اونداهي دؤر مان واپسيءَ جي جدوجهد ليکڪ : امداد سومرو

هزارين مبارڪون ۽ مهربانيون چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سپريم ڪورٽ جون جنهن هڪ اهڙي اشوءَ تي نوٽيس ورتو آهي، جنهن کي اسان جي سماج ۾ بحث ڪرڻ، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جوڳو ئي نه سمجهيو ويو آهي. نه رڳو اهو پر اسان جي ٻوليءَ ۾ انهيءَ ڪميونٽيءَ لاءِ ڪو احترام جوڳو لفظ به موجود نه آهي. لفظ نفسيات جوڙين ٿا. اهو ماحول جنهن ۾ اسان ننڍا وڏا ٿيا آهيون، ڌڪار ۽ امتيازي سلوڪ جو رويو اصل ۾ اسان جي ٻولي ۽ نفسيات جو تعين ڪري ٿو. ناچ، هم جنس پرستي، هجڙن (کدڙن) ۽ ان قسم جي اشوز ڏانهن اسان جو رويو انتهائي منافقاڻو ۽ احمقاڻو آهي. اسان برابريءَ وارن انساني حقن کي ان وقت وساري ويهون ٿا، جڏهن مامرو مٿين اشوز بابت اچي ٿو.

60ع ۽ 70ع وارن ڏهاڪن ۾ جنس بدلائڻ وارو مامرو (transsex) سڄي دنيا ۾ هڪ وڏي لهر طور اڀريو. جنس بدلائيندڙن لاءِ امريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ ڌرتي تنگ ڪئي وئي. مون ان تي هڪڙو زبردست ڪتاب “Conundrum” پڙهيو هو، جنهن ۾ پنهنجي جنس بدلائيندڙ کي 60ع واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي سماج ۾ ڪيتري ڌڪار مان گذرڻو پيو هو، ان جو هڪ ڏکوئيندڙ تفصيل هو. پر اسان جنهن کي سولائيزيشن چئون ٿا، اسان اها اولهه جي تقريبن معاشرن ۾ ڏسي سگهون ٿا. جيتوڻيڪ اهو هڪ تڪراري پهلو هوندو پر انفرادي آزادي، انساني حقن ۽ لبرل قدرن جي حوالي کان يورپ ۽ آمريڪا اسان کان گهڻو گهڻو اڳتي نڪتل آهن.

حيرت آهي ته گذريل هفتي دهلي هاءِ ڪورٽ جڏهن هم جنس پرست جوڙن کي شاديءَ جي اجازت ڏني ته اسان وٽ ان حوالي کان دلچسپ تبصرا پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ مليا ۽ هنن صفحن جي مستقل ڪالم نويس عمر قاضيءَ ان فيصلي جي حمايت ۾ لکڻ باوجود پنهنجي ”دامن“ کي بچائڻ لاءِ اهو به لکيو ته، هم جنس پرستيءَ تي سوچي مون کي گِهنَ ايندي آهي پر ان باوجود اهو هنن جو حق آهي، وغيره.

سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ هن ڪميونٽيءَ لاءِ (جڏهن هتي ڪميونٽي يا برادريءَ جو لفظ اچي ته اهو نه سمجهيو وڃي ته مان ان کي باقي سماج کان الڳ ڪيان ٿو. پر جيئن ڪا به برادري ۽ ڪميونٽي هجي ٿي، سمورن حقن ۽ پوري وقار سان هيءَ ڪميونٽي به سماج جو اهڙو حصو آهي). ڪو به معتبر لفظ سماج ۾ انهيءَ ”ڪمزور“ سمجهي ويندڙ برادريءَ لاءِ آهي: کدڙو، فقير—يا جيئن ننڍي کنڊ ۾ هنن کي ”خواجه سرا“ سڏيو وڃي ٿو. اهي سڀ لفظ دراصل هنن سان تاريخ جي ڀيانڪ امتيازي سلوڪ کي پڌرو ڪن ٿا.

اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اتي منافقت اسان جو سماجي قدر بڻيل آهي. پيئڻ کي اسان ممنوع بڻائي ڇڏيو آهي پر اهو سڀ ڪجهه هلي ٿو. اسان بار (Bar) بند ڪري پاڻ کي اصل ۾ پرهيزگار بڻايو پر هوش وڃائيندڙ پياڪي جاري آهي. ويندي پياڪيءَ کي پابنديءَ وڌيڪ شدت بخشي. ڇا ننڍي کنڊ ۾ پياڪيءَ جي عظيم روايت نه هئي ۽ صوفين ته پياڪيءَ کي پنهنجي رقص ۽ شاعريءَ جو محور بڻائي ڇڏيو پر نئون ملڪ جيڪو مذهب جي نالي تي وجود ۾ آيو، ان مسلمانن کي ٻيهر مسلمان ڪيو ۽ پرهيزگاري بندوق ۽ آئيني ترميمن جي ڏنڊي سان آندي وئي. ضياءَ الحق وارو پاڪستان اسان کي ٻيهر مسلمان ڪرڻ وارو پاڪستان آهي. پر ضياءَ الحق اڃا مئو ناهي. هو زنده آهي پنهنجي پابندين، جبرن ۽ منافق ترميمن ۽ تعزيرن سان.

ڳالهه ماڻهوءَ جي انفرادي چونڊ (choice) جي آهي. ماڻهو شخصي طور پاڻ کي ڪٿي فرحت بخش يا آزاد محسوس ڪري ٿو ۽ ڪٿي هو فطري خوشي محسوس ڪري ٿو، ان کي اهو حق آهي ته هو پنهنجي زندگي اصل ۾ پنهنجي مرضيءَ واري طرز عمل سان گذاري. پاڪستان ۾ ڪنهن به سياسي ترقي پسند، روشن خيال جماعت، نام نهاد سول سوسائٽي وارين تنظيمن، نام نهاد دانشور لڏي توڻي ميڊيا اسان جي سماج ۾ اهڙن اشوز کي ڇهيو نه آهي، يا جي ڇهيو آهي ته پنهنجي شرمساري، لڄ ۽ نام نهاد پاڪائي ۽ پرهيزگاريءَ تي ”ٽڪو“ اچڻ نه ڏنو آهي. لڄار، شرميلي ۽ پرهيزگار اسان جي انهن طبقن وٽ شايدgender-sensitivity جو ڏڪار آهي. ”سائين فلاڻي عورت مڙس ماڻهو آهي“، اسان وٽ عام طور بهادر ۽ جرئتمند ڪنهن عورت لاءِ اهو چيو ويندو آهي. يعني عورت بهادر ۽ جرئتمند ٿي نه ٿي سگهي. پر اڄوڪي هن بنهه جديد دؤر ۾ جڏهن اسان جي وڌ ۾ وڌ پڙهي ويندڙ سنڌي اخبار جي عورتن لاءِ هفتيوار ايڊيشن جو عنوان ئي ”نازڪ“ هجي ۽ اهڙي عنوان بابت عورتن جي جاڳرتا لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن يا انفرادي شخصيتن پاران ڪا به تنقيد نه ايندي هجي، اتي اسان جو باقي عام ماڻهو ڪيترو gender sensitive هوندو، ان جو اندازو اوهان آسانيءَ سان لڳائي سگهو ٿا.

مهرباني ڪري هاڻ روايتن جي انهيءَ مسلسل زنجير کي ٽوڙيو–  ۽ ڪجهه اهڙو ڪيو جيڪو اوهان جي سماج ۾ روين جي واضح تبديليءَ سان محسوس ٿئي.

14 جولاءِ تي نامياري قانوندان ڊاڪٽر محمد اسلم خاڪيءَ جي پٽيشن تي ٻڌڻي ٿي. مائي لارڊ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي سربراهيءَ ۾ 3- رڪني بئنچ پاران وفاقي حڪومت ۽ سمورين صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ٽرانس جينڊر ڪميونٽيءَ کي سمورا برابريءَ وارا حق ڏنا وڃن ۽ کين برابر حق ڏيڻ کان علاوه سندن مالي مدد ڪئي وڃي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان پڻ کين مستفيض ڪيو وڃي ۽ بيت المال ۽ ٻين صوبائي پروگرامن مان کين مالي مدد فراهم ڪئي وڃي.

