اهڙو ڪوانڌير؟ ! جهڙو ساريءَ سِنڌُ ۾ !!! ليکڪ : عبدالسميع سومرو

هر قوم جي سُڃاڻَپ اُن جي ٻوليءَ تهذيب ۽ ثقافت سان ئي هوندي آهي۔ جن قومن پنهنجي ٻولي وڃائي ، انهن نه رڳو پنهنجي نسبت پر وجود به وڃايو آهي ۔ اُنهن مان ڪِن جو ته ناءُ نشان ئي گم آهي ته ڪي وري آڳاٽي تواريخ جي ورقن ۾ لِڪيل آهن۔ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ ٻوليءَ جو واهِپو ۽ اُن ۾ ڄاڻايل ڪردارن جو اصُلي حالت ۾ جِياپو لازمي آهي۔

سنڌي ٻوليءَ سان جنگ نه رڳو ڌارين ڪئي پر پنهنجن به  پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻڻ کان وسئون نه گهٽايو آهي ڪِن اَڻَ ڄاڻائيءَ ۾ ته وري ڪِن لالچ يا چمچي بازي ۾.

ڪڏهن اوهان غور ڪيو آهي؟ اندرون سنڌ ته چيو وڃي ٿو پر اندرون پنجاب اندرون بلوچستان يا اندرون پختونستان ڇو نٿو چيو وڃي؟ هڪڙي مشهور اردو اخبار جي آڳاٽي وقت کان لڳاتار پڙهندڙن اِهو ڏٺو هوندو ته اخبار جي هڪ ڀاڱي ۾خبرن جو مُک عنوان پهريون ڪراچي ڪي خبرين اندرون سنڌ ڪي خبرين ڪجهه وقت کان پوءِ ڪراچي ڪي خبرين حيدرآباد ڪي خبرين اندرون سنڌ ڪي خبرين وري اڃان ڪجهه وقت کان پوءِ ڪراچي ڪي خبرين حيدرآباد ڪي خبرين ميرپورخاص ڪي خبرين اندرون سنڌ ڪي خبرين ان تي به سنڌ واسين جو ڪوو رد عمل ٻڌڻ ۾ نه آيو سواءِ نثار کُهڙي جي. جيڪو هينئر سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر آهي  ـ رُڳو ايترو ئي نه پر سنڌ جي تاريخي ڪردارن شَهرن ۽ ماڻهن جي نالن کي به ڄاڻي واڻي غلط اُچارين ۽ لِکن ٿا جهڙوڪ مارُئي کي مارِوي سَسُئي کي سَسِي نئون ديرو کي نو ديرو پاڳارو کي پگاڙو ۽ وغيره وڏي جُٺ ته اِها آهي ته اِن ڏََسَ ۾ سنڌي پاڻ ڌارين جي پوئلڳي ڪن ٿا. ڪراچيءَ ۾ ڪيترا سنڌي ڌارين سان ڳالهائيندي پاڻ چوندا آهن سنڌ گيا ٿا ٻيو ته پنهنجي جاءِ تي پر انٽرنييٽ تي ڪاوش  اخبار ڏسو عنوانن ۾  لکيل نظر ايندو اندرون سنڌ جون خبرون کائن ڪو پڇي   ته بيرون سنڌ ڪهڙي آهي؟ مون کين لکيو ته سنڌ لاءِ اندرون جو لفظ نه لکوپر مون ڏي ڌيان نه ڏنوويو اهڙي طرح شهري آبادي ۽ ٻهراڙيءَ جي آبادي جو مُهاوِرو به شايد اِن لاءِ ئي ورجايو وڃي ٿو ته عام عوام جي وات تي اها وائي اڳواٽ ئي  هجي ته جينئن سنڌ جي ورهانڱي ڪرڻ لاءِ رڳو رسمي ڪاروائي ڪرڻ باقي رهي. هونئن به رکي رکي پاڪستان ۾ نون صوبن ٺاهڻ جون ڳالهيون اخبار ۽ ٽيليويزن تي اينديوون رهن ٿيون. اِن کان سواءِ سنڌي پهنجي سِر پاڻ سندرو ٻڌي ٻوليءَ کي ڪات ڪهاڙا هڻي چيري چِچِري هڪ ٻئي کان اڳ اڳرا نظر اچن ٿا اِن ڏَسَ ۾ سنڌي اخبار ۽ سنڌي ٽيليويزن ته ليڪا ئي لنگهي ويا ـ ٿورو اِن تي به غور ڪيو. ٻوليءَ کي زُبان، ماءُ کي اَمي، ڀاء کي ڀائي جان، ڀيڻ کي باجي، ماسي کي خالا، (ڪراچي ۾ ڪيترا  سنڌي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهائيندي به گهر ۾ ٻُهاري ۽ پوچِي ڪرڻ  واري نوڪرياڻيءَ کي  ماسي چوندا آهن  رڳو اِن ڪري جو اُتي غير سنڌي کيس ماسي چوندا آهن)  ۾ جي جاءِ تي اندر يا تحت، هَٿِ ڪيو جي جاءِ تي بازياب ڪيو، فعل آهي کي جملي جي آخر ۾ نه پر وچـ۾ رکيو وڃي ٿو جهڙوڪ ڪندو آهي کي آهي ڪندو، ٿيندو رهندو آهي کي آهي ٿيندو رهندو، هوندو آهي کي هُجي ٿو ۽ وغيره وغيره. جي اِهو حال رهيو ته نيٺ ڇا ٿيندو؟

