تبديلي ئي آپشن هجڻ گهرجي! ليکڪ : علي قاضي

علي قاضي

علي قاضي

گڊ گورننس ۽ حڪومتي ڪاروهنوار کي ذاتي معاملا ڪري هلائڻ واري حوالي سان مختلف الزامن هيٺ آيل هاڻوڪي حڪومت جي آئيني مدي کان اڳ رخصتي جو تجزيو ڪندڙن سان اختلاف ڪندڙ سياسي پنڊتن وٽ وڏي ۾ وڏو دليل اهو آهي ته هاڻوڪي سيٽ اپ جو سولين متبادل رڳو ميان نواز شريف آهي، جنهن جي شخصيت ۽ روين بابت واشنگٽن ۽ راولپنڊي ٻنهي کي تحفظات آهن، سو هاڻوڪي حڪومتي سيٽ اپ جي رخصت نه ٿيڻ جو وڏو سبب متبادل نه هجڻ آهي. اهڙي ئي راءِ رکندڙ ڪنهن (ظاهري طرح) غير جانبدار سياسي پنڊت سان ڪچهري دوران پڇيم: نواز شريف جي حق ۾ واشنگٽن ۽ پنڊي ڇو ناهن؟

چيائين: ميان صاحب لاءِ تاثر اهو آهي ته هو شخصي طرح تمام ضدي به آهي ۽ خاص طور پنجاب ۾ حاصل تمام گهڻي سپورٽ هجڻ ڪري منجهس هڪ آمراڻو انداز اچي ويو آهي.

پڇيم: ضدي ۽ آمراڻي روش ته ميان صاحب ۾ اڳ ۾ به هئي هاڻي ڪهڙي نئين ڳالهه ٿي آهي؟

چيائين: اڳ نواز شريف جو والد ميان شريف جيئرو هيو، جيڪو اهم فيصلا نواز شريف کان مڃرائي وٺندو هو، هاڻي هو به حيات ڪونهي ۽ ٻي ڳالهه ته 90ع جي ڏهاڪي ۽ اڄوڪين حالتن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. هاڻي اتي واشنگٽن جي مفادن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي بقا جي جنگ پئي هلي ۽ خدشو اهو آهي ته ميان نواز شريف اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ هر ننڍي وڏي معاملي ۾ پنهنجي مرضي هلائڻ چاهيندو، جيڪو واشنگٽن ۽ پنڊيءَ لاءِ مونجهاري جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

پڇيم: ڇا اسان جي ملڪ ۾ فوج جي سڌي اقتدار ۾ اچڻ وارو سدا بهار آپشن متبادل طور استعمال ٿي سگهي ٿو؟

چيائين: ان آپشن بابت پير ٻڌي ڪجهه به چوڻ دانشمندي نه هوندي، پر سوات ۽ هاڻ وزيرستان ۾ دهشتگرديءَ خلاف هلندڙ ويڙهه توڙي بلوچستان جي حالتن سوڌو سال ڏيڍ اڳ اقتدار مان ويل فوج کي تڪڙ ۾ واپس اقتدار ۾ آڻڻ شايد فوج کي به في الحال بحيثيت اداري جي موزون نه لڳي ۽ واشنگٽن ۽ لنڊن کي به پاڪستان ۾ ڪنهن غير جمهوري حڪومت سان سهڪار ڪرڻ ۾ ٿوري ڦڪائي ٿيندي، تنهن ڪري ان آپشن جا به امڪان گهٽ آهن.

هڪ رٽائرڊ پر باخبر ڪاموري کان ساڳي موضوع تي ڪچهري ۾ کائنس پڇيم: خبرون گردش ۾ آهن ته ميان صاحب واشنگٽن ۽ لنڊن کي راضي ڪرڻ ۾ رڌل آهي ۽ کيس آسرو به مليو آهي ته ٿورو انتظار ڪريو؟

چيائين: ها، اهي ڳالهيون سياسي مارڪيٽ ۾ هلندڙ آهن ۽  چيو پيو وڃي ته اولهه جي قوتن جي ”فرمائش“ تي ئي ميان صاحب في الوقت حڪومت تي هٿ هلڪو ڪيو آهي ۽ ميان صاحب عملن اهو ثابت ڪري پيو ڏيکاري ته ظاهري طرح ڀلي سندس ڏيک گهڻو سخت گير هجي پر هو ”اهم معاملن“ ۾ ”سنگت جي صلاح“  کان ٻاهر نه ويندو.

