ماحول جي بگڙجندڙ صورتحال جي سبب اسان جو ملڪ، شهر ۽ ڳوٺ مسئلن ۽ سنگين بحرانن جو شڪار آهن، اُن جو اندازو خوشحال يا امير ماڻهن کي نه ٿيندو آهي. اِن جو بنيادي سبب اِهو آهي ته ٻيلن جي واڍيءَ ڪري موسم جيڪڏهن وڌيڪ گرم ٿي وڃي، بجلي ڏينهن ۾ 10 ڀيرا هلي وڃي، پيئڻ ۽ روزمره ضرورتن لاءِ پاڻي دستياب نه هجي، مهانگائي بيشمار ماڻهن کي ٽن وقتن مان ٻن وقتن ۽ ڪجهه حالتن ۾ هڪ وقت تائين کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هُجي ته اُن جي خبر اسان جي خوشحال ماڻهن کي نه ٿيندي آهي.
ڪو گهراڻو خوشحال يا امير آهي ته پنهنجي گهر جي لاءِ بجلي پيدا ڪرڻ، موسم جي سختيءَ کي برداشت ڪرڻ لاءِ گهر کي ٿڌو يا گرم ڪرڻ، خوش ذائقه ٿڌي پاڻيءَ جي هر وقت فراهميءَ جي لاءِ ڊسپينسر لڳائڻ، کائڻ پيئڻ جو بلند معيار رکڻ ۽ هفتي ۾ ڪيترائي ڀيرا بهترين هوٽلن ۽ ريسٽورنٽس تي چڪر لڳائڻ، اُن جي لاءِ هڪ عام ڳالهه آهي. ماحوليات جي خرابي جي پهرين ته اُن هن کي خبر ناهي هوندي ۽ اڪثر اِهو به ٿيندو آهي ته هي ماڻهو اُنهن ئي ادارن مان وڏيون پگهارون به کڻندا آهن ۽ انهن جي مفادن جو تحفظ ڪندا آهن، جيڪي دنيا جوماحولياتي توازن بگاڙڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. انهن ادارن ۾ هلڪو ۽ وڏو اصلحو بڻائڻ واريون فيڪٽريون، نهايت خطرناڪ ڪيميائي جزا تيار ڪرڻ وارا ڪارخانا، ٽمبر مافيا جيڪا دنيا مان هزارين ايڪڙ ٻيلن کي ڪٽي دولت ڪمائي رهي آهي ۽ دنيا کي بنجر بڻائڻ، ماحولياتي توازن بگاڙڻ ۽ زمين جو گرمي پڌ وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ائٽمي ڌماڪا ۽ هٿيار بڻائڻ وارين ڪمپنين جي وچ ۾ مقابلي جي ڊوڙ اُنهن تي منحصر آهي. انهن امير ماڻهن مان اڪثر انهن ادارن جا مالڪ، ڊائريڪٽر يا اعليٰ عهدن تي ملازم هوندا آهن. انهن ماڻهن مان اِها توقع رکڻ بيڪار آهي ته اُهي گلوبلائزيشن جي نالي تي دنيا جي غريبن جا وسيلا هڙپ ڪرڻ يا هضم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو به ڪجهه ڪندا!
هي اُهو سنگين ماحولياتي، مالياتي، معاشي ۽ سياسي بحران آهي جنهن سان اڄ سموري دنيا غريب ۽ پسمانده آهي. ان باري ۾ پهرين دنيا جي ڪجهه باشعور ۽ باضمير دانشورن ۾ به تڙپ نظر اچي ٿي ۽ پهرين دنيا جا فرد هئڻ جي باوجود هو پنهنجو رشتو سموري دنيا جي انسانن سان جوڙيو بيٺا آهن. انهن مان ئي هڪ ڊيوڊ سي ڪورٽن آهي. ملٽي نيشنل ۽ ٽرانس نيشنل ڪمپنيون دنيا تي جهڙي طرح حڪمراني ڪري رهيون آهن، اُن باري ۾هن جو هڪ ڪتاب شايع ٿيو آهي جنهن کي تمام گهڻي مشهوري ملي آهي.
