وساريان نه وسرن…(12) ”سائين علي مردان شاهه ”رقصم“ ۽ جان احمد کُهري جو افسوسناڪ قتل“ ليکڪ : احمد خان جمالي

ـ1971ع ۾ ڊسمبر جي 16 تاريخ تي بنگلاديش وجود ۾ آيو ۽ 20 ڊسمبر تي ذوالفقار علي ڀٽو ”نئين پاڪستان“ جي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر طور اقتدار سنڀاليو.

بنگلاديش جي آزادي جي دوران هڪ طرف جماعت اسلامي جي ذيلي تنظيمن جن ۾ گهڻائي بهارين جي هئي. ”الشمس“ ۽ البدر جي نالي سان مغربي پاڪستان جي فوج سان هر طرح جو سهڪار ڪيو. جڏهن ته ”مُڪتي باهني“ جي نالي سان قائم ڪيل ويڙهاڪ تنظيم بنگلاديش جي آزادي ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. اوڀر پاڪستان ۾ پاڪستاني فوج جي قيادت ڪندڙ جنرل نيازي ڀارتي فوج جي فاتح ڪمانڊر جنرل اروڙا جي اڳيان جڏهن هٿيار ڦٽا ڪيا ته اهو منظور انتهائي عبرتناڪ هو.

عوامي ليگ ڪميونسٽ پارٽي، نيشنل عوامي پارٽي ۽ ٻين جماعتن جيتوڻيڪ بنگلاديش جي نوجوانن ۽ عوام کي پرامن رهڻ ۽ تشدد کان پاسو ڪرڻ جون اپيلون ڪيون پر ان جي باوجود انتقام جي آگ ۾ جلندڙ مڪتي باهني جي ويڙهاڪن، خاص ڪري ”قادر صديقي“ ڪيترن ئي ”آزادي مخالف“ ۽ پاڪستان آرمي سان سهڪار ڪندڙ بهارين کي بيرحميءَ سان قتل ڪري ڇڏيو.

هڪ طرف ”بهارين“ پنهنجو پاڻ کي سچو ۽ پڪو پاڪستاني قرار ڏيندي ”نئين پاڪستان“ منتقل ڪرڻ لاءِ واويلا ڪئي ته ٻئي طرف بنگلاديش سرڪار پڻ ان ”مٿي جي سور“ مان جند ڇڏائڻ لاءِ پاڪستاني قيادت تي زور ڀريو، جڏهن ته پاڪستان ۾ جماعت  اسلامي ۽ هڪ متعصب لساني ٽولي پڻ هاءِ گهوڙا مچائي ڏني ته ”انهن بهارين کي پاڪستاني هجڻ جي سزا ڏني پئي وڃي“.

اوڀر پاڪستان جو حصو پاڪستان جو اڪثريتي علائقو هو، اهي بهاري پاڪستان ٺهڻ وقت ڀارت جي بهار صوبي مان سنوان سڌا مشرقي پاڪستان ۾ وڃي آباد ٿيا هئا. يعني هنن پاڪستان جو هيءُ حصو ته ڏٺو ئي ڪو نه هو ۽ نه ئي سندن واسطو ڪنهن طرف پاڪستان جي هن حصي سان هو. ان ڪري اُهي هن حصي جا رهواسي يا شهري هجڻ جي دعويٰ ڪرڻ ۾ آخر ڪيئن درست تسليم ڪجن؟؟ ان کانسواءِ پنهنجي مرضيءَ سان بهار مان لڏي بنگال ۾ آباد ٿيڻ کانپوءِ هر طرح سان هنن جو اهو فرض هو ته اُهي اتان جي رهواسين سان گڏجي رهن ها. بنگال جي مفادن کي پنهنجو مفاد سمجهن ها ۽ سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ معاشرتي لحاظ کان پنهنجون وفاداريون اتان جي حقيقي ۽ درست سياسي قوتن سان جوڙي رکن ها يا گهٽ ۾ گهٽ خاموش رهن ها پر هن اتان جي اڪثريتي عوام جي نمائندگي ڪندڙ جماعتن جي بدران ”پاڪ آرمي“ جي آپريشن ڪندڙ اهلڪارن سان”وفاداري“ ڪرڻ کي ترجيح ڏني. يعني هنن اتان جي ڌرتي ۽ عوام سان جُڙڻ جي بدران هوا ۾ لٽڪيل حملا ڪندڙ گروهه سان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ جي روش اختيار ڪري پنهنجي لاءِ پاڻ ”ڪيمپن ۾ رهڻ“ جون حالتون پيدا ڪيون.

ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت تي ان وقت چئن پاسن کان دٻاءُ هو ته سندس حڪومت ڪيئن به ڪري ڌرتي کان اکڙيل انهن اجنبي خاندانن کي پاڪستان گهرائي ۽ پاڪستان ۾ آباد ڪرڻ جي آڙ ۾ سنڌ ۾ گهر ٺهرائي آباد ڪري.

ظاهر آهي ته سنڌ جي سڀني وطن دوست ۽ انصاف پسند قوتن ”انهن مطالبن“ ۽ دٻاءَ جي مخالفت ۽ مزاحمت ڪئي. سڄي سنڌ ۾ ”بهاري نه کپن“ جا نعرا لڳندا ۽ احتجاج ٿيندا رهيا.

انهن ئي حالتن ۾ آئين ٺهيو، منظور به ٿيو پر جڏهن ان وقت سنڌ جي صوبائي اسيمبلي ۽ سرڪار سنڌي زبان جي سلسلي ۾ ٺهراءُ بحال ڪيو ته مختلف سياسي ۽ لساني ڌرين ۽ ڳجهين قوتن گڏجي سنڌ ۾ ٻوليءَ جا فساد ڪرايا. انهن فسادن ۾ نه صرف ڪيترائي ڪونڌر قربان ٿيا پر سنڌ ۾ لساني بنيادن تي نفرت پڻ وڌيڪ شدت اختيار ڪئي جيڪا مستقبل جي لاءِ وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿي.

پيپلز پارٽي جي هر پهرين حڪومت ۾ تعليمي ادارن مان فارغ ٿيندڙ نوجوانن کي وڏي تعداد ۾ مختلف وفاقي توڙي صوبائي ادارن ۾ روزگار جو حق ملڻ شروع ٿيو. جيئن ته سنڌ جون سموريون اهم شاگرد جماعتون سلجهيل، تجربيڪار ۽ بردبار ڪيڊر کان محروم ٿي رهيون هيون ۽ اهو خال شهرت چاهيندڙ، جوشيلن ۽ لاٺڙين والارڻ شروع ڪيو هو، ان ڪري شاگرد جماعتن ۽ ڪارڪنن جي وچ ۾ پڻ هڪٻئي جي لاءِ ”رقابت“ ۽ ”دشمني“ جو ماحول پلجڻ لڳو.

بنگلاديش ۾ هار کاڌل اسٽيبلشمينٽ جي نئين حڪمت عملي تحت ايجنسين نه صرف شاگرد ۽ سياسي جماعتن ۾ مداخلت شروع ڪئي پر منفي غيرصحتمند ۽ غيرسياسي لاڙن کي سگهارو بنائڻ ۾ خاص دلچسپي ورتي.

يوسف جکراڻي ۽ اسرار سرڪي به ان دور ۾ جيئي  سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اهم اڳواڻ ليکيا ويندا هئا. يوسف جکراڻي، ان وقت سائين غلام مصطفيٰ شاهه کي به ويجهو هو ته سنڌ جي ان وقت جي وڏي وزير سان به ڪنهن نه ڪنهن طرح رابطو ۽ واسطو هو.

بدقسمتيءَ سان اها تلخ حقيقت هئي ته يوسف جکراڻي جي قيادت ۾ شاگردن جو هڪ اهڙو گروپ ان وقت جيئي سنڌ سان لاڳاپيل هو،جنهن کان عام شاگرد ڇرڪندا هئا۽ پري ڀڄندا هئا.