پڇيم: ڇا ساڳيءَ ريت مالاڪنڊ آپريشن کانپوءِ اسان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ واشنگٽن وچ ۾ موجود اعتماد جو فقدان گهٽ ناهي ٿيو؟

چيائين: يقينن، جنهن مڪمل ڪمٽمينٽ سان اهو آپريشن ٿيو آهي، ان سان واشنگٽن خوش به آهي ۽ کيس اها به خبر آهي ته ان جو ڪريڊٽ سڌي ريت پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي وڃي ٿو، نه ڪي ڪنهن ٻئي کي.

مٿي ٻن مختلف انداز ۾ سوچيندڙ همراهن جا خيال صرف ٻن همراهن جا نه، پر مختلف حلقن ۾ موجود ٻه رايا آهن. اچو ته پاڻ تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ته آخر ٻنهي راين ۾ وڌيڪ وزن ڪنهن ۾ آهي؟ پر اهو سمجهڻ لاءِ ان بنيادي سوال جو جواب ڳولهڻو پوندو ته آخر هن حڪومت اهڙو ڇا ڪيو آهي، جو ان جي رخصت ٿيڻ بابت بحث شروع ٿي ويو آهي؟ ان جا چار جواب ٿي سگهن ٿا.

(i) خراب گورننس (i i) مالي بي قائدگين جا الزام (i i i) سياسي معاملن جي خراب مينجمينٽ (i v) يا سازشي عناصرن پاران هروڀرو جي افواهه سازي. اسان جي اقتداري سياست جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهي سبب ڪنهن حڪومت کي هٽائڻ کان اڳ جا مرحلا هوندا آهن ۽ حڪومت ڊاهڻ لاءِ Cause of Action (عمل جو سبب) ڪو ٻيو ٺهندو آهي، پر مٿي بيان ڪيل ڳالهين سان ماحول جڙڻ جي شروعات ٿيندي آهي، راءِ عامه جڙندي آهي عوام ۾ حڪومت لاءِ بيزارگي ۽ مخالفت جڙندي آهي، پوءِ ڪو اهڙو واقعو، حادثو يا ٽڪراءُ جنم وٺندو آهي، جنهن جو نتيجو حڪومتن جي رخصتي جو ڪارڻ بڻجندو آهي. اتي گهڻو کلي لکڻ کان پاسو ڪندي صرف اهو چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ 4  کان  6 مهينا حڪومت لاءِ انتهائي اهم آهن ۽ ڇاڪاڻ ته پيٽرول جي مهانگي ٿيڻ سوڌو مجموعي طور مهانگائي، لوڊشيڊنگ، خراب گورننس ۽ ٻين انيڪ سببن جي ڪري عوام خفا آهي ۽ حڪومت خلاف ماحول جڙيل آهي، تنهن ڪري ايندڙ مهينن ۾ ادارن جي ٽڪراءَ يا وڏن اسڪينڊلز جي ميڊيا تي اچڻ، سترهين ترميم جي خاتمي تي ڪنهن تڪرار جي اڀري اچڻ سوڌو (خدا نه ڪري) ڪنهن ٻئي وڏي هاڃي ٿيڻ جي صورت ۾ حڪومت لاءِ مشڪل صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن حڪومت روايتي انداز ۾ ”جڏهن مسئلو آيو، تڏهن ڏسنداسين“ واري روش برقرار رکي ته پوءِ حڪومت جي حق ۾ موجود (جيڪڏهن آهي ته) اهو جواز ته ”ٻيو ڪو متبادل آپشن ناهي“ ڪارگر نه رهندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن حالتون بنهه خراب ٿي وڃن ته پوءِ تبديلي لاءِ ڪنهن آپشن جي ڳولا بدران خود تبديلي (پوءِ ڪهڙي به هجي) خود آپشن بڻجي وڃي ٿي.