ڪورٽن هڪ گورو آمريڪي آهي. هُن جي زندگيءَ جو آغاز اهڙي انداز ۾ ٿيو هو، جهڙي طرح وچولي طبقي جو هڪ عام امريڪي نوجوان پنهنجي زندگي شروع ڪندو آهي. هُن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، مختلف آمريڪي يونيورسٽين ۾ پڙهايو، يو ايس ايڊ ۾ ملازمت ڪئي ۽ اُتي ئي هن جو نقطه نظر بدلجڻ شروع ٿيو. آهستي آهستي هو آمريڪي شهريءَ جي بجاءِ دنيا جو شهري ٿي ويو. هُن مختلف ملڪن جو سير سفر ڪيو ۽ سفر جي دوران کيس اِن ڳالهه جو احساس ٿيو ته دنيا جي غريب ملڪن ۾ ئي نه پر آمريڪا ۾ به ماڻهن جو مستقبل مايوسيءَ جو شڪار آهي، هُو خوف ۽ سياسي ويڳاڻپ ۾ مبتلا آهن ۽ پاڻ کان وڌيڪ پنهنجي مستقبل لاءِ پريشان آهن. ڊيوڊ ڪورٽن اِن جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو. پهريون عملي تجربي مان گذري ڪري هُو اِن نتيجي تي پهتو ته صارفيت يعني (Consumerism) دنيا جي نظام کي اونڌو سنئون ڪري ڇڏيو آهي.
دنيا ماحولياتي بحران ۾ مبتلا ٿي چُڪي آهي، اُن جو جائزو وٺندي ڪورٽن لکيو آهي ته اِها ڳالهه عام طور نوٽ ڪئي وئي آهي ته 80 سيڪڙو ماحولياتي نقصان جو سبب دنيا جي هڪ ارب کان وڌيڪ تمام گهڻو خرچ ڪرڻ وارا ماڻهو آهن. هُن ايلن ڊرننگ جو حوالو ڏنو، جنهن پنهنجي ڪتاب ”ڪيترو ڪجهه ڪافي آهي؟“ ۾ لکيو آهي ته هي ماڻهو دنيا جي آباديءَ جو تقريبن 30 سيڪڙو آهن، جن جي زندگي ڪارُن، گوشت تي مشتمل غذائن ۽ پيڪ ٿيل استعمال کان پوءِ ڦٽي ڪري ڇڏڻ وارين شين جي چوڌاري گُهمي ٿي. ٻي طرف دنيا جي 20 سيڪڙو آباديءَ جا ماڻهو انتهائي محروميءَ جي حالت ۾ زنده آهن، اُن جي باوجود به هن وقت دنيا جا تقريبن 60 سيڪڙو ماڻهو اڄ به پنهنجون اڪثر بنيادي ضرورتون پائدار طريقن سان پوريون ڪري رهيا آهن. دنيا جي پائداري برقرار رکڻ وارن شعبن جي رُڪن جي حيثيت سان سائيڪلون يا عوامي ٽرانسپورٽ سفر لاءِ استعمال ڪن ٿا. داليون، سبزيون ۽ ڪجهه گوشت تي مشتمل صحتمند خوراڪ کائن ٿا. دٻن ۾ بند شيون تمام گهٽ خريد ڪن ٿا ۽ پنهنجي استعمال ڪيل شين کي ٻيهر استعمال ڪرڻ جي قابل بڻائين ٿا. جيتوڻيڪ اُنهن جو اِهو طرزِ زندگي اسان جي صارفاڻي“Consumeristic” عياشي جي تصور کي پورو نٿو ڪري پر هي تمام گهڻي مشڪلاتن واري طرزِ زندگي به نه آهي. 50 سال جي معاشي ترقي ۽ قومي ترقي جو الميو اِن حقيقت ۾ پوشيده آهي. اهڙا معاشرا تعمير ڪرڻ جي بجاءِ، جيڪي پائداري برقرار رکڻ وارن فردن کي بهتر زندگي مهيا ڪن ۽ محروم ماڻهن کي پائدار طبقي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪن، اسان تمام گهڻو خرچ ڪرڻ وارن فردن جي حوصلا افزائي ڪئي ته جيئن هو پنهنجي خرچ ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ڪن ۽ پائدار طبقي جا ڪيترائي ماڻهو هيٺ ڌڪي محروم طبقي ۾ شامل ڪري ڇڏياسين. اِن عمل جي دوران اسان پائدار طبقي جي ماڻهن جي زندگي