اهڙي طرح شاگردن جو هڪ ٻيو اهڙو ئي گروپ وري انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پير منور جي سربراهيءَ ۾ موجود هو، جنهن کان پڻ عام شاگر ٽهندا ۽ ڊڄندا هئا. وڏي بدقمستي اها هئي جو مٿي بيان ڪيل ٻئي گروپ هڪٻئي جا ”مخالف“ هئا.

انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر افغان کي اسلام آباد ۾ وفاقي سيڪريٽري طور بدلي ڪيو ويو هو ۽ سندس جاءِ تي ڊاڪٽر اي ايف عباسي صاحب (A.F.Abbasi) صاحب ڪاليج جو پرنسيپال هو. ڊاڪٽر عباسي پڻ تمام لائق، محنتي ۽ ايماندار انسان هو.

هڪ ڏينهن انجنيئرنگ ڪاليج جي امتحانن جي تاريخ يا رزلٽ جي سلسلي ۾ ڪاليج جي شاگردن، ڪاليج ۾ جنرل باڊي گهرائي هئي. ان جنرل باڊيءَ ۾ ڪنهن معمولي ڳالهه تان غازي بروهي ۽ سائين شاهنوار شاهه جي وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي پئي. غازي بروهي جو تعلق پير منور وارن سان هو، جڏهن ته سائين شاهنوار شاهه جو واسطو يوسف جکراڻي سان هو.

ان تلخي جي نتيجي ۾ ٻنهي گروهن جي وچ ۾ ”انا“ جو مسئلو پيدا ٿي پيو.

ڪاليج ۾ ٿيل جهڙپ جي خبر جڏهن يوسف جکراڻي کي پئي ته هو باهه ٿي ويو ۽ چند دوستن سان اچي ڪاليج پهتو، ان دوران سڀ شاگرد ٽڙي پکڙي ويا هئا. يوسف ڪاليج جي ڪينٽين ۾ به آيو پر اتي به سندس ”متحارب“ گروپ جو ڪو به سرگرم شاگرد موجود نه هو. ڪينٽين کان ٻاهر نڪتو ته سندس نظر غني درس تي پئي جيڪو ان وقت ڪاليج جي اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري هو. غني درس جي دوستي ته ضرور پير منور گروپ جي ڪجهه ساٿين سان هئي پر هو اهڙي فسادي ماحول ۽ جهڳڙن کان پري ڀڄندڙ هو.

يوسف جکراڻي غني درس تي فائر ڪيا، پر هو ڪافي پري هو. اتفاق سان ڊاڪٽر عباسي به ان وقت ڪاليج اچي رهيو هو، جنهن غني درس کي ڪار ۾ ويهاري، ڪار کي ڀڄائي، پاڻ کي به ته غني درس کي به بچايو، ڇاڪاڻ جو ان دوران يوسف جکراڻي ڪار تي به فائر ڪري رهيو هو.

ان کانپوءِ يوسف جکراڻي، سر سيد هاسٽل ۾ غازي بروهي جي ڪمري تي آيو، پر غازي ان وقت هاسٽل ۾ نه هو. آءٌ به ان وقت سر سيد هاسٽل ۾ ئي رهندو هوس. يوسف سان به سٺي دعا سلام هئي ته پير منور وارن سان به سٺا تعلقات هئا. مون يوسف جکراڻي کي هٿ ٻڌي چيو ته ”يوسف اوهان کي سنڌ جو قسم آهي ته ايئن نه ڪيو ۽ پاڻ ۾نه وڙهو“. پر جيئن ته يوسف ان وقت سخت ڪاوڙ ۾ هو ان ڪري منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري هاسٽل مان هليو ويو.

تاءَ واري ان ماحول ۾ هاڻي ٻئي گروپ ٽولو، ٽولو ٺاهي هلندا هئا. ڪوشش اها هئي ته هڪٻئي جي سامهون نه اچن ۽ ايئن ڪافي ڏينهن بلڪه مهينا گذري ويا.