احترام لائق ڊاڪٽر محمد اسلم خاڪي جيڪو هن ٻڌڻي جو پٽيشنر آهي، انهيءَ ان ڪيس ۾ تڏهن هٿ وڌو جڏهن پوليس تازو ٽيڪسيلا ۾ ڪيترن خواجه سرا جوڙن کي گرفتار ڪيو. هن ٻڌڻي دوران چيو ته هڪ فلاحي رياست طور حڪومت کي هن ڪميونٽيءَ کي سمورا حق ڏيڻ گهرجن ۽ جيڪي به مسئلا هنن سان لاڳو آهن اهي حل ڪيا وڃن. ڊاڪٽر خاڪيءَ جي ريسرچ ان حوالي کان انتهائي اهم آهي–  ۽ هن کي ڪافي مواد ڌرتي ڊولپمينٽ سوسائٽي (DDS) فراهم ڪيو آهي جيڪا تنظيم منصور ڏاهري هلائي ٿو. منصور پنهنجي ريسرچ ۽ پاڪستان ۾ انهيءَ ڪميونٽي جي حوالي کان مسئلن تي مشتمل پورو ڊاڪيومينٽ ڊاڪٽر خاڪيءَ ڏانهن موڪليو هو ۽ هُن چواڻي، ڊاڪٽر خاڪي ان کي بنياد بڻائي پٽيشن داخل ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ ايندڙ مهيني جي ٽئين هفتي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي ۽ ڊاڪٽر خاڪيءَ DDS جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر منصور ڏاهريءَ کي اسلام آباد گهرايو آهي، جتي هو پنهنجي پيپر سان گڏ ويندو.

هي ڪالم لکڻ دوران منهنجو ڊاڪٽر محمد اسلم خاڪيءَ سان سندي سيل فون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ اسان کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اين جي اوز جيڪي ان اشوءَ تي ڪم ڪن ٿيون يا ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿيون، يا انفرادي طور ساڃاهه وند ماڻهو ان متعلق سنجيدگي رکن ٿا، اهي تجويزون ۽ سفارشون کڻي اچن ته جيئن ان روشنيءَ ۾ سپريم ڪورٽ ڪو directive ڏئي سگهي. ڊاڪٽر خاڪيءَ 14 جولاءِ واري ٻڌڻيءَ دوران حيدرآباد ڦول (کدڙا) ڳليءَ جي حوالي کان پڻ ڳالهايو ته اها ايريا ڄاڻايل ڪميونٽيءَ جي آهي پر هاڻ اها ايريا ڪميونٽي حوالي ناهي. ان تي اعليٰ عدالت هڪ الڳ درخواست جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ”هاڻ اهو اوهان ۽ اين جي اوز تي آهي ته هڪ الڳ درخواست عدالت سڳوريءَ ۾ داخل ڪرائين ته جيئن اهو مامرو اڳتي اچي سگهي؟“ ڊاڪٽر خاڪيءَ مون کي ٻڌايو. دراصل ڦول ڳلي انگريز راڄ دوران کدڙا فقيرن (ٻيو ڪو نالو نه ٿو سُجهي ۽ مان به ان نالي تي منجهيل آهيان) لاءِ ڦول ڳلي جوڙائي ڏني وئي هئي ته جيئن هو عام شهرين وانگر رهي سگهن. چيو وڃي ٿو ته سڄي سنڌ جو چيف گرو اڃا به اتي رهائش پذير آهي. منصور جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٽرانز جينڊرز (هڪ ٻي ٻوليءَ مان اڌارو ورتل لفظ) جو تعداد ڪجهه لکن ۾ آهي.

