ڪراچي ۾ وڌندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ حڪومت جو جوڙيل هنگامي پلان : عبرت ايڊيٽوريل

وفاقي ۽ سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ روڪڻ لاءِ رينجرز کي سرچ آپريشن جي اختيار ڏيڻ ۽ انهن جو انگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گهرو وزير رحمان ملڪ ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي پوليس وچ ۾ ٿيل اهم گڏجاڻي کانپوءِ اهڙي قسم جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گهرو وزير چيو آهي ته رتوڇاڻ جي سياست هلڻ نه ڏينداسين. اڄ کانپوءِ ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو ڪوبه واقعو پيش آيو ته پوءِ ڏسو ته حڪومت انهن ماڻهن جو ڪهڙو حشر ٿي ڪري. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڪهڙي به سياسي پارٽي جو ماڻهو ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

جنهن ڏينهن ڪراچي ۾ هي اهم اجلاس ٿيو ان ئي ڏينهن ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ وڌيڪ 3 ماڻهو قتل ٿيا. هي صورتحال حالتن جي سنگيني کي ظاهر ڪري رهي آهي. گذريل ڪافي ڏينهن کان ڪراچي ۾ هلندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ جي هن سلسلي ۾ هينئر تائين درجنين ماڻهو مارجي چڪا آهن. هنن واقعن کي روڪڻ لاءِ حڪومت طرفان اهڙي قسم جا اعلان اڳ ۾ به ڪافي ڀيرا ٻڌا ويا آهن پر هنن واقعن ۾ گهٽتائي نه اچڻ مان ثابت ٿي رهيو آهي ته هن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جنهن سطح جا اپاءَ وٺڻ گهرجن اهي نه ورتا ويا. هينئر جڏهن ڪراچي ۾ امن امان جي هنگامي پلان جي منظوري ڏيندي اتي رينجرز جو سڌارو وڌائڻ ۽ ڳجهين ايجنسين کي وڌيڪ ذميواريون ڏيڻ جو فيصلو سامهون آيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته هي معاملو رڳو ڳالهين تائين محدود نه هجڻ گهرجي پر ان سلسلي ۾ عملي طور تي اڳڀرائي به ڪئي وڃي.

ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ان جو ان پٺيان ڪهڙو مقصد آهي اسان نه ٿا سمجهون ته اسان جون اعليٰ اختياريون ان کان ناواقف هونديون پر خبر ناهي ڪهڙين سياسي مصلحتن جي ڪري هن وقت تائين خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته هي ٽارگيٽ ڪلنگ ٻن گروپن جو پاڻ ۾ مسئلو آهي، ڪنهن پارٽي جو نالو نه وٺندس. اصل ۾ معاملن ڏانهن اهڙي قسم جو رويو انهن ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻجي ٿو. ماڻهو مارڻ وارو مسئلو ٻن ڌرين جو هجي يا سڀني ماڻهن جو پر قانون ڪنهن کي به اهڙي قسم جي اجازت نه ٿو ڏئي. جيڪڏهن ان ويڙهه ۾ ملوث پارٽين جو نالو وٺڻ به ڏکي ڳالهه آهي ته پوءِ انهن خلاف ڪارروائي ڪيئن ممڪن ٿي سگهندي. حڪومت کي گهٽ ۾ گهٽ امن امان واري معاملي ۾ ڪنهن به مصلحت کان ڪم نه وٺڻ گهرجي.بغير ڪنهن رک رکاءُ جي هنن واقعن ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

جيڪڏهن هنن واقعن کي سختي سان نه روڪيو ويو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. اسين حڪومت طرفان ڪراچي جي امن لاءِ جوڙيل هنگامي پلان جي آجيان ڪندي اميد ڪريون ٿا ته ان سان ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگهندي.

Leave a Reply