پير منور، عيسيٰ جمالي ۽ سائين بخش لغاري وارا جڏهن انجنيئرنگ ڪاليج مان پاس ڪري وڃي نوڪرين سان لڳا ۽ يوسف جکراڻي پڻ جڏهن يونيورسٽي مان آخري سال جي امتحان مان فارغ ٿيو ته هڪ رات يوسف جکراڻي، اسرار سرڪي، شاهنواز شاهه ۽ سندس ساٿين رات جو انٽرنيشنل هاسٽل جي ان ڪمري ۾وڃي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ سندن مخالف گروپ سان واسطو رکندڙ علي مردان شاهه، جان احمدکُهرو ۽ عبدالمجيد جمالي ۽ سندس ٻيا ڪجهه دوست ويٺل هئا. فائرنگ جي نتيجي ۾ علي مردان شاهه ۽ جان احمد کُهرو گذاري ويا جڏهن ته عبدالمجيد جمالي سخت زخمي ٿيو، جنهن کي پيٽ ۾ گولي لڳي هئي.

رات جو وقت هو ۽ ڪافي رات گذري چڪي هئي، انجنيئرنگ ڪاليج جو شاگرد آفتاب ميمڻ ان وقت انٽرنيشنل هاسٽل ۾ رهندو هو، اهو ڀڄندو ڀڄندو مون وٽ سر سيد هاسٽل آيو ۽ سڄي ڳالهه ٻڌايائين. علي نواز ڪلهوڙو ان وقت انٽرنيشنل هاسٽل جو ”پرو ووسٽ“ هو.

مون سائين پير مظهرالحق کي فون ڪئي، سڄي افسوسناڪ صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ کيس فورن ايمبولينس، انٽرنيشنل هاسٽل ۾ موڪلڻ ۽ رت جو انتظام ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو. پير مظهرالحق ان وقت سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلن جو انچارج هو يا غلام مصطفيٰ شاهه جو پي آر او هو. اسان به لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو اسپتال پهتاسين ته پير مظهر به اتي موجود هو. ڏاڍو غمگين ۽ پريشان هو، مونکي چيائين ته ”توکي ڪيترو چوندو هوس ته هنن ٻنهي ڌرين جو ٺاهه ڪراءِ“.

سائين پير مظهر جي ڳالهه ته پنهنجي جاءِ تي درست پر ان ماحول ۾ منهنجي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو، ڇا ڪجي.

سڄي يونيورسٽي ۽ ڪاليج جو مجموعي ماحول ”اُداس“ ۽ ”ڏکارو“ هو. سڀني جي زبان مان اهو جملو پئي نڪتو ته ”ايئن نه ٿئي ها ته بهتر هو!!“

سائين علي مردان شاهه، نوان جتوئي جو رهواسي هو، خوبصورت، جذباتي ۽ عجيب نوجوان هو. پيپلز پارٽي جو حمايتي هوندو هو. مون وٽ اڪثر هاسٽل ۾ ايندو هو. هڪ دفعي بهارين جي مسئلي کي چيائين ته احمد خان دل چوي ٿي ته ”بهارين جي پهرين جهاز کي آءٌ پاڻ بم سان اڏايان“، ”ٻُڌاءِ ته ان لاءِ ڇا ڪيان“.

شاعر به هو، سندس تخلص رقصم هو. سندس ٻيو هڪ ڀاءُ هو جيڪو ڪجهه ڪجهه ”مجذوب“ قسم جو محسوس ٿيندو هو.

سائين علي مردان شاهه جو والد جڏهن ڄامشوري سندس ”خاموش جسم“ کڻڻ لاءِ آيو ته ڏاڍو، ڏاڍو ڏک ڪيائين ۽ غلام مصطفيٰ شاهه کي ڏوراپا ڏنائين. علي مردان شاهه جي والد، معاوضو وٺڻ کان به انڪار ڪيو هو ۽ چيائين ته ”منهنجو پُٽ شهيد آهي“. علي مردان شاهه جو والد بيشڪ بهادر ۽ هڪ سٺو ”پيءُ“ هو. علي مردان شاهه پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ دفن آهي. اڄ مٿس ميلا به لڳن پيا ته سندس شاعري به ڳائجي پئي.