هر جمهوري ذهن رکندڙ ڀلي هو حڪومتي پاليسين جو وڏو نقاد هجي، پر سندس خواهش اها ئي هوندي ته سول حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري پر اقتداري سياست جا اصول وڏا بي رحم هجن ٿا ۽ حڪومتن ۾ اچڻ، حڪومتن جي برقرار رهڻ ۽ حڪومتن جي وقت کان اڳ رخصت ٿيڻ پويان حڪمرانن جون غلطيون، ڊگهي مدي واري حڪمت عملي نه هجڻ، مخالفن جون سازشون وغيره اهم فيڪٽر هجن ٿا، جنهن آڏو ڪنهن جي ۽ ڪا به خواهش ڪا اهميت نٿي رکي. ڪنهن به حڪمران کي پنهنجي حڪمراني جي آخري ڏينهن تائين ان ڳالهه تي يقين نه اچي رهيو هوندو آهي ته هو اقتدار مان فارغ ٿيڻ وارو آهي ۽ انهيءَ لاءِ هو عجيب و غريب فيصلا ڪندي نظر اچي ٿو. هاڻوڪي حڪومت جا تازا ٽي فيصلا انتهائي عجيب نوعيت جا سامهون آيا آهن، هڪ سپريم ڪورٽ پاران ڪاربن ٽيڪس کي ختم ڪرڻ واري فيصلي کانپوءِ يڪدم هڪ آرڊيننس ذريعي نئون ٽيڪس هڻي ٻيهر پيٽرول جو اگهه وڌايو ويو. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ان نئين حڪومتي قدم کي به رد ڪري ڇڏيو ته پوءِ حڪومت ڇا ڪندي؟ ٻيو حڪومتي فيصلو ايندڙ بلدياتي چونڊون ملڪي حالتن جي  خراب هجڻ جو جواز ڄاڻائي ملتوي ڪرڻ ۽ پوءِ جڏهن به اهي ٿيون انهن کي غير جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهو غير سياسي قسم جو فيصلو ائين نه ٿئي جو سڀاڻي حڪومت جي پنهنجي سامهون اچي وڃي، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ ”ملڪي حالتن“ کي جواز بڻائي غير سولين حڪمران چونڊون ملتوي ڪندا آيا آهن ۽  اهو پهريون ڀيرو ڪا سولين حڪومت ڪري پئي. ساڳيءَ ريت اليڪشن هڪ سياسي عمل هجي ٿو، سو ان سياسي عمل کي غير جماعتي قرار ڏئي غير سياسي عمل قرار ڏيڻ جي خواهش ماضي ۾ فوجي حڪمرانن وٽ هجڻ ته سمجهه جوڳي ڳالهه هئي پر هڪ سياسي جماعت جي سياسي حڪومت پاران اليڪشن جي عمل کي غير سياسي بڻائڻ جي خواهش منطق کان وانجهيل نظر اچي ٿي ۽ اها ڳالهه به مستقبل ۾ انهن آڏو هڪ مهڻي طور اچي سگهي ٿي. حڪومت پاران تازو ڪيل اهو فيصلو به عجيب ۽ کل جوڳو آهي ته موبائيل فون تي ملڪ جي سولين قيادت خلاف ”غير مهذب“ ايس ايم ايس يا انٽرنيٽ تي منفي پروپيگنڊا وغيره تي ٻڌل اي ميلز ڪرڻ تي حڪومت سخت قدم کڻڻ جو ارادو ڪيو آهي!! سوچيان ٿو ته ان حڪومتي فيصلي تي دلچسپ تبصرو ڇا پيو ٿي سگهي؟ پر وري سوچيان ٿو ته اهو فيصلو پاڻ ايترو دلچسپ آهي جو ان تي ڪو ٻيو تبصرو ڪري ان جو مزو وڃائڻ نه گهرجي.

