سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ”ٽارگيٽ ڪلنگ“ جي مشق جاري رهي آهي. 80ع واري ڏهاڪي کان روشنين جي ان شهر ۾ شروع ٿيل اهڙيون ڪارروائيون توڙي جو ڳچ عرصو ٺاپر ۾ به رهنديون آيون آهن، پر رکي رکي وري ايئن شروع ٿي وڃن ٿيون، جو هفتن جي اندر سوين جانيون هليون ٿيون وڃن. ان ڏس ۾ گهرو کاتي جو وفاقي وزير رحمان ملڪ ڪراچيءَ پهتو، وزير اعليٰ هائوس تي اتحادي ڌرين سان گڏجاڻي ٿي، ۽ فيصلو اهو ڪيو ويو ته، ڪراچيءَ ۾ رينجرز وٽ گرفتارين ۽ تلاشيءَ جا اختيار هوندا. اهڙي فيصلي کان پوءِ گهرو کاتي جي وفاقي وزير اهو سڌو جملو ڳالهايو ته، ”ٽارگيٽ ڪلنگ کي اڄ کان ختم سمجهيو وڃي.“
ڪراچيءَ جي جسم تي بدامني هڪ اهڙي زخم وانگر آهي، جيڪو سڪي وڃڻ کان پوءِ وري وري اکڙجي پئي ٿو. اها سٺي ڳالهه آهي، جو وفاقي توڙي سنڌ سرڪار اتي جي امن امان لاءِ صلاح مشورا ڪيا آهن، اتحادين کي به اعتماد ۾ ورتو آهي. ان ڳالهه جي شايد ئي ڪو ذي شعور ماڻهو مخالفت ڪري ته ڪراچيءَ ۾ امن ٿيڻ گهرجي، پر جيڪڏهن رينجرز کي اختيار ڏيڻ واري فيصلي جي حوالي سان ڏسجي ته ڪراچيءَ ۾ هونءَ به رينجرز جي مقرريءَ جو سبب اتي امن امان قائم ڪرڻ ئي آهي. ڏهاڪو کن سال پهرين جڏهن ڪراچيءَ ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو ٿيو هو، تڏهن اهو به فيصلو ڪيو ويو هو ته ان جي خرچ جو وڏو حصو سنڌ ڀريندي. اها به حيران ڪندڙ ڳالهه هئي ته هڪ وفاقي ادارو، پر ان جا خرچ هڪ صوبي کي ڀرڻا پوندا. تڏهن کان رينجرز ڪراچيءَ ۾ آهي، پر رينجرز جي هوندي دهشتگردي پنهنجي حساب سان هلندي رهي آهي. خرچ ڀرڻ باوجود بدامنيءَ جي زخمن جو اهو علاج ناهي ٿي سگهيو، جيڪو ٿيڻ کپي ها. هاڻي جڏهن دهشتگرديءَ ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي تازي لهر کان پوءِ وفاقي وزير چئي ٿو ته اڄ کان پوءِ ٽارگيٽ ڪلنگ کي ختم سمجهو ته ان جو ڇا مطلب آهي؟ ان جو مطلب ته بدامني کي ختم ڪرڻ ممڪن آهي، پر اها ان ڪري ٿيندي رهي آهي، جو ان جي خاتمي جا ڪي به سنجيده اپاءَ ناهن ورتا ويا. جيڪڏهن ان سان نبرڻ جا واقعي به ڪي اپاءَ ورتا وڃن ته ان جو خاتمو هڪ ڏينهن جي گڏجاڻي ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪيل فيصلي سان ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن رينجرز مقرر ئي ڪراچيءَ ۾ امن امان لاءِ ڪئي وئي آهي، ۽ جڏهن هيءُ صوبو ان جا خرچ به ان مقصد لاءِ برداشت ڪري رهيو آهي ته پوءِ ان کي اتي امن ڪرائڻ واري ذميداري نڀائڻ گهرجي. هونءَ ته پوليس کاتي ۾ ئي ايتري نفري آهي، جو جيڪڏهن ان کي موثر نموني استعمال ڪجي ته وڏي پيماني تي مثبت نتيجا وٺي سگهجن ٿا، ڇاڪاڻ ته پوليس کان سواءِ ڪنهن ٻئي فورس کي مقرر ڪري اختيار ڏيڻ کي ڪافي حوالن سان سٺو ناهي سمجهيو ويندو، پر جيڪڏهن اسان جي صوبائي حڪومت ان نفريءَ کي ان قابل نٿي سمجهي، ۽ امن لاءِ اضافي خرچ به ڀري ٿي ته پوءِ ان سموري