اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا تي اسان ۽ اوهان سڀني ڏٺو ۽ پڙهيو ته جڏهن پنجاب جي اسيمبليءَ اندر سنڌ کي سندس جائز حقن مطابق پاڻي ڏيڻ واري ڳالهه اُٿي. تڏهن ڇا ڇا نه چيو ويو ۽ هن ملڪ جي چونڊيل صدر جي برخلاف ڇا نه چيو ويو.
نه فقط ايترو پر پنجاب جي سينئر وزير ته دڙڪو ڏنو ته هو وزارت تان ئي استعيفيٰ ڏيندو پر پنجاب جو هڪڙو پاڻيءَ جو ڦرو به سنڌ کي ڪو نه ڏنو ويندو!
خبر اٿوَ ته اهو همراهه ڪير هيو؟ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي کٽي ايندڙ ايم ايل اي هائو، هڪڙو جيالو ۽ وڏو پيپلو!
هڪڙي پراڻي چوڻي آ ته هڪڙي قديم ۽ وڏي لئي جي وڻ جي چوٽيءَ تي هڪڙي ننڍڙي ڦوسڙي ويٺي هئي، سو جڏهن اڏرڻ جي ڪيائين تڏهن لئي جي وڻ کي چيائين ته ”ابا، پاڻُ جهل جو مان هاڻي اُڏرڻ ٿي گهران“. تنهن تي لئي وراڻي ڏني ته: ”مائي تو جيتريون ڪيتريون ئي ننڍڙيون ڦوسڙيون توڙي وڏا وڏا پکي منهنجي چوٽيءَ تي اچي ويٺا ۽ اڏري هليا ويا، پر منهنجي صحت تي ڪو به فرق ڪو نه پيو. سو تون هڪڙي پتڪڙي ڦوسڙي جي ويهين ته ڇا ۽ اڏرين ته ڇا ڀلي اڏري وڃ“.
سو صاحبو، هن هڪڙي وزير صاحب جي استعيفا ڏيڻ سان پڻ هيڏي ساري وڏي لئي وانگر پارٽيءَ جي صحت تي ڪو به اثر ڪونه پوندو.
پر هن همراهه جي مٿين تقرير مان اها ته خبر پئي ته پنجابيءَ جي دل آخر ته پنجابيءَ جي آ.” هووي ايڪ ته ڀانوين ڏون ۽ جي ڏون ته هي جهڳو ۽ تون “.
اوهان کي ياد ڏياريان ته جڏهن پنجاب جي اڳوڻي گورنر مسٽر مصطفيٰ کر پيپلز پارٽي ڇڏي هئي، تڏهن نعرو هنيو هيائين ته: ”سنڌي وزيراعظم نه کپي“ ۽ اشارو هيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ڏانهن.
پر ٻئي پاسي وري اسان جي سنڌ اسيمبليءَ جي هال ۾ وري سنڌ حڪومت جي ئي پاڻيءَ واري وزير صاحب حڪومت جي پاليسيءَ جي وضاحت ڪندي اعلان ڪيو ته سال 1991ع واري ٺاهه مطابق اسان جي سنڌ کي ٺيڪ ٺاڪ ۽ برابر پاڻي پيو ملي. هاڻي ڇا عرض ڪجي.
اڙي سائين! اوهان ٿورڙي تڪليف وٺي پنهنجيءَ ايئرڪنڊيشنڊ وڏي گاڏيءَ ۾ چڙهي وڃي سنڌو درياهه جي پل تي ڪار مان هيٺ لهي درياهه شاهه جو ديدار ڪيو ته اوهان کي ڇوليون هڻندڙ سنڌو ننديءَ جي بدران سندس پيٽ ئي سڪي ٺوٺ ٿيل نظر ايندو جو هاڻي ته سندس زمين ئي خشڪيءَ جي ڪري ڦاٽي پئي آ جو اها چيڪي مٽي آ.
هاڻي انهيءَ سنڌو نديءَ مان تيز رفتار سان ابتو ويندڙ پلو ڪو نه ڏسندؤ. هاڻي توهان سنڌو ندي کي ڪچي کي سيراب ڪندي ڪو نه ڏسندؤ. هاڻي توهان سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا ۾مٺي پاڻيءَ جي بدران سمنڊ جي وير ايندي ڏسندؤ. هاڻي توهان درياهه شاهه ۽ اها مڇي ڪو نه ڏسندؤ. هاڻي اها سنڌو ندي جنهن جي مٺي پاڻيءَ جي ڪري ئي اسان سڀ سنڌي زندهه ۽آباد آهيون، اها ندي هاڻي پاڻيءَ سان ڀرجي ڪو نه وهندي ڏسندؤ. پوءِ سنڌي ويچارا ڪاڏي وڃن.
هڪڙي پاسي اهو ”پاڪستان کپي“ چئي چئي ٿڪجي پيا آهيون ته ٻئي پاسي وري اهي حال آهن ته پوءِ هو مهربان. ”اڃان به چون ٿا ته وفادار ناهيون“.
پر جي اسان وفادار ناهيون ته توهان وري ڪهڙا دلدار آهيو.
Filed under: روزاني عوامي آواز, عبدالوحيد ڪٽپر