کي وڌيڪ ڏکيو بڻايو، ڇو ته اسان پيداوار جا اُهي پراڻا طريقا تبديل ڪري ڇڏيا جيڪي ڪڏهن انهن جون ضرورتون پوريون ڪندا هئا. ڊيوڊ ڪورٽن ۽ هُن جي وني جڏهن نيويارڪ شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي ته ڪجهه گهٻرايل هئا. ڇو ته هُو ڄاڻن پيا ته نيويارڪ شهر ڏوهن، غربت ۽ جديد معاشي زندگيءَ جي شديد نابرابريءَ جي ور چڙهيل آهي، پر اُنهن جو چوڻ آهي ته اسان کي ان سرد، غير شخصي شهر سان واسطو نه پيو، جنهن جي اسان توقع ڪري رهيا هئاسين، اُن جي بجاءِ اسان کي نسلي طور تي پٺ تي ڌڪيل مقامي آبادين ۽ خاندانن جي فردن جي انتظام هيٺ ننڍن دڪانن تي مشتمل شهر مليو، جنهن ۾ انساني توانائي ۽ زندگيءَ جي اُها ئي ڌڙڪن موجود هئي، جيڪا اسان ٻين جڳهين تي ڏٺي هئي. نيويارڪ کي ڪهڙي به طرح پائدار طرز زندگيءَ جو نمونو قرار نٿو ڏئي سگهجي ۽ هن شهر ۾ اهڙو گهڻو ڪجهه آهي جيڪو زندگيءَ جي معيار کي بُري طرح متاثر ڪندو آهي. پر نيويارڪ ۾ رهي ڪري مون کي اهڙا امڪان نظر آيا، جن کي عمومي طور تي نظر انداز ڪيو ويندو آهي.
هُن جو چوڻ آهي ته 40 سالن ۾ پهريون ڀيرو اِئين ٿيو هو جو مون وٽ ۽ فاران وٽ ڪار نه هُئي. منهنجي آفيس اپارٽمينٽ ۾ ئي آهي ۽ فاران پنهنجي آفيس اچڻ وڃڻ جي لاءِ سب وي (زمين هيٺان ريل) جو سفر ڪندي آهي. اسان جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ خريداريءَ جون ضرورتون اسان جي اپارٽمينٽ جي ٽن بلاڪن جي اندر ئي پوريون ٿينديون آهن. فارميسي، هارڊويئر، اليڪٽرونڪس، ڪتاب، سودو سيدو، ڪپڙا، گهر جي استعمال جون شيون، اُنهن سڀني مان چونڊ ڪرڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي. منهنجي آفيس جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ روڊ جي هُن طرف هڪ دڪان موجود آهي. هڪ سافٽ ويئر اسٽور ڳليءَ جي ڪُنڊ تي آهي ۽ آفيس جي سامان جا دڪان سڏ پنڌ تي موجود آهن. هُو چوي ٿو ته اسان جي گهر پيادل يا سب وي جي ذريعي هر ريسٽورنٽ، جاز ڪلب، ٿيٽر، اوپيرا، رقص گهر، آرٽ گئلريون، ميوزم، فري پبلڪ ڪنسرٽ ۽ هيلٿ ڪلب تائين پهچي سگهجي ٿو. پارڪن جو هڪ غير معمولي نظام جيڪو شهر جي سرحدن جي اندر ئي آهي، اُن فطرت تائين پهچ کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن اسان کي شهر کان ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي ته اسان ٽرين ذريعي سفر ڪندا آهيون يا پاڙي مان رينٽ اي ڪار کڻندا آهيون. پنهنجي ڪار نه هجڻ سان محرومي محسوس ٿيڻ جو ڇا سوال آهي؟ اسان کي ته اُن ۾ آزاديءَ جو احساس ٿئي ٿو. تمام گهڻي ٽريفڪ ۾ سفر ڪرڻ کان، پارڪنگ جي مسئلن کان، انشورنس جي ڏکيائين ۽ ڪار جي مرمتن کان آزادي! اهڙي طرح سان هر سال جيڪي هزارين ڊالر بچايون ٿا، اُن سان اسان لاءِ اِهو ممڪن ٿي پوي ٿو ته پنهنجي پسند جا ڪم ڪري سگهون. مثال هڪ ڪتاب لکڻ.
