ڪالهه واري اخبار ۾ رپورٽ ٿيو آهي ته ڪوٽڙي بئراج جي لهواري پاسي سنڌو ۾ مسلسل پاڻي جي کوٽ، شاخن ۾ وارابندي ۽ سمنڊ جي وڌڻ سبب لک ايڪڙن جي ايراضي تي ٻڌل ٺٽي ضلعي جي ٽن حصن تي ٻڌل سامونڊي، بئراجي ۽ ڪوهستاني علائقن جي لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي. سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيڻ سبب ساڍا 6 لک ايراضي تي بيٺل تمر جا ٻيلا به تباهه ٿي ويا آهن، جنهن سبب سمنڊ بنا روڪ ٽوڪ جي زمين کي کائڻ لڳو آهي. رپورٽ مطابق ضلعي جي 9 تعلقن ۾ صرف 2 لک 39 هزار 6 سؤ 48 ايڪڙ زمين آبادي لاءِ بچي آهي جڏهن ته 28 لک 30 هزار ست سؤ 69 ايڪڙ زمين غير آباد بڻجي وئي آهي.
ٺٽي ضلعي ۾ سامونڊي زهر وڌڻ جون دانهون ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان جاري آهن پر افسوس جو اختيار ڌڻين کي هن اهم معاملي جي اڃا تائين ڪابه ڳڻتي محسوس نه ٿي آهي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم وٽان پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري هي جيڪو ايڏو وڏو نقصان ٺٽي جي آبادگارن جي ڳچي ۾ پيو آهي ان جو ازالو ڪيئن ٿيندو؟ ان جي ڪابه خبر ڪونهي، هن صورتحال جي ڪري آبادگار طبقو جنهن معاشي بدحالي جي ور چڙهي ويو آهي اسان چاهيون ٿا ته ان جي سار لڌي وڃي ۽ ان کي وڌيڪ تباهي کان بچايو وڃي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏي سامونڊي يلغار کي روڪيو وڃي. جيڪڏهن هن ساحل سان اهو ساڳيو ئي بي ڌياني وارو رويو رکيو ويو ته باقي بچيل زمين به تباهه برباد ٿي ويندي. ان ڪري هن صورتحال ۾ تڪڙا اپاءُ ورتا وڃن. هي تباهي ڪا معمولي ناهي جنهن کي نظرانداز ڪري ڇڏجي. هي انساني جياپي جو مسئلو آهي، جنهن ڏانهن سنجيدگي سان ڌيان ڏنو وڃي.
Filed under: ايڊيٽوريل, روزاني عبرت