حيرت آهي ته اڃا تائين اسان هن ڪميونٽيءَ کي عام انسان طور ٽريٽ نه ٿا ڪريون. هنن سان ميل جول عام ماڻهن وانگر نه ٿي ڪئي وڃي. توهان مشڪل سان ڪهن ٽرانز جينڊر کي ڪنهن ڪلينڪ يا اسپتال ۾ علاج واسطي ڏٺو هوندو. اهي علاج ڪٿان ۽ ڪيئن ڪرائيندا آهن؟ اوهان ڪٿي به کين عام ماڻهوءَ واري زندگي گذاريندي نه ڏٺو هوندو. اسان جي سڳوري قومي شناختي ڪارڊ ۾ عورت ۽ مرد جو جنس ۾ آپشن آهي پر ٽرانز جينڊر وارو نه آهي. جيڪڏهن ڪنهن هجڙي جو شناختي ڪارڊ ٺهيل آهي ته ان ۾ تعجب جهڙي ڳالهه اها آهي ته فوٽو واري خاني ۾ وڏن وارن ۽ عورت جو ڏيک ڏيندڙ تصوير هجي ٿي پر جنس واري خاني ۾ ”مرد“ لکيل هوندو آهي.

اسان وٽ آدم شماري ۽ گهرشماريءَ ۾ هيترو تعداد رکندڙ ڪميونٽيءَ کي شامل نه ڪيو ويو آهي. هڪ سفارش اها به ٿي سگهي ٿي ته ايندڙ آدمشماري ۽ گهر شماريءَ ۾ هن سڄي ڪميونٽي کي شامل ڪيو وڃي. جيترو تعداد ڊڪليئر ٿئي، ان آڌار نوڪرين جي ڪوٽا مقرر ڪئي وڃي. کين اسيمبلين ۾ مخصوص ڪوٽا (especial quota) تي آندو وڃي جيئن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ هنن جا پهتل نمائندا پنهنجي ڪميونٽي جي مسئلن کي چڱيءَ طرح ايوان آڏو رکي سگهن ۽ مسئلن جي نشاندهيءَ کان سواءِ انهن جي حلن بابت تجويزون ڏئي سگهن. انڊيا ۾ هر صوبي مان هڪ نمائندو اسپيشل ڪوٽا تي خواجه سرائن مان چونڊجي ٿو. سڌريل سماج ۾ هنن کي برابر حق فراهم ٿيل آهن پر اسان وٽ هو بنيادي حقن کان محروم آهن. کين ووٽ ڏيڻ جو به حق ناهي. هو اڃا به اونداهي دؤر جا رهواسي آهن ۽ سمورن بنيادي سول رائيٽس (انساني حقن) کان محروم آهن.

سپريم ڪورٽ کي اپيل آهي ته اها ان سڄي ڪميونٽيءَ جو ووٽ رجسٽرڊ ڪرائڻ جي هدايت ڪري ته جيئن عام چونڊن ۾ اهي پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪري سگهن.

(ڪنهن دوست ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ هڪ مشهور هجڙي کي هن ڪارل مارڪس پڙهندي ڏٺو–  ٿينڪ لارڊ، ڪميونسٽ ملڪن ۾ هنن جي حالت زار ڪيئن هوندي هئي ۽ روشن خيال سيڪيولر ترڪيءَ جي باني ڪمال اتاترڪ جي دؤر ۾ ساڻن ڪهڙو رويو روا رکيو ويو هو؟).

