن جي رياست سڏي وڃي ٿي.
ميسور اگربتين کان به مشهور آهي. انڊيا ۾ سڀ کان گھڻا اگربتين جا ڪارخانا ميسور ۾ آهن. ميسور ۾ ميسور پئلس، چڙيا گھر ۽ ريل ميوزيم ڏسڻ جون شيون آهن. گورنمينٽ هائوس جي اولهه [...]

ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو ويل ڪلچرڊ سيڪريٽري ليکڪ : الطاف شيخ

پاڻ گذريل ڪالم ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شاعري جي ڪتابن جي ڳالهه پئي ڪئي. سندس هڪ ٻه ٻيو شعر ياد اچي رهيو آهي.
لفظ هوا ۾ ڳالهائين ٿا
تنهنجا سڏ ڪا تڙپائين ٿا
گل مٽي مان مهڪي نڪتا
تنهنجي خوشبوءِ ڦهلائين ٿا….

پشم جهڙا پير کڻي ٿي
گلڙا چوڌر لهرائين ٿا
تون جو آڏو [...]

”مات نه ٿيڻا آهيون مور“ ليکڪ : الطاف شيخ

سنڌي ادبي سنگت جي حيدرآباد ۾ سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي بلڊنگ ۾ رٿيل ايوارڊ فنڪشن جيتوڻيڪ يارهين بجي بدران ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو پر مون کي ان جو افسوس ٿيڻ بدران خوشي ٿي جو مونکي سنڌ جي ڪيترن ئي وڏين اديبن ۽ شاعرن سان ملڻ جو موقعو ملي ويو جن مان ڪيترا ته [...]

آئي ايم فرام يُوڪي ليکڪ : الطاف شيخ

سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي بلڊنگ ۾ پهتس ته ان وقت يارهن ۾ پنج منٽ ٿيا هئا. خوشي ٿي ته پوري وقت تي پهچي ويس هاڻ فنڪشن ڀلي کڻي دير سان شروع ٿئي. ٻاهر  آڌرڀاءُ لاءِ چار کن سنڌي ادبي سنگت جا ڪارڪن هئا جن ۾ هاڻوڪو چونڊيل جنرل سيڪريٽري  يوسف سنڌي پڻ هو. يوسف سنڌي [...]