ڪشٽ جا ڪي مثبت نتيجا به اچڻ گهرجن. ڪراچيءَ ۾ امن ڪرائڻ هڪ اهڙو معاملو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي مصلحت جي ڪا گنجائش نٿي بچي، جو هيءُ شهر متاثر ٿيڻ سان سموري ملڪ جي معيشت متاثر ٿيڻ اڻٽر هجي ٿو. هيءُ شهر ڪو رڳو هڪ روايتي شهر ڪونهي، پر هڪ اهڙو شهر آهي، جنهن سان ملڪ جا ٻيا ڪيترائي شهر معاشي حوالي سان ڳنڍيل آهن. اسان وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار جي انهيءَ سرگرميءَ کي ساراهيون ٿا، جو انهن هڪ هنڌ ويهي ڪراچيءَ ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ ڪي فيصلا ڪيا آهن، پر جڏهن امن امان جي ڳالهه ڪجي ٿي، تڏهن چئلينج رڳو ڪراچي ناهي، پر سنڌ جا ٻيا به ڪيترائي شهر آهن، جيڪي بدامنيءَ جي ور چڙهيل آهن، جتي جا ماڻهو به چاهين ٿا ته انهن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو وڃي، ڌاڙن ڦرن کان بچايو وڃي. جيڪڏهن هو ڪنهن واپار يا ڪم سانگي گهرن کان ٻاهر نڪرن ته کين اهو خوف نه هجي ته ڪير ايندو ۽ کين اغوا ڪري يا ڦر ڪري هليو ويندو. اهو هڪ اهڙو احساس آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جي ڪيترن هنڌن تي ننڍا ننڍا شهر توڙي ٻهراڙيون شام کان پوءِ ويران ٿي وڃن ٿيون. اغوا يا ڦرن ۽ ڌاڙن واري ڪلچر جو رڳو اهو نقصان ڪونهي ته ماڻهو عدم تحفظ جو شڪار ٿي نفسياتي دٻاءَ ۾ زندگي گذارين ٿا، پر ان ڪلچر سان ٻيا ڪيترائي ڪلچر به دم ٽوڙي ٿا ويهن. مثال طور اڳي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ شام جو نوجوان ڪيتريون ئي رانديون ڪرڻ لاءِ ميدان سينگاريندا هئا، جيڪا هڪ صحتمند سرگرمي هوندي هئي، ڪيترا ماڻهو تفريح لاءِ سينيمائن تي ويندا هئا، پر هاڻي اهي ڪلچر آهستي آهستي ختم ٿي ويا آهن. خود ڪراچيءَ جو حال ڏسجي ته اتان جا سينيما هال ان خوف کان ويران هجن ٿا ته متان هجوم ۾ ڪا دهشتگرد ڪارروائي ٿي پئي.
اسان سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار پاران ڪراچيءَ جي امن امان لاءِ ڪيل فيصلن جي آجيان ڪريون ٿا، پر اهو به چئون ٿا ته پوليس کان سواءِ جڏهن ڪو اضافي فورس سيڙائي ان کي بااختيار ڪرڻ سان گڏ مٿس خرچ به ڪريون ٿا ته اهو ڪي مثبت نتيجا ڏيڻ لاءِ هجي. هونءَ رينجرز جي مقرري ۽ ان کي اختيار ڏيڻ پوليس فورس تي بي اعتماديءَ جو اظهار آهي، پر جيڪڏهن ان عمل سان امن قائم ٿي وڃي ٿو ته اها ڳالهه به درگذر ٿي ويندي. پر شرط وري به اهو آهي ته ماڻهو پنهنجي اکين سان امن قائم ٿيندي ڏسن. جيڪڏهن ايئن نٿو ٿئي ته پوءِ هڪ اضافي فورس تي پئسا خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو، ان کي اختيار ڏيڻ جو ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ رينجرز کي به اهو سوچڻ گهرجي ته وفاقي وزير اهو چئي ڇڏيو آهي ته ”اڄ کان پوءِ ٽارگيٽ ڪلنگ ختم سمجهو.“ ڏسجي ته ايئن واقعي به ٿئي ٿو!
Filed under: ايڊيٽوريل, روزاني ڪاوش