(ع.س)

اضافو

سنڌي قوم جيڪا گهڻي وقت کان غلامي جي حالت ۾ رهڻ جي ڪري ڪيترين ئي سماجي براين جي ور چڙهيل آهي.۽ غلامي سبب هر روز ڌارين جي يلغار سبب سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهين ٻئي طرف 5000 سالن واري اسان جي قديم مادري زبان جو وجود خطري ۾ آهي ڇاڪاڻ جو اسان تا هڪ ڌاري ٻولي مڙهي وئي آهي ۽ اسان سنڌي پنهنجي ٻولا جي بقا۽ جي جنگ وڙهڻ کان قاصر آهيون.وڏن شهرن ۾ جڏهن ڪو ب سنڌي ڪنهن دڪان يا هوٽل تي وڃي ٿو ت هو ان جي عملي سان سنڌي ڳالهائڻ جي بدران اردو ٿو ڳالهائي ۽ مون ڪيترن ئي جڳهين تي نوٽ ڪيو آهي ت خريدار ۽ دڪان يا هوٽل جو مالڪ ٻئي سنڌي هوندا آهين پر انهن جي وچ ۾ ڳاله ٻوله اردو ۾ پئي ٿيندي آهي پر اسان سنڌي خبر ناهي ڇو پنهنجي مادري ٻولي کي ڇڏي ڌاري ٻولي کي ڳالهائڻ ۾ ترجيح ڏيندا آهيون.موبائل تي ايس ايم ايس لکڻ لا۽ ب اسان رومن اردو جو استعمال ڪيون ٿا پر اتي اسان کا اهو ميسيج سنڌي ۾ ڪرڻ جي زحمت نٿي ٿئي.هيٺ ڏنل ڪاوش جي خبر وارن انگن اکرن تحت ت اسان ڪجه ئي سالن اندر پنهنجي پياري ٻولي جي وجود کي وڃائي ويهنداسين.سنڌ اندر اردو ميڊيم اسڪولن جو وڏي تعداد ۾ کلڻ ۽ اسان سنڌين جو هروبرو اردو ڳالهائڻ سنڌي ٻولي جي لا۽ وڏو خطرو آهن.