علي احمد کُهرو، دادو جو رهواسي هو، ماءُ پيءُ جو اڪيلو پُٽ هو، غريب خاندان سان سندس واسطو هو. غربت به ايتري جو ڪاليج ۽ هاسٽل جا خرچ به نه ڀري سگهندو هو. جيئن ته علي مردان شاهه به تعليم دادو ۾ حاصل ڪئي هئي، ان ڪري ٻنهي جي پاڻ ۾ سُٺي دوستي هئي. هن افسوسناڪ واقعي سڄي سنڌ، خاص طور تي شاگرد تحريڪ کي ”جمهوري“ وڌو.

تنظيمي لحاظ کان عبدالمجيد جمالي جو واسطو به جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان هو پر سندس دوستي علي مردان شاهه وارن سان به هئي ته هو شاگردن جي پاڻ ۾ وڙهڻ جي پڻ خلاف هو، پر ان حملي ۾ پاڻ به زخمي ٿي پيو.

مون کي ياد آهي ته اسپتال مان فارغ ٿيڻ ۽ ڪجهه صحتياب ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن آءٌ ۽ عبدالمجيد گڏجي ڪراچي آياسين، ڇاڪاڻ ته اسان حفيظ پيرزادي واري ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد هئاسين پر پوءِ به وقت بوقت ٽربيونل ۾ شنوائي تي وڃڻو پوندو هو. اسان جڏهن ڪراچي پهتاسين ته عبدالمجيد جمالي چيو ته ”سائين جي ايم سيد کي سلام ڪندا هلون“.

اسان جڏهن حيدر منزل پهتاسين ۽ سائين سان رسمي حال احوال ڪياسين  ته ڳالهين جي دوران سائينءَ، مجيد کي چيو ته ”پاڻ ۾ ٺهي وڃو“، ڀلا وڌيڪ نه ته ”شاهنوار شاهه سان ٺهي وڃو“. مجيد جمالي، سائين جي ان خواهش جي موٽ ۾ خاموش رهيو پر ملاقات کانپوءِ ٻاهر اچي ڏک ڪيائين.

ان وقت اُهي افواهه پڻ هليا هئا ته جيڪڏهن ان رات اها واردات نه ٿئي ها ۽ ايئن اهو جهيڙو ختم ٿي وڃي ها ته ڪجهه ڏينهن اندر، يوسف جکراڻي کي ڊي ايس پي جا آرڊر ملڻ وارا هئا. ان خبر يا افواهه ۾ ڪيتري صداقت هئي، ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪا به ڄاڻ يا پڪ نه آهي.

بهرحال، ان دردناڪ واردات جي نتيجي ۾ ڪيس به داخل ٿيا ته گرفتاريون به ٿيون پر نتيجو ڪو به نه نڪتو. ڪيس ”ڪٻاڙخاني“ جي حوالي ٿي ويا، انصاف اڏامي ويو. علي مردان شاهه ۽ جان احمد جي والدين جي ”اميدن“ جا ڏيئا اجهامي ويا پر قتل جي اها واردات دوستن کي به روئاريندي رهندي ته مجرمن کي پڻ پڇتاءُ ۽ پشيمانيءَ جي احساس هيٺ هميشه تڙپائيندي رهندي.

علي مردان شاهه جو ٻهڪندڙ چهرو ۽ جان احمد کُهري جو معصوم خاموش چهرو اڄ به جڏهن اکين اڳيان ايندو آهي ته سچ پچ ته سندن ”ابدي جدائي“ تي يقين به نه ايندو آهي ته دل به ڏاڍي ماندي ۽ وياڪل وياڪل ٿي پوندي آهي.

ڏسو ته انجنيئرنگ ڪاليج ۾ معمولي تلخي ڪنهن جي ڪنهن جي وچ ۾ ٿي ته ان جو هانءُ ڏاريندڙ نزلو وري ڪنهن تي ڪريو؟!

ان ڪري ”نفرت“، ”انتقام“ ۽ ”انا“ بدران سهپ، محبت، پنهنجائپ ۽ درگذر ڪرڻ ۾ ڪيڏو نه مزو آهي. ڪيڏو نه سڪون آهي!! ڪاش انسان منفي احساسن کي اڀارن جي بدران انسان جي مثبت ۽ انسان

Leave a Reply