ملڪي سطح کان هيٺ لهي سنڌ سطح تي اقتداري دنيا ۾ جهاتي پايون ٿا ته اتي به مستقبل جي اقتداري سياست جي حوالي سان مختلف بحث ۽ سرگرميون ٿيندي نظر اچن پيون. پ پ قيادت وٽ اها خواهش نما سوچ موجود نظر اچي ٿي ته سنڌ حڪومت ۾ اتحادي ڌرين سان سندس اتحاد جنم جنم تائين قائم رهي ۽ ايندڙ چونڊون جڏهن به ٿين ته پ پ، ايم ڪيو ايم، فنڪشنل ليگ، اي اين پي، وغيره هڪ ٻئي سامهون نه پر هڪ گڏيل اتحاد طور چونڊ وڙهن. اها خواهش اڄ ته ٺيڪ، پر ڪهڙي خبر چونڊون ڪهڙي ماحول ۾ ٿين ٿيون ۽ سڀاڻي اسٽيبلشمينٽ اهڙي ڪنهن چونڊ اتحاد جي ڪيتري حق ۾ هوندي، سو سڀاڻي ڪنهن ڏٺي آهي؟ ٻئي طرف پ پ منجهه ڪنڊائتا ٿيل حضرات انتظار پيا ڪن ته ڪڏهن ٿي حڪومت رخصت ٿئي ۽ هو به پارٽي مان رخصت ٿين، سو انهن حضرات جي به پاڻ ۾ صلاح مشاورت مستقبل جي حوالي سان جاري آهي. هوڏانهن مسلم ليگ (ق) جي دٻلي ۾ هڪ ٻئي دٻلي بلڪه، ٻه ٻيون دٻليون بڻجي ويون آهن. جنهن مان هڪ جي سنڌ ۾ قيادت ارباب رحيم ۽ ٻئي جي اڳواڻي غوث بخش مهر ڪري رهيا آهن، پر اڃا ق ليگ جي ٽين دٻلي ۾ اهي صاحبان گڏ آهن، جيڪي مرڳو ق ليگ مان ئي جند ڇڏائڻ جي چڪر ۾ آهن، جيڪي سٺو اگهه لڳڻ جي صورت ۾ گڏيل گروپ طور پ پ ۾ به وڃڻ لاءِ تيار رهيا آهن، ۽ گڏوگڏ نواز ليگ ۾ شموليت لاءِ به ليگي قيادت سان رابطا رکيو ويٺا آهن. توهان سوچيندا هوندا ته ان سڄي اقتداري ميلي ۾ عام ماڻهو لاءِ ڇا بدلبو ته جواب بنهه سولو آهي ته عام ماڻهو لاءِ ڪجهه به نه بدلبو؟ ان  اقتداري ميلي ۾ عام ماڻهو لاءِ پ پ وٽ سوچ اها آهي ته سنڌي ماڻهو وٽ پي پي کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ئي ڪونهي تنهن ڪري هو ٻيو ڪيڏانهن ويندو؟ جڏهن ته اڳ ۾ پاڻ اقتدار ۾ هوندي عام ماڻهن کي ”وڏي پڳ“ ٻڌرائيندڙ ڀوتارن جو خيال آهي ته پي پي حڪومت عوام کي مايوس ڪيو آهي، تنهن ڪري هو (ماڻهو) هاڻ پي پي بدران کين ووٽ ڏيندا!!