ڌارين قومن سان ڳالهائڻ وقت جڏهن اسان هنن جي ٻولي استعمال ڪنداسين ت پو۽ هو ڪڏهن ب سنڌي سکڻ جي زحمت ن ڪندا ۽ اسان سدائين لا۽ پرائي ٻولي ڳالهائڻ جا عادي ٿي وينداسين.

بشير آريسر

ملڪ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ 14.10 ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ 44.15 سيڪڙو رهن ٿا

ڪراچي: 1998ع جي آدمشماري موجب پاڪستان جي ڪل آبادي ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ 14.10سيڪڙو، اردو ٻولي ڳالهائيندڙ 7 ڏهائي 57 سيڪڙو، پنجابي ٻولي ڳالهائيندڙ 44 ڏهائي 15 سيڪڙو، سرائيڪي ٻولي ڳالهائيندڙ 10 ڏهائي 53 سيڪڙو، بلوچي ٻولي ڳالهائيندڙ 3 ڏهائي 57 سيڪڙو، پشتو ٻولي ڳالهائيندڙ 15 ڏهائي 42 سيڪڙو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 4 ڏهائي 66 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ملڪ جي ڪل آباديءَ مان 96 ڏهائي 16 سيڪڙو مسلمان، هڪ ڏهائي 49 سيڪڙو عيسائي، هڪ ڏهائي 40 سيڪڙو هندو، 0 ڏهائي 33 سيڪڙو شيڊول ڪاسٽ وارا، 0 ڏهائي 35 سيڪڙو قادياني ۽ 0 ڏهائي 6 سيڪڙو ٻين مذهبن جا ماڻهو آهن، 1998ع جي آدمشماري موجب ملڪ جي ڪل شهري آبادي مان 21 سيڪڙو شهري ڪراچي ۾ رهن ٿا، 12 ڏهائي 7 سيڪڙو لاهور، 4 ڏهائي 7 سيڪڙو فيصل آباد، 3 ڏهائي 3 سيڪڙو راولپنڊي، 2 ڏهائي 8 سيڪڙو ملتان، 2 ڏهائي 7 سيڪڙو حيدرآباد، 2 ڏهائي 6 سيڪڙو گجرانوالا، 2 ڏهائي 3 سيڪڙو پشاور، هڪ ڏهائي 8 سيڪڙو ڪوئيٽا، هڪ ڏهائي 2 سيڪڙو اسلام آباد، هڪ ڏهائي هڪ سيڪڙو سرگودا ۽ ڪل شهري آباديءَ جو هڪ سيڪڙو شهري سيالڪوٽ ۾ رهن ٿا.

.

2 Responses

  1. from Ahmed Ali Mangrio
    to myshikarpur@yahoogroups.com
    date 9 July 2009 00:46
    subject Re: ‎[myshikarpur]‎ Re: سنڌي ٻولي جي وجود کي خطرو آهي
    mailed-by gmail.com
    hide details 00:46 (3 hours ago)
    Though I personally do not agree with some of your points (that I will discuss these points later in my blog) but you look concerned about the fate of Sindhi language, it is good for all Sindhies. As your article points some critical issues regarding Sindh and Sindhi language, therefore I uploaded your words here (for future reference) : http://sindhmail.wordpress.com/2009/07/08/اهڙو-ڪوانڌير؟-جهڙو-ساريءَ-سِنڌُ-۾-ليک/

    مون کي توهان جي راءِ جو احترام آهي پر ڪجهه سوالن جي جرات ڪيان ٿو.

    هڪ ڌاريو لفظ “الست” سنڌي ۾ ڪٿان آيو؟ ڪنهن استعمال ڪيو؟
    ڇا جي سنڌين کان زمين کسي ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ جي سازش ٻوليءَ ۾ نوام لفظ ڏيڻ کان وڏي آهي؟

  2. Very nice points, Sindhi language is not only ignored by others but sindhi are also avoid it.

Leave a Reply