اسان کي يونين اسڪوائر تي لڳندڙ هارين جي بازار ۾ خاص لطف ايندو آهي، جو اسان جي گهر کان صرف اڌ بلاڪ جي فاصلي تي آهي. اُهي ماڻهو جيڪي آس پاس ۾ فارم، ڊيري ۽ ڪچن بيڪريون هلائيندا آهن هتي هفتي ۾ چار ڏينهن پنهنجو مال وڪڻڻ ايندا آهن. انڊا ۽ مرغيءَ جو گوشت، اهڙي ڳئون جو گوشت جنهن کي هارمون جو انجيڪشن نه لڳايو ويو آهي، فطري طور تي پوکيل گُل ۽ سبزيون، تازو گوشت ۽ مڇي جيڪا مصنوعي هارمونز کان بلڪل پاڪ هوندي آهي. مان سال جي اڪثر ڏينهن ۾ پنهنجو کاڌو اُنهن ئي شين سان تيار ڪندو آهيان، جيڪي اُن بازار ۾ ملنديون آهن. غذائيت ۽ ذائقي سان ڀرپور خوشبودار ۽ ڪئميڪلز کان پاڪ غذائون کائي ڪري اسان پاڻ کي وڌيڪ صحتمند ۽ توانو محسوس ڪندا آهيون. سٺي ننڊ سمهندا آهيون ۽ وڌيڪ صاف ذهن سان سوچيندا آهيون. اسان کي هارين سان واقفيت پيدا ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي ۽ اِن علم سان سڪون محسوس ٿيندو آهي ته اسان جون غذائون ماحولياتي اعتبار سان ذميداراڻن طريقن سان تيار ڪيون وڃن ٿيون. پنهنجي ٺاهيل ٿيلن ۾ کائڻ جون کليل شيون وٺي اچڻ جو مطلب هي آهي ته اسان وٽ پئڪنگ جو ڪچرو تمام گهٽ نڪرندو آهي. شهر ۾ ٽين، گلاس، پلاسٽڪ ۽ اخبارن جي ردي جي ذريعي ٻيهر استعمال جون شيون بڻايون وينديون آهن. ڇنڇر ۽ آچر بازار ۾ هڪ مقامي رضاڪار تنظيم نامياتي گدلاڻ جمع ڪندي آهي، جنهن کي قدرتي ڀاڻ بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. سچ ته هي آهي ته دنيا جو ماحولياتي نظام اِن لاءِ درهم برهم ٿيو آهي جو اسان تمام گهڻيون ڪارون ۽ هوائي جهاز استعمال ڪيا آهن. اهڙيون غير صحتمند غذائون کاڌيون آهن، جيڪي زمين کي تباهه ڪرڻ وارن طريقن سان تيار ڪيو وينديون آهن، جن سان اُنهن ۾ زهريلا جزا باقي رهجي ويندا آهن ۽ اهڙيون شيون استعمال ڪندا آهيون جن جي غير ضروري پئڪنگ استعمال کان پوءِ اُڇلائي ويندي آهي. ڇا اهڙي قسم جي شين کي ترڪ ڪرڻ واقعي ئي مشڪل آهي؟ ڊيوڊ ڪورٽن اُنهن فوجي سرگرمين جي باري ۾ به سوال اُٿاري ٿو، جيڪي دنيا ۾ ٿيندڙ ماحولياتي تباهيءَ جي 30 سيڪڙو جون ذميدار آهن. ڇا اِهو تمام گهڻو مشڪل آهي ته اسان پنهنجا جهڳڙا غير فوجي طريقن سان حل ڪيون؟ ۽ اصلحو ٺاهڻ وارين فيڪٽرين جي تعداد ۽ اُنهن مان نڪرندڙ اصلحي جي مقدار کي گهٽ ڪيون. ڊيوڊ پنهنجي ڪتاب ۾ اهڙا ڪيترائي سوال اُٿاريا آهن، جن تي اسان کي به غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.
zahedahina@hotmail.com
Filed under: روزاني عبرت, زاهده حنا