ڪنهن زماني ۾ انقلاب جي ڳالهه ڪندڙ ڪامريڊ چوندا هئا ته ”مهانڊا نه پر نظام مٽجڻ گهرجي“ پر سنڌ ۾ حقيقي تبديلي اچڻ ته ڇڏيو پر تياري ان ڳالهه جي ٿئي پئي ته هروڀرو مهانڊا به  ڇو بدلجن!؟ ڪا حقيقي تبديلي آڻڻ جي حوالي سان ٿيندڙ بحثن ۾ جڏهن اهو چوان ٿو ته حقيقي تبديلي تيستائين ممڪن ناهي، جيستائين ووڪل ڪلاس جا ماڻهو پاڻ مڙسي نه ڪندا ته اڪثر دوست مون سان بحث ۾ اٽڪي پون ٿا ۽ چون ٿا ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ماڻهو پاڻمرادو تبديلي آڻي وٺن. ان لاءِ ڪو ليڊر يا پارٽي ئي ڪجهه ڪري سگهي ٿي. ان ڏس ۾ هڪ دفعو ٻيهر ان اميد تي عرض رکان ٿو ته شايد تبديلي آڻڻ بابت منهنجو خيال چٽو ٿي سمجهه ۾ اچي سگهي. (ان ۾ ڪجهه ڳالهين جو ورجاءُ به هوندو، ڇاڪاڻ ته مختلف لفظن ۾ اهي ڳالهيون اڳ ۾ به ڪري چڪو آهيان) نقطو اهو سمجهڻ ضروري آهي ته سماج ۾ ڪا وڏي ۽ حقيقي تبديلي صرف اقتدار ۾ اچي ئي ٿي سگهي ٿي ۽ دنيا ۾ اقتدار ۾ اچڻ جا رڳو ٻه ئي رستا هجن ٿا، هڪ خوني يا فوجي انقلاب ۽ ٻيو رستو ووٽ ذريعي ۽ اسان وٽ في الحال ووٽ وارو ئي رستو ممڪن آهي ۽ ووٽ وٺڻ لاءِ هڪ سگهاري اليڪشن مشينري گهربل هجي ٿي. هن مهل هر تڪ ۾ يا ڪنهن پارٽي جي روايتي اميدوارن وٽ اها مشينري آهي يا انهن جي روايتي مخالف ڀوتارن وٽ اهڙي سگهاري مشينري آهي؟ سو يا ته ڏهاڪن کان ڪڏهن هڪڙي کي ۽ ڪڏهن ٻئي کي ووٽ ڏيڻ وارو سلسلو جاري رکجي يا پوءِ انهن ٻنهي جي مدِ مقابل هڪ ٽئين اليڪشنري مشنري وجود ۾ اچي. ظاهر آهي ته گهٽ وسيلن ۽ گهٽ تجربي تي ٻڌل ڪا ٽئين اليڪشنري مشينري اڳ ۾ ئي موجود سگهاري اليڪشن ٽيم کي ڪيئن ٿي مات ڏئي سگهي؟ ان جو صرف هڪ ئي جواب آهي ته تڪ جا ماڻهو ان اليڪشن ٽيم ۾ ڀرپور بهرو وٺن ۽ بهرو وٺڻ صرف نالي ماتر نه هجي، بلڪه تبديلي جا خواهشمند ماڻهو پنهنجي پوري سگهه ۽ ڀرپور جذبي سان جڏهن ميدان ۾ لهندا ته اها ٽئين اليڪشني ٽيم اڳ ۾ ئي موجود اليڪشني ٽيمن کي هارائي سگهندي. سو جڏهن چوان ٿو ته هر ووڪل ڪلاس جو ماڻهو جيستائين پاڻ مڙسي نه ڪندو تيستائين تبديلي نه ايندي ته ان جو مطلب اهو ئي هجي ٿو ته تبديلي اقتدار ذريعي اچي سگهي ٿي ۽ اقتدار ووٽ ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿو ۽ ووٽ وٺڻ لاءِ روايتي ڀوتارن کي صرف عوامي سگهه سان ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. سو جيڪڏهن هاڻ بحث رڳو ان ڳالهه  تي جاري رکڻو آهي ته دنيا ۾ ”بيضو پهرين آيو هيو يا مرغي“ يعني تبديلي لاءِ سياسي پارٽي پهرين ٺهي يا ووڪل ڪلاس جا ماڻهو تبديلي جي عمل ۾ بهرو وٺڻ لاءِ ذهني ۽ جسماني طرح پهرين تيار ٿين ته ڀلي اهو بحث ڪير ڪندو رهي، پر جيڪا ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي اها هيءَ ته جيڪڏهن ماڻهو تبديلي لاءِ پاڻ عملي طور حصو نه وٺندا ته هڪ بدران ڏهه پارٽيون ٺهي وڃن، ڪو خاص فرق نه پوندو ۽ جيڪڏهن ماڻهو تيار آهن ته به کين پاڻ منجهان هڪ باصلاحيت قيادت ۽ پارٽي ٺاهڻي پوندي. جيڪا تبديلي جي خواب کي منزل تائين پهچائي سگهي.

feedback_kawish@yahoo.com

Leave a Reply