اسان کي اميد آهي ته مائي لارڊ جسٽس افتخار محمد چوڌري ايترو ڪجهه ڪري سگهندو جو ڄاڻايل ڪميونٽيءَ جي (1) مردم شماري ممڪن بڻجي سگهندي (2) کين ووٽر لسٽن ۾ رجسٽرڊ ڪري ايندڙ عام ۽ مڪاني چونڊن ۾ ووٽ ڪرڻ ۽ ويندي چونڊن ۾ بيهڻ جو حق ڏنو ويندو يا (3) سندن مخصوص ڪوٽا مقرر ڪئي ويندي (4) قومي شناختي ڪارڊن ۾ هنن لاءِ الڳ جنس وارو خانو ڇڏيو ويندو ۽ انهيءَ نشاندهيءَ ۾ قباحت محسوس نه ڪئي ويندي (5) نوڪرين ۾ برابر ڪوٽا مقرر ڪئي ويندي ته جيئن هو بيروزگاريءَ کي منهن ڏئي سگهن ۽ باقي شهرين سان گڏجي سماج جي هر شعبي ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن (6) هنن لاءِ تعليمي ادارن ۾ داخلا کي يقيني، ضروري ۽ مفت بڻايو وڃي ۽ (7) کين مڪمل سماجي انصاف مهيا ڪيو وڃي.

ڳالهه رڳو اهي مسئلا حل ڪرڻ يا ڪوٽا مقرر ڪرڻ جي نه آهي. پر اصل ۾ سماج اندر جيڪو رويو هنن لاءِ ڊگهي سماجي غلاميءَ جو ذريعو بڻيل آهي، ان کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. عام ماڻهن کان وڌيڪ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ميڊيا، انٽلجنشيا، سول سوسائٽي جا سمورا گروپ ۽ سماج ۾ راءِ رکندڙ حلقا هاڻ سندي پرهيزگاري، لڄائپ ۽ شرمساريءَ مان نڪرن ۽ خود سندو رويو تبديل ڪن ته ان جو اثر عام ماڻهوءَ تي به يقينن ايترو پوندو.

اهو سڀ ڪجهه اسين هڪ اهڙي ملڪ ۾ ممڪن ٿيندي ڏسڻ گهرون ٿا، جتي هڪ ايس ايم ايس (SMS) ۽ اي ميل جيڪڏهن سائبر ڪرائيم ايڪٽ هيٺ اچي ٿي ته ان جي سزا 14 سال قيد آهي. اهو مسلم دنيا جو الميو آهي.

مصر ۾ تازو هڪ سرڪاري ملازم جي صدر حسني مبارڪ تي طنزيه نظم لکڻ تي 14 سال سزا ٻڌائي وئي آهي ۽ ان کي 14 سالن جي سزا ۾ جيل ڀيڙو ڪيو ويو آهي. صدر حسني مبارڪ جي مصر هڪ نظم کان ايترو ڊنل آهي؟

اهڙي طرح اسلامي دنيا جو واحد ائٽمي طاقت رکندڙ ملڪ جتي پيئڻ، نچڻ ۽ هر آزاد قدر تي پابندي آهي. سڀ ڪجهه منافقت ۽ ٻٽي معيار جي انيڪ پردن ۾ لڪل آهي ۽ ٻاهر جيڪو ٿي رهيو آهي اهو عظيم ٽوپي ڊرامو آهي. اهڙي ملڪ ۾اسان چاهيون ٿا ته سماج جي ڌڪار جي ڊگهي تاريخ رکندڙ انهيءَ ڪميونٽي سان انصاف ڪيو وڃي. معاشي انصاف ۽ سماج ۾ برابري ڀريو انصاف.

مائي لارڊ جسٽس چوڌري جيڪڏهن پنهنجي ايڪٽوزم (فعاليت) کي ان دائري ۾ رکي ٿو ۽ هن جي سپريم ڪورٽ پارليامينٽ ۽ حڪومت جي دائري ڪار يا هر مامري ۾ مداخلت نه ٿي ڪري، ته هو واقعي به نجات دهنده طور ياد رکي سگهجي ٿو. هو سڄي عمر انهيءَ ڪرسيءَ تي نه هوندو پر جي هن پنهنجي انهيءَ ٽينوئر کي اسان جي سماج کي ڄور وانگر چهٽيل ڪيترن ناسورن کي ختم جي نه به ڪرائي سگهيو ۽ رڳو انهن متعلق نوٽيس به وٺي سگهيو ته اها به وڏي ڳالهه آهي. سچ ته وڏي ڳالهه آهي.

imdadsoomro@gmail.com

Leave a Reply